Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

ٻوڏ جو خطرو: ڪوٽڙِي بئراج جي ڀرپاسي وارين آبادين لاءِ چِتاءُ جاري

ڪوٽڙي بئراج وٽ پنج لک ڪيوسڪ پاڻي آيو تہ ڪچي جا علائقا محفوظ نہ رھندا

هن وقت ڊائون اسٽريم پاڻيءَ جو وهڪرو 2 لک 53 هزار ڪيوسڪ آهي. سکر بئراج مان پاڻي ڪوٽڙي بئراج تائين پهچڻ ۾ 7 کان 8 ڏينهن لڳي ويندا

حيدرآباد

صوبائي وزير اوقاف ، مذهبي معاملا، زڪوات و عشر ۽ فوڪل پرسن ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي بيراج براءِ فلڊ ايمرجنسي سيد رياض حسين شاهه شيرازيءَ خبردار ڪيو آھي ته جيڪڏهن ته 5 لک ڪيوسڪ پاڻي ڪوٽڙي بيراج وٽ آيو ته ڪچي جا علائقا محفوظ نه رهندا، اهڙي صورتحال جي پيش نظر ڀرپاسي جي آبادين کي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

جمعي ڏينھن حيدرآباد ۾ سنڌو درياھ جي بندن جو معائنو ڪرڻ مھل ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھائيندي شيرازيءَ چيو تہ هن وقت ڊائون اسٽريم ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو 2 لک 53 هزار ڪيوسڪ آهي. سمورا حفاظتي انتظام مڪمل آهن جڏهن ته صورتحال ضابطي ۾ آهي. هن چيو ته سکر بئراج مان پاڻي ڪوٽڙي بئراج تائين پهچڻ ۾ 7 کان 8 ڏينهن لڳي ويندا جنهن بعد صورتحال وڌيڪ واضح ٿيندي.

هن وڌيڪ چيو ته سرجاڻي ۽ مونارڪي سميت ٽن ھنڌن تي جتي خطرو هو اتي پڻ حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن ۽ سنڌ حڪومت عوام کي هر ممڪن تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پوري طرح تيار آهي.     

ھن چيو ته ڀارت مان ڇڏيل پاڻيءَ جو سيلابي وھڪرو پنجاب مان ٿيندي سنڌ ۾ داخل ٿي رهيو آهي ۽ سال 2010 ۽ 2015 وانگر هن ڀيري پڻ سيلابي صورتحال ٿي وئي آهي.

انھيءَ کان اڳ، شيرازيءَ امڪاني ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي چيف انجنئير ڪوٽڙي بيراج حيدرآباد جي آفيس ۾ ھنگامي گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ ايم اين اي صادق علي ميمڻ ، ايم اين اي طارق علي شاهه ڄاموٽ، پيپلزپارٽي حيدرآباد ڊويزن جي صدر عاجز ڌامراهه، سي ايم جي صولاحڪار جبار خان، ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر علي شاهه شورو ، تنوير حيدر شاهه شيرزاي ، مدد علي شاهه ڪاظمي ۽ غلام نبي عرف نبي ٻٻر سميت سماجي نمائندن شرڪت ڪئي.

 اجلاس ۾ چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج ، ڪمشنر حيدرآباد فياض عباسي، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد، آبپاشي کاتي جي عملدارن، سپرنٽينڊنگ انجنيئر بگهار سرڪل ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئرز سميت لاڳاپيل ادارن جا عملدار پڻ موجود هئا.

اجلاس ۾آبپاشي کاتي جي عملدارن ڪوٽڙي بئراج ڊائون اسٽريم جي صورتحال ۽ حفاظتي انتظامن تي بريفنگ ڏني. فيصلو ڪيو ويو ته تمام ادارا هاءِ الرٽ رهندا ته جيئن ڪنهن به امڪاني خطري کي وقت سر منهن ڏئي سگهجي. بعد ۾ سيد رياض حسين شاهه شيرازي چيف انجنيئر ايريگيشن ۽ عوامي نمائندن سان گڏ سنڌو درياهه جي حفاظتي بند جو معائنو ڪيو. (پريس رليز)

______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button