قدرت جي هر رنگين منظر ۾ پرينءَ جو عڪس آهي!
توفيق سولنگي جي مصوري هِن وقت سنڌ جي ڪارونجهر جي مور جي رنگن جهڙو ڏيک ڏئي ٿي ڇو ته ان مصوري ۾ به سنڌ جا رنگ چٽيل آهن
سنڌ جون ڪيتريون ئي خوبصورتيون هن پنهنجي اکين سان جهٽي ڪينواس تي چٽيون آهن، جيڪي لازوال بڻجي ويون آهن
رشيد احمد خاصخيلي
اُهو محبت جو ڪمال ئي آهي، جو محبت زمان ۽ مڪان جون سرحدون اورانگهي پنهنجا جلوا جاءِ بجاءِ فطرت جي هر رنگ ۾ پنهنجي عاشقن کي وقت بوقت رسائي ٿي. ياد پئي ٿو اهڙي محبت لاءِ ئي لبنان جي مصور خليل جبران لکيو هو ”سلمي ڪرامي پهرين عورت هُئي، جنهن مون کي محبت جو مفهوم سمجهايو ۽ محبت جي جادوءَ سان منهنجون اکيون کوليون.“ اُهي محبت جا انيڪ رنگ ئي آهن، جو عورت عاشق بڻجي پنهنجي محبوب پنهونءَ جي ڳولا ۾ جبل لتاڙي پير پٿون ڪري ٿي. شاهه سائين چواڻي:
ڀَڄي جان ڀَنڀورَ کان، ڏُونگر ڏُورِيو مُون،
ڪاهي رَسيَس ڪيچَ کي، جتي پاڻَ پنهون،
سَڀَتِ آهِئين تُون، قَضا ڪَندين ڪِنِ سين!

نه صرف سسئي پنهونءَ جي ڳولا ۾ جبل لتاڙي ٿي، پر لطيف جي ٻي سورمي سهڻي به شينهن جهڙي دهشت رکندڙ سنڌو درياهه کي به مات ڏئي پنهنجي محبت ۽ پنهنجي آدرشن کي لطيف جي شاعريءَ ۾ تاحيات جيئرو رکي وڃي ٿي ۽ اسين ڀٽائي جي رسالي ۾ پڙهون ٿا:
دَهشَتَ دَمَ دَرياهَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جو ڪَڙڪو،
آهيم اُنَهِين پارَ جو، دِلِ اندرُ دڙڪو،
ڀَڃي سِڪ سَيَدَ چَئي سِيرَ سَندو سَڙڪو،
والِي ڪَج وَڙُ ڪو، ته ٻارِلنگهيان ٻاجهه سين،

اهڙن ئي محبتن جي رنگن ۾ ڪالهه خليل جبران به رنڱجي ”مي زياده“ نالي ڇوڪريءَ سان بغير ڏيٺ ويٺ جي تصور جي تصوير ذهن جي اکين جي ديوار تي ٽنگي زندگيءَ جا حَسين اوڻيهه سال ان محبت جي احساسن ۾ گذاري شاهڪار عالمي ادب جي سٽن ۾ تاحيات ان بغير ڏٺي مُحبت کي امر ڪري ڇڏيو هو! ۽ سندس ان اڻ ڏٺي محبوب جي ياد ۾ ڪيترن ئي ورهين گذرڻ باوجود به جبران جي ملڪ جا صنوبر جا وڻ ان محبت جي مان مريادا لاءِ حفاظت جا ترانا ڳائيندي نظر اچن ٿا، اُهو ان لاءِ به ته خليل جبران جي ان محبت جبران کان انفرادي مُحبت بجاءِ وطن جي اجتماعي مُحبت تي لکرايو هو،

۽ پوءِ هن جي هر سٽ ۾ ور ور ڪري سندس ملڪ لبنان جو ذڪر ۽ لبنان جي ڍنڍن ڍورن، وڻن ٽڻن، درياهن، آبشارن، ٻنين ٻارن ۽ اتان جي مظلوم ماڻهن جي دردن جو فلسفو پلٽجي پيو هو. جنهن فلسفي هن مصور، شاعر ۽ ليکڪ کي دنيا ۾ ڪيترو ئي وڏو مقام ڏياريو، ڇو ته ان مقام ماڻڻ ۾ به هن مصور جي وطن جي مٽيءَ جي خوشبوءِ جو وڏو ڪردار رهيو آهي، جيڪا خوشبوءِ سندس ”مي زياده“ نالي ڇوڪري هن کي آڇي هئي. نه صرف جبران وٽ، پر اهڙي محبت جا دفتر سنڌ ڄائي ۽ انقلاب کي به رومانس سمجهندڙ آغا سليم وٽ به ڏسڻ وٽان آهن. هن پنهنجي ناول ”هم اوست“ ۾ اڻ ڏٺي مُحبت جي رومانس ۾ لڙهندي لکيو آهي ”هُن جي دل ڪنهن سهڻي صورت کي ڏسي چنڊ ڏانهن الرون ڏيندڙ چڪور وانگر الرون ڏيندي هئي، هن به راتين جو چنڊ سان رهاڻيون ڪيون هيون ۽ چنڊ کان پنهنجي اڻ ڏٺي پرينءَ جا پار پتا پڇيا هئا.“ اُهو اڻ ڏٺو يا ڏٺو پرين هر عاشق ۽ محبوب جي تخيل واري اوطاق ۾ ڏينهن رات رهي ٿو،

ڪڏهن ان جو ڏس شيخ اياز ”پورڻماسي“ جي چنڊ کان پڇي ٿو ”اڙي چنڊ- اڙي چنڊ، پرين تو ته ڏٺو ناهي. ته ڪڏهن ساڳي ڪيفيت دماغ جي شيلف ۾ رکندڙ ۽ ڄامشوري جي وڌ وست سندرتائن ۾ جيون گهاريندڙ مصور توفيق سولنگي وٽ به آهي ۽ هُن ڄامشوري جي خمار آلود، شامن ۾ ۽ هن شهر جي پهاڙي پٿرن ۾ به پنهنجي صنم جون مورتيون تراشيون آهن، هي محبوب مصور توفيق هر شام ڌاري ٿڌڙي ڏکڻ جي هير ۾ ويهي قدرت جي ڪاريگري جا ۽ سُونهاري سنڌ جا ڪيترائي نظارا پنهنجي (پينٽنگ) واري ڪينواس تي چٽي ٿو! تان جو شام کان رات جون گهڙيون ۽ پوءِ اچي صبح جي هير هن کي مصوري کان مٿي اٿاري ٿي، تڏهن پُورب مان سج ٻه ڪانا مٿي چڙهي هن ماتر ڀومي سنڌ کي سُوجهري جا سنهيا ڏئي ٿو! ڇو ته سنڌ مدت ٿي آهي جو پنهنجون مڙوئي روشنيون وقت جي گگهه اونداهه رهزنين هٿان ڦرائي ويٺي آهي! ۽ سج هن نگري کي هر آئي ڏينهن پنهنجي روشني جو احساس ڏياري سجاڳ ٿيڻ لاءِ سڏي رهيو آهي، جڏهن به هن مصور سان ملڻ ٿيو آهي، هي مون کي فطرت جا رنگ پنهنجي ڪينواس تي چٽيندي نظر آيو آهي. هونئن ته آرٽ هر آدم جي تخيل ۾ ڇُوليون ڇُلندو آهي، پر ان کي اظهار جي واٽ ڪي ڪي انسان ئي ڏئي سگهندا آهن، جن مان توفيق سولنگي به هڪ آهي.

اُهو آرٽ هر انسان جي حصي ۾ اچي ٿو، ۽ هر انسان جي دماغ ۾ ايئن لڪل آهي، جيئن ڪا ڳوٺاڻي ناري شاديءَ کان اڳ پنهنجي اباڻي گهر ۾ ونواهه وقت حياءُ جي لالي لڳائي لڪي پنهنجي گهوٽ ۽ خوابن جي راڻي کي سوچيندي آهي، جهڙي ريت ان ڪنوار کي ان ونواهه مان ٻاهر آڻڻ لاءِ سندس گهوٽ جو اوسيڙو هوندو آهي. ساڳي طرح دماغ جي نرم پالڪين مان تخليق کي لفظن يا مصوري ۾ نمايان ڪرڻ ۾ ڏٺي يا چئجي اڻ ڏٺي پرينءَ جو اهڙو ئي اهم ڪردار هوندو آهي، جهڙو ڪنهن آرٽ مووي ۾ (هيرو) جو، جيئن هيرو کانسواءِ ڪا فلم ممڪن ناهي، ائين ئي ڪابه تخليق ڪنهن ڏٺي يا اڻ ڏٺي پرينءَ کانسواءِ ممڪن ناهي، اُهو پرين هر هڪ انسان وٽ الڳ الڳ روپ ۾ موجود آهي. ڪا به تخليق ان پرينءَ جي ظاهري يا تصوراتي پاڇي کان پري ناهي، تڏهن ته حسن درس، کي به لکڻو پيو:
”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو“

ڏسجي ته جُز ڪُل کان يا ڪُل جُز کانسواءِ ڪڏهن به مڪمل ناهن، ائين ئي هر تخليق ڪنهن به پرينءَ کانسواءِ وجود نٿي وٺي سگهي، اُهي سڀئي تخليق جا خيال پهريان ان هڪڙي مجازي پرين کان شروع ٿيندا آهن، جيڪي اڳتي هلي انفراديت جو وڳو لاهي اجتماعيت جي لوئي ويڙهيندا آهن. ڪالهه جيڪڏهن مارئي کي هڪڙي پرينءَ کيت سان عشق نه ٿئي ها ته مارئي کي امر ڪوٽ جي قلعي ۾ ڪڏهن به مڙني ملير جي ماروئڙن جي مُحبت لطيف جي شاعري ۾ هنئين نه چوائي ها:
اَلَستُ بِرُبِڪُم، جَڏهِن ڪَنِ پِيومِ،
قَالُوا بَلي قَلبَ سِين، تَڏهِن تِتِ چَيومِ،
تَنِهن ويرَ ڪَيومِ، وَچَنُ ويڙيچَن سِين،

توفيق سولنگي وٽ به هاڻ ان ٻاروتڻ واري محبوب جي انفرادي محبت بجاءِ، وطن، جي اجتماعي مُحبت آهي، ۽ هن جو سڀ دماغ جي شوڪيس مان ڪينواس تي برشن سان چٽيل تصويرون، وطن جون دلبريون ڏيکارين ٿيون. ڄامشوري جي خواب جهڙي مصور توفيق جي شاهڪار تخليق جو سفر به ان پرينءَ جي مُک کي ڏسڻ پڄاڻان شروع ٿئي ٿو، جنهن محبوب کي هن ڳوٺ جي وڻن کي اوٽ ڏئي پهريون ڀيرو ڏٺو هو، جيڪو سفر پوءِ ڪيتريون ئي منزلون پار ڪندي اچي آخر ڄامشوري جي سانوري شامن ۾ مڙوئي ٿڪ ڀڃي ٿو، ۽ پوءِ ساهي کڻڻ پڄاڻان ڪيترن ئي سنڌ جي رنگن ۾ رنڱجي وڃي ٿو. مون مٿي هن جي ٻاروتڻ واري پرينءَ جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪا ڳالهه هن ڪيترائي ڀيرا ڪيترن ئي ويجهن دوستن سان ڪئي آهي.
هن مصور جي شاهڪار مجسمن ۽ شاهڪار چٽيل تصويرن ۾ جرڪندڙ مُرڪندڙ ڪٿي ته روئيندڙ خيالن جو بنياد فقط هن جو اُهو ٻاروتڻ وارو پرين هو، جنهن جي درشن ۽ ديا لاءِ هن ڪيترائي ڪشالا ڪاٽيا! ته ڪيتريون ئي هن پنهنجي ان پرينءَ اڳيان عاجزيون پڻ رکيون، پر وري به نه مليو ته هن کي اُهو پرين نه مليو. وڏي ڳالهه ته هن کي ان پرين جي ڪا تصوير به نه ملي سگهي، تصوير نه ملڻ ئي توفيق جي مصوري جو دماغ کان ٻاهر وڻن جي ٿڙن تي گهر جي ديوارن تي يا هن جي اسڪول جي بورڊ تي پهريون جنم هو. هن تي فقط اُهو جنون سوار هو ته هي هر حال ۾ ان پنهنجي محبوب جي تصوير ٺاهي پاڻ وٽ سنڀالي رکندو ۽ هن جون اکيون هر ايندڙ ڏينهن ان محبوب جو درشن ڪنديون ۽ هن ايئن ڪري ڏيکاريو، نه صرف ان محبوب جون هن شاهڪار پنهنجي برشن سان رنگين تصويرون ڪينواس تي چٽيون، پر هن ته کوڙ ان صنم جا مجسما به تخليق ڪيا ۽ اکين ئي اکين سان ان صنم جي مورتين جي پرتش به ڪئي، تان جو پوءِ اڳتي هلي توفيق ڄامشوري شهر جي حوالي سان مصور جي سڃاڻپ بڻجي ويو.

ها! اُهو هُن جو ٻاروتڻ وارو محبوب ئي هو ۽ ان جي محبت ئي هئي، جنهن هن کي سندس ڳوٺ (نهال سولنگي ۽ شهر راڻيپور) کان علم، ادب، آرٽ ۽ حسينائن جي شهر ڄامشوري تائين پنڌ ڪرايا، پر اُها ڄامشوري جي پٿرن جي محبت ئي چئجي، جنهن هن مصور کي آرٽ جي ڊگري ۽ ڄامشوري جي البيلي مصور جو لقب ڏئي پنهنجائپ مان پنهنجو ڪري پاڻ وٽ ترسائي ڇڏيو. هن نه صرف پوءِ هن شهر ۾ ترسي ان ٻاروتڻ واري محبوب جون تصويريون تخليق ڪيون، پر ڪيترن ئي ٻين عاشقن جي محبوبن جون تصويرون به پنهنجي برشن کي رنگن ۾ ٻوڙي ڪينواس تي چٽي ڏنيون آهن، جيڪو سلسلو اڄ به هلندڙ آهي ۽ سنڌ جون ڪيتريون ئي خوبصورتيون هن پنهنجي اکين سان جهٽي ڪينواس تي چٽيون آهن، جيڪي تصويرون آئيندي لاءِ لازوال بڻجي ويون آهن، ڇو ته هن کي قدرت جي ڪاريگري سان ٺاهيل سنڌ جي هر منظر ۾ هن جو محبوب ڏسڻ ۾ ايندو آهي، اُهو اعتراف هُن ڪيترائي ڀيرا پاڻ ڪيو آهي. هن کي هر رنگين منظر ۾ هن جي محبوب موهيو آهي، جيئن ڪالهه لطيف سرڪار کي پنهنجي پرين موهيو هو ۽ هن چيو هو:
ايڪ قصر در لک، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون،
جيڏانهن ڪر پرک، تيڏانهن صاحب سامهون!
ساڳي ريت توفيق کي هر رنگين منظر اکين ئي اکين ۾ موهيو آهي ۽ هن ان هر رنگين منظر کي رنگن جا ڪپڙا پارائي اڇي ڪينواس تي ائين چٽيو آهي، جيئن پڪاسو پنهنجي تخليق کي ڪينواس تي چٽيندو هو. هونئن به ڪنهن به وطن جي ساک هڪ شاعر ۽ ٻيو مصور جي تصويرن مان ئي نمايان ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. احمد شاڪر چواڻي:
درد جي هڪ ندي کي ڇٽي ٿو مصور،
هڪڙي پُوري صدي کي چٽي ٿو مصور!
توفيق سولنگي جي مصوري هِن وقت سنڌ جي ڪارونجهر جي مور جي رنگن جهڙو ڏيک ڏئي ٿي! ڇو ته ان مصوري ۾ به سنڌ جا رنگ چٽيل آهن. وڏي ڳالهه ته هاڻ هُن جي محبت جا محور اجتماعي آهن، نه ڪي انفرادي! ۽ انهن مڙني رنگن ۾ هن کي هن جو محبوب نظر اچڻ لڳي ٿو.
____________



