Editor's pickMain Slideتعليمڏکڻ ايشيا

نور محمد لاکير، سنڌ جو هڪ مِثالي تعليمدان

نور محمد هاء اسڪول حيدرآباد جي باني نور محمد لاکير جي اڄ 22 آگيست تي ورسي آھي

نور محمد لاکير حيدرآباد دکن ۾ وڪالت ڪئي پر دکني آبھوا نہ وڻيس تہ خيرپور رياست جو جج ٿيو. سرڪاري ملازمت نہ وڻيس تہ نوڪري ڇڏي حيدرآباد سنڌ ۾ وڪالت ڪيائين. ھُن پنھنجي ملڪيت وڪڻي نور محمد ھاءِ اسڪول قائم ڪيو

سيد تاج علي شاھ

  نور محمد لاکير  (1845ﻉ – 1937ﻉ) ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﺳﭽﻮ ﺳﭙﻮﺕ ۽ ﻫﻤﺪﺭﺩ، ﻧﻮﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﻭﻟﺪ ﻣﻴﺎﻥ ﻣﺤﻤﺪ ﺳﺠﺎﻭﻝ ﻻﮐﻴﺮ، ﺗﻌﻠﻘﻲ ڏﻭڪرﻱ, ﻻڙڪاﮢﻮ ﺟﻲ ڳوﭞ چڪرو ۾ 21 ﺷﻌﺒﺎﻥ 1261 ﻫﻪ ﻣﻄﺎﺑﻖ  1845ع ﺗﻲ جنم ورتو. ﺳﻨﺪﺱ ﻭﺍﻟﺪ ﭘﺮﺍﺋﻤﺮﻱ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﻫﻮ جيڪو نوڪري ﺩﻭﺭﺍﻥ ﺗﻌﻠﻘﻲ خيرپور ناٿن شاھ ﺟﻲ ڳوﭞ ”ﺟﻤﻌﻮ ﻻﮐﻴﺮ “ ۾ لڏو ﻻﻫﻲ ﻭﭸﻲ ﻭﻳﭡﻮ. ھُو ﻧﻬﺎﻳﺖ ﺑﺎﻭﻗﺎﺭ ۽ ﺳﭽﻮ انسان ﻫﻮ، جنھن نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ کانپوءِ ﺯﻣﻴﻦ ﺟﻮ ٽڪرو ﻭﭠﻲ، ﺑﺎﻗﻲ ﺣﻴﺎﺗﻲ ﺍﺗﻲ ﺋﻲ ﮔﺬﺍﺭي. ﮐﻴﺲ ٽي ﭘٽ ﻫﺌﺎ، ﺟﻦ ﻣﺎﻥ ﻧﻮﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﺫﻫﻴﻦ ﻫﻮ؛ ﺟﻨﻬﻦ ڪري ﮐﻴﺲ ﭘڙﻫﮡ ﻻءِ ﭘﻬﺮﻳﺎﺋﻴﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﻈﺮ ﻫﻴﭟ ﺁﻧﺪﺍﺋﻴﻦ ۽ پوءِ ﭼﺎﺭ ﺩﺭﺟﺎ ﺳﻨﮅﻱ ﭘﺎﺱ ڪرائي، ﺳﻨﮅ ﻣﺪﺭﺳﺔ ﺍﻻﺳﻼﻡ ڪراچيءَ ۾ مئٽرڪ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘڙﻫﺎﻳﺎﺋﻴﻨﺲ.

نور محمد لاکيرﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﭘﻮءِ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﻳﻌﻘﻮﺏ ﺟﻲ ﺫﺍﺗﻲ ﺩﻟﭽﺴﭙﻲءَ ﺳﺎﻥ، ” ﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ ﻣﺮﺍﺩ اسڪالرﺷﭗ “ ﻭﭠﻲ ﻋﻠﻴﮙڙﻫﻪ ﻣﺎﻥ ﺑﻲ – ﺍﻱ ۽ پوءِ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﺟﻲ سَند (LL.B) ﻭﭠﻲ، ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﺩﮐﻦ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺩﻭﺳﺖ ﻣﺤﻤﻮﺩ ﻋﻠﻲ ﺑﻴﮓ ﺳﺎﻥ ﮔڏﺟﻲ وڪالت ﺷﺮﻭﻉ ڪئي. ھُن ﭔﻪ ﺷﺎﺩﻳﻮﻥ ڪيوﻦ، ﭘﺮ ﭘﮁﺎڙﻱءَ ﺗﺎﺋﻴﻦ پٽيلو ﺍﻭﻻﺩ ڪو ﻧﻪ ﭤﻴﺲ. ﮐﻴﺲ ﺩﮐﻨﻲ ﺁﺏ ﻫﻮﺍ ﭜﺎﻥءِ ﻧﻪ ﭘﺌﻲ؛ ﺟﻨﻬﻦ ڪري ڪجهه ﻭﻗﺖ کانپوءِ ﻭﺍﭘﺲ ﻭﻃﻦ ﻭﺭﻳﻮ ۽ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﺭﻳﺎﺳﺖ ۾ ﺟﺞ ﻣﻘﺮﺭ ﭤﻴﻮ. ﻋﻬﺪﻭ ﺗﻪ ﻭڏﻭ ﻣﻠﻴﺲ، پر ﺳﻨﺪﺱ ﻃﺒﻴﻌﺖ سرڪاري ﻣﻼﺯﻣﺖ ۾ ﻧﻪ ﻟﮙﻲ. ﭘﻮءِ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ۾ وڪالت ﮐﻲ ﺑﺎﻗﺎﻋﺪي ﭘﻴﺸﻮ ﺑﮣﺎﻳﺎﺋﻴﻦ ۽ ﻣﺤﻨﺖ ۽ ﺍﻭﺭﭼﺎﺋﻲءَ ﺳﺎﻥ ﺧﻮﺏ ﻧﺎﻟﻮ ڪڍﻳﺎﺋﻴﻦ.

ﺳﻨﺪﺱ ﻃﺒﻴﻌﺖ ﻏﺮﻳﺒﻦ ﺟﻲ ﻭﺍﻫﺮ ڪرڻ ۽ ﻣﺴﻠﻤﺎﻥ ﭔﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻻءِ ﺁﺗﻲ ﻫﺌﻲ. ﻭﻳﺘﺮ جو ﺭﺋﻴﺲ ﻏﻼﻡ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﻥ ﭜﺮﮘڙﻱءَ  ﺟﻬڙﻱ ﻣﺨﻠﺺ ﺟﻮ ﺳﺎﭢ مليس تہ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ﺧﺪﻣﺘﻦ ۾ ﻧﻤﺎﻳﺎﻥ ڪاﻣﻴﺎﺑﻲ ﺣﺎﺻﻞ ڪياﺋﻴﻦ. ﻧﺘﻴﺠﻮ ﺍﻫﻮ نڪتو ﺟﻮ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﺳﻨﮅ ﺟﻬڙﻱ ﻣﺮڪزﻱ ﺷﻬﺮ ۾ 1924 ﻉ ۾ ﻧﻮﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﻫﺎءِ اسڪوﻝ ۽ 1925 ﻉ ۾ هاسٽل ﻗﺎﺋﻢ ڪرﻱ ﻭﺭﺗﺎﺋﻴﻦ. ﭘﻮءِ ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺫﺍﺗﻲ ﻣﻔﺎﺩﻥ ﮐﻲ ﭘﺎﺳﻴﺮﻭ ﺭﮐﻲ ﻫُو ﺧﻴﺮ ﺟﻲ ڪم ۾ ﺭﺍت ڏينهن ﺭﮄﻝ ﺭﻫﻴﻮ. ﻣﺴﻠﻤﺎﻥ ﺷﺎﮔﺮﺩﻥ ﮐﻲ، ﺳﺮﻧﺪﻱءَ  ﻭﺍﺭﻥ ﮐﺎﻥ اسڪاﻟﺮﺷﭙﻮﻥ ﺑﻪ ﻭﭠﻲ ڏﻧﺎﺋﻴﻦ. مسلمان شاگردن جي تعليم جو ايترو اونو هوندو هيس جو پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري شاگردن جي خدمت ڪيائين. ايتري قدر جو پئسا کُٽي وڃڻ جي صورت ۾ پنهنجو ذاتي بنگلو به وڪڻي هاسٽل ۽ اسڪول جو خرچ هلايائين.  پاڻ اڪثر ڪري هاسٽل ۾ شاگردن سان گڏ رهندو هيو ته جيئن سندن مسئلا ٻُڌي سگهي ۽ اهي حل ڪري سگهي.

نور محمد صاحب جتي ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺟﻲ ﻣﻴﺪﺍﻥ ۾ ﺍﻳﺘﺮﻱ ﻗﺪﺭﺳﺮﮔﺮﻡ ﭘﺌﻲ ﻧﻈﺮ ﺁﻳﻮ، ﺍﺗﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻟﺤﺎﻅ ﮐﺎﻥ ﻗﻮﻣﻲ ﺧﺪﻣﺘﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ اوليت ڏﻳﻨﺪﻭ ﺁﻳﻮ. ﺍﻧﻬﻲءَ ﺳﻠﺴﻠﻲ ۾، 1923 ﻉ ۾ ﺑﻤﺒﺌﻲ ڪاﺋﻮﻧﺴﻞ ﺟﻮ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﺑﻪ چونڊيو ويو. ﺳﻨﺪﺱ ﺍﻫﺎ ﺁﺧﺮﻱ خواھش ﻫﺌﻲ، ﺗﻪ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﺷﻬﺮ ۾ ﻣﺴﻠﻢ يونيورسٽي ﻗﺎﺋﻢ ڪرائر پر ﺍﻓﺴﻮﺱ ﺟﻮ ﺣﻴﺎتيءَ ساٿ ﻧﻪ ڏﻧﺲ ﺟﻨﻬﻦ ڪرﻱ 3 ﺫﻭﺍﻟﻘﻌﺪ 1356 ﻫﻪ ﻣﻄﺎﺑﻖ 22 ﺁﮔﺴﺖ 1937ﻉ ﺗﻲ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ۾ ﺋﻲ ﻭﻓﺎﺕ ڪياﺋﻴﻦ. ﻭﺻﻴﺖ ﻣﻮﺟﺐ ﮐﻴﺲ شاگردن جي وچ ۾ يعني ﻣﺴﻠﻢ هاسٽل ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

سندس قائم ڪيل اداري نور محمد هاءِ اسڪول ۾ اڄ تائين  شاگرد تعليم حاصل ڪري سندس خوابن جي ساڀيان ڪري رهيا آهن. نور محمد لاکير جون خدمتون هميشا ياد رکيون وينديون  جنهن نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد جهڙو عظيم ادارو جوڙي  سدائين لاء انسانيت جي خدمت ڪئي آهي.

________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button