Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

سنڌ جو وِرثو: ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد

ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين 170 سال پُراڻو آھي جنھن جي عمارت 140 سال اڳ تعمير ٿي. ھن تاريخي اداري جو بنياد ڪراچيءَ م پيو جنھن کي پوءِ حيدرآباد آندو ويو. شروع ۾ ڪجھ وقت سِول اسپتال جي ڪمرن ۾ ڪلاس ھلايا ويا

الطاف صديقي

اچو تہ حيدرآباد شھر جي قديم عمارتن جي سلسلي ۾ ھڪ پراڻي عمارت جيڪا  140 سال اڳ تعمير ٿي ان متعلق ڄاڻ ونڊيون . ھيءَ عمارت تلڪ چاڙھيءَ کان سول اسپتال ڏانھن ويندڙ روڊ تي اھي جنھن کي جيڪب روڊ سڏيو  ويندو آھي . ھيءُ  جان جيڪب ، خان ڳڙه جيڪب آباد وارو نه پر تعليم کاتي جو انگريز دور ۾ انسپيڪٽر  آف اسڪولس سنڌ ھيو، جيئن اڄ ڪلھ ڊائريڪٽر جنرل  ھوندا آھن . ھي روڊ جيڪب صاحب جي نالي تي منسوب ٿيل آھي. ھن روڊ تي تلڪ چاڙھيءَ کان ايندي کاٻي ھٿ تي عيسائي چرچ جي ڀر وارن دُڪانن کي ڪراس ڪبو تہ اھا تاريخي عمارت نظر ايندي. حقيقت ۾ اِھي دُڪان به چرچ جي ڪمپائونڊ جا آھن. جڏھن اسان 1974 ۾ مسلم ڪاليج جا شاگرد ھياسين ته انھن دُڪانن جي مٿان آمريڪن سينٽر ۽ برٽش لائبريري ھوندا ھئا جتي انگريزي سيکارڻ جا ڪلاس ٿيندا ھئا. انھن دُڪانن واري لائين  جي اختتام وٽ  ھڪ وڏو گيٽ آھي جنھن ۾ استادن جي تربيت جو ڏکڻ ايشا جو قديم تعليمي ادارو موجود آھي. انگريز حاڪمن  لاء اسين ڪيترو به چئون ته ھي اسان جي سنڌ مٿان قابض ٿيا  ھئا، ھنن سنڌ کي لٽيو، ظلم ڪيا ھيا ،  مگر ٻئي پاسي سندن ترقياتي ۽ سماجي  ڪم ڏسون ٿا ته دل چوي ٿي ته ڇو جاگيردارن جي پارٽي مسلم ليگ ٺھرائي ، اسان کي ھنن جي حوالي ڪري ويا ۽ اھوئي جاگير دار طبقو  ۽ انھن جي پاڙُن مان ڦٽندڙ وڏيرا اڄ ڏينھن تائين عام عوام جو رت چوسين ٿا.

بھر حال اچون ٿا پنھنجي موضوع تي. انگريزن 1843ع ۾ سنڌ تي  قبضو ڪيو. ان وقت گاديءَ جو ھنڌ حيدرآباد ھيو پر 1847ع ۾ چارلس نيپيئر جي برطانوي حڪومت ھتان بدلي ڪئي ته ، حيدرآباد مان گاديءَ جو ھنڌ منتقل ڪري سنڌ کي ڪمشنريءَ ۾ تبديل ڪري ڪراچيءَ کي سنڌ جو ھيڊ ڪوارٽر ٺاھيو  ۽ سنڌ کي ٽن ضلعن ڪراچي ، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ ورھايو ويو. جئين تہ ڪراچي ھيڊ ڪوارٽر مقرر ٿيو تہ شھر کي ترقي ڏيارڻ لاء انگريزن ڪيترائي منصوبه شروع ڪيا. انھن مان تعليم جو شعبو به ھڪ ھيو. ٽنھي ضلعن ۾ اسڪول کلڻ شروع ٿيا ، انھن اسڪولن  ۾ مقرر استادن کي تعليم ڏيڻ بابت  سکيا جي لاء تربيت کي ضروري محسوس ڪيو  ويو. انھي لاء انگلينڊ ۾ استادن کي تعليم جي سکيا ڏيڻ جا مرڪز ھيا.  معلوم ھجڻ گھرجي ته فرانس ۾ استادن جو پھريون اسڪول 1681ع ۾ کليو ھيو پوء سندس ويجھي  ملڪ جرمني ۾ کليو ، جڏھن ته آمريڪا ۾ 1838ع ۾ کليو ھيو ، جڏھن ته پوري گڏيل ھندستان جو ڪراچي ۾ 1854ع ۾ تربيتي اسڪول ،  نارمل اسڪول جي نالي سان کليو.  ھن اسڪول جو ڪراچي ۾ پھريون ھيڊ ماستر محترم چوھڙ مل پنجابي ھيو.  ھن اسڪول کي ڏھن سالن کان پوء  1864ع ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. ھي اسڪول پھرين سيوھاڻي پاڙي ۾کوليو ويو. (حوالو: سنڌ جي ھندن جي تاريخ ليکڪ ڀيرومل صفحو 123)، جڏھن ته موجوده عمارت ۾ 1887ع ۾ منتقل ڪيو ويو. ھن کان پھرين ھي اسڪول سول اسپتال کان اوڌر ورتل ڪمرن ۾ ھلندو ھيو. ھتي پھريون ھيڊ ماستر ملان محمد محمود ٿيو جنھن کان پوء رئيس غلام علي 1876ع کان 1883ع تائين رھيو. ان کان پوء ديوان ڪوڙو مل چندن مل 1887ع تائين ھيڊ ماستر رھيو جيئن ته ھن اسڪول جو درجو وڌائي ڪاليج جو درجو ڏنو ويو ته ديوان ڪوڙومل ھن ڪاليج جو پھريون پرنسپل 1887ع کان 1899ع رھيو. ان کان پوء خانبهادر غلام علي نانا ۽ خانبهادر محمد صديق ميمڻ پرنسيپال رھيا ، ھن اداري طرفان اخبار تعليم 1902ع  ۾ جاري ڪئي ويئي ھئي. ھن اسڪول ۾ تعليمي ميوزم 1909ع ۾ قائم ڪيو ويو جيڪو  اڃان تائين قائم آھي.  ٻڌائيندو ھلان ته ٽرينگ ڪاليج جي احاطي ۾ جان محمد جمالي جي نالي منسوب  پرائيمري اسڪول آھي. مرحوم جان محمد جمالي سيئنر استادن کي اڄ به ياد ھوندو . ھن  استاد 1952 ۾ استادن جي تنظيم جوڙي جنھن کي رجسٽر ڪرايو ۽ انھن کان پوء سائين قادر بخش طالباڻي ان پليٽ فارم کي سنڀاليو.

اچون ٿا وري ٽرينگ ڪاليج واري عمارت ڏانھن. ھن جو ھڪ ٻہ منزله بلاڪ روڊ واري پاسي ڏانھن آھي جنھن  کي ڊي بلاڪ سڏيندا آھن ، ھي مسٽر ڊي جي نالي سان منسوب آھي جيڪو پھرين انسپيڪٽر آف اسڪولس رھي چڪو آھي . 1920ع کان اڳ ٽرينگ ڪاليج ۾ استادن کي ڪو ايجوڪيشن تحت پڙھايو ويندو ھيو مگر 1920ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر جڏھن استادن جي امتحان ۾ ڪاميابي جا سرٽيفڪيٽ ورھائڻ  لاء آيو ته ھن ڇوڪرين لاء الڳ ڪاليج جو  اعلان ڪيو ،  جيڪو ھن وقت بہ ھن اسڪول جي پوئين پاسي آھي انھيءَ جو رستو به فوڪس فوٽو اسٽوڊيو واري پاسي کان تلڪ چاڙھي ڏي آھي. ٽريننگ ڪاليج فار وومين کي به ھيريٽيج ۾ شامل ڪيو ويو آھي ، 1915ع واري زماني ۾ ٽريننگ کان پوء استاد وڌ ۾ وڌ پگھار 25 روپين تي مقرر ٿيندا ھئا.

ھي تاريخي عمارت جنھن جي عمر ھن وقت 140 سال آھي سندس بھتر سنڀال جي ڪري جوان ۽ پرڪشش لڳي پئي آھي سندس سينگار لاء 1934ع ۾ آڳر ۾  سھڻو سائو  ننڍو باغيچو ٺاھيو ويو جنھن  ۾ ھڪ ننڍڙو زُو آھي جنھن ۾ پڻ گھڻن قسمن جا پکي پاليل آھن.  ھي عاليشان عمارت 1884ع ۾ ٺھي راس ٿي ھئي ، ھن جي چوديواري اندر جتي اسٽاف جي رھائش جا ڪوارٽر آھن انھن سان لڳ ھڪ مسجد سڳوري آھي جيڪا 1908ع ۾ تعمير ٿئي ھئي جيڪا ماشاالله اڄ به آباد آھي. ڪاليج جي مين عمارت ۾ پٿر جي اڏاوت سان ھڪ ٽاور ٺھيل آھي جنھن سان گڏ باقي عمارت جو حصو ڳنڍيل آھي ، جيڪو ڏسڻ ۾ انتھائي خوبصورت لڳي ٿو ۽ يورپين طرز تعمير کي ظاھر ڪري ٿو.

 مرزا قليچ بيگ صاحب ھن اسڪول ۾ به پڙھيو ھيو. ھُن  پنھنجي يادگيرين واري ڪتاب جي صفحي 30 تي ڪيو ذڪر ڪندي لکيو آھي ته ، اسين ھاء اسڪول ۾ داخل ٿياسين ، ھاء اسڪول تڏھن گھڙيال واري مناري واري عمارت ۾ ھوندو ھيو جتي ھاڻي ٽرينگ ڪاليج آھي ، انھي  ھاء اسڪول ۾  ادو مرزا غلام رضا بيگ ۽ ادو مرزا صادق علي بيگ پڙھندا ھئا.  اڳتي لکن ٿا ته ، سگهوئي پوء انھيءَ ھنڌ نارمل ڪلاس آيو  ۽ ٽريننگ ڪاليج ٿيو ، ھاء اسڪول وري اينگلو ورنيڪيولر اسڪول ٿيو.  مرزا صاحب اڳتي لکي ٿو.  ڄڻ ته ھن ٽُڪري جو نقشو چِٽين پيا ته ، انھي مينار واري ھاء اسڪول جي اڀرندي ڏي مشن اسڪول ، مناري اسڪول جي ڏکڻ ۾ وري پادري مسٽر شرٽ رھندو ھو (چرچ وٽ) .اڳتي ساڳئي صفحي تي  لکن ٿا تہ پادري جي بنگلي جي ڏکڻ ۾ وري پوسٽ آفيس ھوندي ھئي (غالبن ھي شھر جي پھرين پوسٽ آفيس ھئي ڇو ته تلڪ چاڙھي کي پھرين ٽپال واري چاڙھي سڏيو ويندو ھيو ، پوء شايد پوسٽ آفيس ھتان منتقل ٿي. نيشنل بئنڪ مارڪيٽ برانچ پگيٽ اسڪول جي پويان ڪنڊ تي پراڻي عمارت ۾ آھي) جتي ھاڻي ٽريننگ ڪاليج آھي. پوسٽ آفيس جي اڀرندي پاسي  ڏي سڙڪ جي لڳ وڪيل جي جاء ۽ آفيس ھوندي ھئي ، ھن اسڪول جي  اڳيان چاڙھي جي ھيٺان سنڌي اسڪول ھوندو ھو جتي لئبريري ۽ ڪندن مل گرلس اسڪول آھي ، اسين ( مرزا قليچ بيگ صاحب ) اسڪول ۾ سنڌي پڙھندا ھئاسين پوء انگريزي ۾ وڃي ويٺا سين.“ ايئن مرزا قليچ بيگ صاحب ھن علائقي ۽  ٽاور واري اسڪول جي نالي سان تذڪرو ڪيو آھي .

ھن عمارت ۾ اچجي ۽ ھتي موجود گھنڊ جو ذڪر نه ڪجي ته ڄڻ آيائي نه  ھئاسين. ھي گھنڊ به ھن عمارت جو ڄڻ ته جھومر آھي.

 ھي تاريخي گھنڊ 1882ع ۾ لنڊن مان  حيدرآباد ٽريننگ  ڪاليج لاء گھرايو ويو ھيو. عيسائين جي پُراڻين عبادت گاھن( گرجا گھرن )کي ڏسنداسين تہ انھن جي ٽاور تي وڏا اھڙي قسم جا گھنڊ نسب ٿيل ھوندا آھن جيڪي مقرر وقت تي  وڄايا ويندا آھن. ھي به اھڙو ئي پتل جو  گھنڊ آھي جنھنجو لوھي پينڊوليم تمام وزني آھي. ان پينڊوليم لاء ٻڌايو ويو ته جڏھن ھن گھنڊ کي غير فعال ڪري اسٽور ۾ رکيو ويو ته ان جو پينڊو ليم خبر ناھي ڪيئن گم ٿيو ، پوء ھي وڏو پينڊوليم نصب ڪري وڄائڻ قابل ڪيو ويو. ھي گھنڊ 1970ع تائين وڄايو ويندو ھيو ، پوء ھن کي لاھي رکيو ويو. سال 2004ع ۾ ان وقت جي پرنسيپال روشن علي پنھور ھن کي ٻيھر لڳرايو ته جيئن ھي ڪاليج گھمڻ وارا ۽ تاريخ سان دلچسپي رکڻ وارا  ھن تاريخي گھنڊ کي ڏسي ماضي ۾ جھاتي پائي ڏسن.

ھتي ھي ذڪر ضروري آھي ته ھن ڪاليج پاران 1902ع کان ھڪ تعليمي اخبار شايع ٿيندي ھئي جنھن ۾ استادن ء شاگردن لاء گھڻو مواد ھوندو ھيو. ھي اخبار گھڻي عرصي تائين جاري رھي .

ھن ڪاليج جي ڊرائنگ واري شعبي جو ذڪر نه ڪبو ته ڄڻ مضمون اڻ پورو رھجي ويندو.   ھن ڪاليج جي ڊرائنگ ھال کي ع .ق. شيخ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آھي . ع. ق. شيخ مرحوم پاڻ ھڪ سٺو استاد بھترين آرٽسٽ ۽ اديب ھيو. ھي ڊرائنگ  ھال تمام خوبصورت تصويرن ۽ تاريخي شين سان سجايل آھي.  ھتي سنڌ جو ناميارو ڪھاڻيڪار مصور محترم شرجيل فتاح هاليپوٽو استاد ٿي رھيو جڏھن تہ مرحوم استاد قمر سومرو بھترين آواز جو مالڪ ھيو ۽ ھن ڪاليج ۾ ميوزڪ جو استاد ٿي رھيو ھيو ، ھتي مونکي اسان جي ھاء اسڪول ڪوٽڙي جي  ڊرائنگ واري استاد محترم عبدالشڪور سومري  صاحب جو پورٽريٽ   به ديوار تي آويزان نظر آيو. سائين عبدالشڪور صاحب به ھن ڪاليج ۾ استاد  ۽ انتظامي شعبي تي پڻ رھيا آھن . آخر ۾ ٻڌائيندو ھلان ته ان ڪاليج جي ٻاھران جان جيڪب روڊ تي منگھارام ملڪاڻي ۽ سندس ڀائيٽي ريٽا شاهاڻيءَ جو به گھر ھيو.

______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button