Editor's pickMain Slideدنياڪالم

  سئيڊن ۾ مرڻ کان اڳ صفائيءَ جو دلچسپ عمل ۽ ڏانءُ

هتي سئيڊن ۾ هڪ ڪم ڪيو ويندو آهي جنهن جو ٽرم آهي “ دوءُ استيدننگ “ جنهن جو مطلب آهي ڊيٿ ڪليننگ يعني مرڻ کان اڳ پنهنجين شين کي ڪنهن کي ڏيو يا اڇلايووغيره وغيره.

انجنيئر عبدالله عثمان مورائي 

سئيڊن جي خاص ڪري اسٽاڪهولم جي  مختلف علائقن  واري ٽنل بانا جنهن کي انگريزي ۾ ميٽرو يا انڊرگرائونڊ چئجي، جي ٻاهران ڪتابن جا شيلف رکيل هوندا آهن , جن ۾ هروقت ڪجھ نه ڪجھ ڪتاب رکيل هوندا آهن، جتان ماڻهو پنهنجي پسند يا ڪم جا ڪتاب کنيو وڃن. ڪنهن اهي ڪتاب شايد پنهنجي سڄي ڄمار گڏ ڪيا هوندا ۽ شايد سڀ پڙهيا به هوندا ۽ هاڻي اهي ڪتاب ورهائڻ جي خيال کان اتي رکيا وڃن ٿا ته جيئن ماڻهو انهن مان فائدو وٺن. اهو سلسلو ڪافي وقت کان هلي پيو.هڪ بهترين خيال ته پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي انهن ڪم وارن ڪتابن  کي ٻين قدردانن جي حوالي ڪرڻ ۽ پنهنجن پونئيرن کي انھي پريشاني کان بچائڻ ته بابا يا اما جي ڪتابن يا ٻئي سامان کي ڪاڏي ڪيون؟ جيڪڏهن پنهنجي حياتي ۾ ئي پنهنجين شين کي پاڻ صحيح هٿن يا صحيح طريقي سان ٺڪاڻي نه لڳائبو ته پوءِ نتيجو اهو نڪرندو آهي ته ڪتابن کي ردي وارن کي وڪڻي ڏبوآهي يا انهن کي اڇلايو ويندو آهي. 

ماهرن جو چوڻ آهي ته اوهان جيڪڏهن  پنهنجي اوسي پاسي جي ماحول کي صاف سٿرو رکو ٿا ته ان جو مطلب آهي ته اوهان جو ذهن صاف آهي. معني صاف ماحول برابر آهي صاف ذهن جي. صبح جو ننڊ مان اٿڻ شرط جيڪڏهن پاڻ پنهنجو هنڌ، بيڊ يا کٽ کي صحيح طريقي سان سيٽ ڪيون يا ويڙهي رکون ته اها ان ڏينهن جي بهترين شروعات هوندي ۽ ذهن سڪون ۽ امن ۾ هوندو. جيڪي ماڻهو هرو ڀرو فضول سامان وٺڻ ۽ اسٽورن ۾ گڏ ڪرڻ جا شوقين آهن انهن لاءِ چيو ويو آهي ته بهتر آهي ته فضول سامان گڏ ئي نه ڪجي ، پر جيڪڏهن اوهان کان ٿي ويو آهي ته ان کي پنهنجي حياتي ۾ ئي ٺڪاڻي لڳايو ته بهتر آهي، ائين ڪرڻ سان اوهان جي اولاد کي پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوندو. هتي سئيڊن ۾ هڪ ڪم ڪيو ويندو آهي جنهن جو ٽرم آهي “ دوءُ استيدننگ “ جنهن جو مطلب آهي ڊيٿ ڪليننگ يعني مرڻ کان اڳ پنهنجين شين کي ڪنهن کي ڏيو يا اڇلايووغيره وغيره. 

ان سلسلي ۾ مارگريٽا ميگنوسن هڪ ڪتاب ”دي جينٽل آرٽ آف سئيڊش ڊيٿ ڪليننگ” پڻ لکيو آهي. ڪتاب هونءَ ته اولھ جي معاشري جي پس منظر ۾ لکيل آهي، پر ڪتاب ڪافي دلچسپ ۽ حقيقتن تي مشتمل آهي. مارگريٽا جو خيال آهي ته اوهان وٽ  ڪافي سبب ٿي سگهن ٿا جن جي ڪري اوهان پنهنجي شين جي صفائي ڪري سگهو ٿا، جنهن ۾ طلاق ٿيڻ، زندگي جو ساٿي وڇڙي وڃڻ، ڪنهن مجبوري تحت وڏي گهر مان ننڍي گهر لڏڻ يا بيماري جي ڪري نرسنگ هوم وڃڻ. ليکڪ پاڻ وڏي عمرجي ڪري پنهنجي تجربي جي بنياد تي ٻڌائي ٿي ته پاڻ سترنھن دفعا لڏپلاڻ ڪرڻ کان پوءِ اها ڳالهه چڱيءَ سر سکي ورتي ته ڪهڙي شئي ضروري آهي جنهن کي  رکجي ۽ ڪهڙي شئي مان جان ڇڏائجي. مارگريٽا جو خيال آهي ته ان لاءِ هاڻي اوهان کي وڏي عمرجو ٿيڻ يا بيمار ٿيڻ جي ضرورت ناهي پر اوهان کي ان شئي جو هاڻي کان ئي خيال رکڻ گهرجي ته جيئن اوهان جي پونئيرن کي اوهان جي ڇڏيل سامان مان تڪليف نه اچي، مطلب ته شروع کان ئي سامان تمام گهٽ ۽ صفا ضرورت وارو هئڻ گهرجي. معني هتي زندگي شروع کان ئي منصوبه بندي سان گذارڻ جي صلاح ڏنل آهي. 

 مارگريٽا هتي اهو به سمجهي ٿي ته ڪن شين مان هٿ ڪڍڻ مھل ماڻهو انهن شين سان جذباتي لڳاءُ هئڻ ڪري جذباتي پڻ ٿي سگهي ٿو پر هتي اها صلاح پڻ ڏئي ٿي ته ان جذبات کي منهن ڏيڻ لاءِ اوهان کي تيار رهڻو پوندو، پاڻ هڪ مثال ڏيندي لکي ٿي ته کيس پنهنجي ماءُ طرفان هڪ بريسليٽ مليو هيو، جيڪو ظاهر آ سندس مرڻ کان پوءِ سندس پنجن ٻارن کي ملڻو هيو، پرسوال اهو هيو ته اهو بريسليٽ ڪهڙِي ٻار کي ملي؟ مارگريٽا مرڻ کان اڳ اهو فيصلو ڪيو ته هوءَ اهو بريسليٽ وڪڻي ڇڏيندي، رڳو انڪري ته جيئن سندس ٻار سندن ماءُ جي بريسليٽ هئڻ جي جذبات ۾ پاڻ ۾  هڪٻئي جا مخالف نه ٿي وڃن، يا پاڻ ۾ هڪٻئي سان ساڙ ڪن. ڪتاب ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته جيڪڏهن جيئن جيئن ۽ جيترو اوهان رڳو سامان ۽ مال گڏ ڪندئو تيئن تيئن اوهان کي يا اوهان جي پونئيرن کي آخر ۾ اها صفائي ڪرڻ ۾ تڪليف ٿيندي.  

مارگريٽا اهڙي قسم جي گند کي صاف ڪرڻ لاءِ ڪجهه صلاحون پڻ ڏنيون  آهن جيئن سندس چوڻ آهي ته سڀ کان پهريان پنهنجي بيسمينٽ يا الماري کان شروع ڪيو جتي گهڻي قدراهو سامان گڏ ٿيل هوندوآهي جنهن جي گهڻي قدر ضرورت ناهي هوندي، مثال طور راندين جو سامان، ڪتاب، رانديڪا يا اوزار جيڪي سالن کان ڪنهن جي به استعمال ۾ ناهن رهيا ۽ ڪير انهن کي هاڻي يا مستقبل ۾ استعمال پڻ نه ڪندو. هتي هڪ صلاح  پڻ ڏنل آهي ته جيڪڏهن اوهان کي پڪ نه هجي ته ڪهڙي سامان مان هٿ ڪڍجن ته پوءِ اوهان اهو سامان اڇلڻ کان پهريان  پنهنجن ٻارن يا مائٽڻ کي پڻ ڏيکاري  سگهو ٿا ته جيڪڏهن اهي اوهان جي ان سامان ۾ دلچسپي ڏيکارين يا استعمال ڪرڻ چاهين. 

مارگريٽا وڌيڪ لکيو آهي ته اهو عمل اوهان کي اوهان جي پوٽاڻي يا ڏوهٽاڻي اولاد سان پڻ وڌيڪ ويجهو ڪندو ڇاڪاڻ ته جڏهن اوهان ان سامان مان جان ڇڏائن شروع ڪندا ته لازمي آهي ان سامان سان اوهان جون ڪافي يادون هونديون ۽ اهي يادون جڏهن اوهان پنهنجي ڏوهٽاڻي يا پوٽاڻي اولاد سان ونڊيندا ته انهن کي اوهان جي زندگي جي بابت وڌيڪ معلومات ملندي ۽ اوهان جون يادون پڻ تازيون ٿينديون. 

ليکڪ پنهنجي سس جي ڏنل شين کي ياد ڪندي لکي ٿي ته جڏهن هوءِ وڏي عمر جي ٿي ته ان کيس ۽ خاندان جي ٻين ڀاتين کي جپان ۽ چين مان ورتل شيون ڏنيون هيون. مارگريٽا وڌيڪ لکي ٿي ته هن سڄي عمل ۾ سڀ کان وڌيڪ جذباتي وقت اهو هوندو جڏهن اوهان پيارن جي خطن ۽ فوٽن جي صفائي ڪندئو، هتي ليکڪ صلاح ڏئي ٿي ته انهن شين جي بلڪل آخر ۾ صفائي ڪرڻ گهرجي ۽ پهريان وڏين شين مان جان ڇڏائڻ گهرجي جيڪي وڌيڪ جاءِ والارين ٿيون. فوٽن کي ڪنهن يو ايس بي ڊوائيس ۾ سنڀالي رکڻ جي صلاح پڻ ڏنل آهي.

ڪتاب ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته اڄڪلھ ايمانداري ۽ سچائي تي مشتمل سوالن کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو سو بهترآهي ته وڏڙن کي پنهنجن پيارن جي طرفان ڪيل اهڙن سوالن کي دل ۾ نه ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن اهي پڇن ته اوهان جو ڇا خيال آهي ته اوهان پنهنجي هن سامان جو ڇا ڪندئو؟ اولاد کي پڻ پنهنجن وڏڙن کي سامان جي صفائي ڪرڻ ۾ مدد جي آڇ ڪرڻ گهرجي. ڪتاب ۾ وائڪنگز واري دور جي پڻ هڪ دلچسپ ڳالھ لکيل آهي ته ان دور ۾ جيڪڏهن ڪو مري ويندو هو ته ان جو سامان ساڻس گڏ دفن ڪيو ويندو هو ته جيئن کيس اهو ان ٻي زندگيءَ ۾ ڪم اچي ۽ ان عمل سان پونئيرن کي پڻ سندن وڏڙن جي سامان جي فڪر کان آجو ڪجي.  

مارگريٽا وڌيڪ پنهنجيون ساروڻيون ساريندي لکي ٿي ته جڏهن هوءِ سندس والدين جي سامان جي صفائي ڪري رهي هئي ته کيس سندس ماءُ جي ڪپڙن مان ڪجھ اهڙيون شيون مليون جن کيس وائڙوڪري ڇڏيو ۽ سندس پيءُ جي الماري مان وري آرسينڪ زهر نڪتو جيڪو ان اتي ڪي ٽيهارو سال کن سانڍي رکيو هيو، رڳو ان ڊپ کان ته جڏهن جرمن سئيڊن تي قبضو ڪندا ته اهو ڏسڻ کان پهريان هو پاڻ کي زهر ڏيندو. مارگريٽا جو چوڻ آهي ته بهتر آهي ته اوهان پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي اهڙي قسم جي سامان مان جان ڇڏايو جيڪو اڳتي هلي اوهان جي پيارن ۾ هرو ڀرو جا عجيب و غريب سوال ۽ شڪ پيدا ڪري. 

منهنجي هڪ  دوست سئيڊن جي اتر ۾ واقع لوليو ٽيڪنيڪل يونيورسٽي مان  پي ايڇ ڊي پوري ڪئي ته هن سندس سپروائيزر کي ڪو تحفو ڏيڻ پئي چاهيو جيڪو سندس سپروائيزر وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ کيس چيو ته مان ته هن وقت عمر جي ان حصي ۾ آهيان جو مان هينئر شيون گڏ نٿو ڪري سگهان بلڪه هاڻي ته مون پنهنجيون گڏ ڪيل شيون ٻين کي  ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. سندس سپروائيزر پوءِ رڳو رات جي ماني کارائڻ لاءِ چيس.    

 ڪتاب جي آخر ۾ مارگريٽا صلاح ڏئي ٿي ته اوهان کي پنهنجين شين کي ڪنهن هڪ پاسي ڪرڻ جو اهو عمل پنجهٺ سالن جي عمر ۾ آهستي آهستي شروع ڪرڻ گهرجي جڏهن اوهان وٽ اڃا ڪافي طاقت، وقت، هوش، حواص ۽ حوصلو هوندو آهي. مارگريٽا جو يوٽيوب تي چئن منٽن کن جو انٽرويو پڻ موجود آهي جنهن ۾ هوءِ ڊيٿ ڪليننگ بابت پنهنجا ويچار ونڊي ٿي.

آءُ مارگريٽا جو ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ انهيءَ سوچ ۾ پئجي ويس ته پاڻ وٽ جنهن ۽ جهڙي انداز ۾ ماڻهن جائز يا ناجائز جيڏو مال ٺاهيو آهي، ان سڄي گند کي جيڪڏهن اهي پاڻ جن اهو گند ڪيو آهي، صاف ڪرڻ شروع ڪن ته گهڻو وقت لڳندو؟ شايد ايڏي وڏي گند کي صاف ڪرڻ لاءِ ڊزن کن ٻيون زندگيون گهرجن.    

هڪ هنڌ ڪٿي ٻوڏ آئي، پاڻي جڏهن گهرن ۾ گھڙڻ لڳو ته هڪ غريب بي فڪرو ٿي وڻ تي چڙهي وڃي ويٺو ۽ ڪرپٽ ۽ نون دولتين ماڻهن گهرن مان قيمتي سامان هٿيڪو ڪرڻ لاءِ پئي ڪڍيو. غريب جڏهن ڏٺو ته انهن ڪيئن نه پريشاني جي عالم ۾ گهرن مان سامان پي ڪڍيوته ان کان کل نڪري وئي، تنهن تي انهن کيس گهٽ وڌ ڳالهائيندي چيو ته اسان هتي پريشان پيا ٿيون ۽ توکان کل ڪانه ٿي بيهي. غريب وراڻين ته اڄ پهريون دفعو ئي ته غريب هئڻ جو مزو آيوآهي جو مون وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي.

ان جو اهو مقصد نه آهي ته ماڻهو پيسا نه ڪمائي ۽ صفا غربت واري زندگي گذاري، چوڻ جو مقصد رڳو اهو آهي ته هن زندگي، شين ۽ مال ملڪيت کي اعتدال سان گذارڻ گهرجي. 

سوهاڻي اوهان جڏهن سامان وٺڻ وڃو ته سامان وٺڻ کان اڳ پاڻ کان اهو سوال ضرور ڪجو ته جيڪو اءٌ هي سامان وٺي رهيو آهيان ان جي ڇا واقعي مونکي ضرورت آهي يا بنا ڪنهن سوچ ۽ سمجھ جي هي سامان وٺي رهيو آهيان؟ ۽ ٻيو ته هن سامان وٺڻ کان پوءِ اهو سامان منهنجي زندگي ۾ ڪهڙي ويليو ايڊ ڪندو.

___________

سنڌ جي شھر مورو سان تعلق رکندڙ ليکڪ گرائونڊ واٽر انجنيئر ۽ سئيڊن ۾ آباد آھي. ھُو سفرناما ۽ ٻين مختلف موضوعن تي لکندو رھندو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button