پاڪستان ساليانو 5 لک ڳئون امپورٽ ڪري ٿو، ماھرن جو انڪشاف
ملڪ ۾ چوپائي مال ۽ پولٽري جو نظام تيزي سان ننڍن هارين کان ڪمرشل ميگا فارمن ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي، جنھن سان ڳاڙھي سنڌي، ساهيوال ۽ ٿرپارڪر جهڙين مقامي ڳئونءَ جا نسل خطري ۾ آهن
موسمياتي تبديليون چوپائي مال ۽ خوراڪ جي تحفظ لاءِ وڏو خطرو آھي: زرعي يونيورسٽيءَ ۾ سيمينار
ٽنڊوڄام، سنڌ
وٽرينري ۽ زرعي ماهرن خدشو ظاھر ڪيو آهي ته موسمي تبديليون نه رڳو فصلن کي پر جانورن ۽ پکين کي به سخت متاثر ڪري رهيون آهن، پکين جا ڪيترا نسل زوال پذير آھن، خوراڪ جي تحفظ لاءِ اسان اڄ بہ ٻين ملڪن تي ڀاڙيون پيا، جڏهن ته مقامي موروثي نسلن هجڻ باوجود هر سال پنج لک ڳئون ۽ ڏھ لک سيمين ڊوزز درآمد ڪرڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.
اهي ڳالهيون ماھرن ڪالھ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي فئڪلٽي آف اينيميل هسبينڊري اينڊ ويٽرنري سائنسز جي ويٽرنري بزنس اينڊ انٽرپرينيورشپ سوسائٽي پاران گرين ويٽرنري ڊرائيو 2025 تحت “موسمي تبديليون ۽ ان جا جانورن جي صحت تي اثر” عنوان سان ٿيل سيمينار جي افتتاحي تقريب ۾ ڪيون.
تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽرالطاف علي سيال چيو ته موسمي تبديليون هاڻي رڳو ماحولياتي مسئلو نه رهيون آھن، پر اهي سڌي طرح جانورن، هارين ۽ معيشيت لاءِ خطرو بڻجي چڪيون آھن، جڏھن تہ سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبو آهي، جتي 2010 ۽ 2022 جي تباهه ڪن ٻوڏن لکين گهرن ۽ فصلن سان گڏوگڏ لکين جانورن کي بہ نقصان ڏنو، جنهن سبب ڳوٺاڻي معيشت کي ناقابلِ تلافي نقصان پهتو.
هن چيو ته گرمي پد، پاڻي ۽ چاري جي کوٽ، بيمارين جو ڦهلاءُ ۽ بار بار ايندڙ ٻوڏون سڌيءَ طرح جانورن جي صحت ۽ پيداوار کي متاثر ڪن ٿيون.
اڳوڻي وائس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته لائيو اسٽاڪ شعبو زراعت ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو ڏئي ٿو ۽ کير، گوشت ۽ ٻين شين جي ذريعي قومي جي ڊي پي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، موسمياتي تبديلي ڀاڳين ۽ مالوندن کي مال پالڻ ۾ وڏيون ڏکيائون پيدا ڪيون آهن، هن چيو ته ”اھڙين تبديلين سان ٺھڪندڙ گھرجن موجب اسان کي ڊائنامڪ ٿيڻو پوندو، جڏھن تہ ھن قسم جا ورڪشاپ، لائيو اسٽاڪ انڊسٽري کي مستقبل لاءِ تيار ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندا.
ڊين فئڪلٽي ڊاڪٽر سيد غياث الدين شاهه راشدي چيو ته لائيو اسٽاڪ ڳوٺاڻي وچولي طبقي جي آمدني جو وڏو ذريعو آهي، جنهن ۾ عورتن جو ڪردار بنيادي آهي۔ هن چيو ته موسمياتي تبديليون انسان ۽ جانورن ٻنهي کي متاثر ڪري رهيون آهن.
مُک مقرر ۽ ويٽرنري ماهر پروفيسر ڊاڪٽر ظهير احمد نظاماڻي چيو ته پاڪستان جو چوپائي مال وارو شعبو، زرعي شعبي ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ۽ قومي جي ڊي پي ۾ لڳ ڀڳ 12 سيڪڙو حصو شامل ڪري ٿو، موسمي تبديلين سبب اھو ھن وقت شديد خطري ھيٺ آهي.
پنهنجي مقالي ۾ هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي بحران جي مھاڏي ۾ آهي، جتي گرمي پد دنيا جي ڀيٽ ۾ تيزي سان وڌي رهيو آهي۔ صرف 2022 جي ٻوڏ دوران ڏهه لک کان وڌيڪ جانور مري ويا. هن چيو ته ملڪ ۾ چوپايو مال ۽ پولٽري پالڻ جو نظام تيزي سان ننڍن هارين کان ڪمرشل ميگا فارمن ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي، جنھن سان شھرن جي گھرج پوري ٿي رھي آھي، پر ساڳئي وقت ڳاڙھي سنڌي، ساهيوال ۽ ٿرپارڪر جهڙين مقامي ڳئون جي نسلن کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي، ڇاڪاڻتہ انهن کي غيرملڪي هولسٽين فريزين سان تبديل ڪيو پيو وڃي،.
ھن چيو تہ پاڪستان اڳ ۾ ئي جانورن جي خوراڪ ۾ 37 سيڪڙو پروٽين جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، ويتر گرمي سبب کير جي پيداوار ۾ 10 کان 30 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، تقريب کي پروفيسر ڊاڪٽر احمد نواز تنيو، شير محمد پيرزادو، حسنين علي ڪونڌر ۽ زرشت رائو به خطاب ڪيو، جڏهنتہ آخر ۾ شاگردن ۽ مهمانن ۾ شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا۔ (پريس رليز)
_______________