مارُئي ۽ مارُو
رشيد خاصخيلي
پانڌِي پرين پَنھوار جو آيو ڪالھ ڪھي
خالد جوڳيءَ، مضمون لکيو هو: مارو مارويءَ سان محبت ڪونه ڪندا هئا.
جيتري تائين محبت نه ڪرڻ جي ڳالھ آهي ته، اُها ڪنھن به حوالي سان موزون ڪونھي! جيڪڏهن مارئن کي مارويءَ سان محبت نه هجي ها، ته گھٽ ۾ گھٽ پوءِ ماروي وٽ محبت جو سفر تڪميل تائين نه پھچي ها. مارئن جي محبت ئي هئي جنھن مارئيءِ کي ملير، ۽ پنھوارن جي پکن جو سفير بڻايو هو.! مارئيءَ جي ڏوراپن جي بنياد تي اُھو چوڻ ته هن سان مارو ملير جا محبت نه ڪندا هئا ڪنھن به حوالي سان ڪو سگھارو دليل ناھي!
جڏهن جوڳيءَ جو مٿيون مضمون اخبار ۾ شايع ٿيو هو ته سُرخي (عنوان) هئس ” مارو مارئيءَ سان محبت ڪونه ڪندا هئا“ وري جڏهن ساڳيو مضمون جوڳيءَ پنهنجي فيسبڪ وال تي رکيو هو ته سُرخي مٽائي رکيائين ” مارئي پنهنجي دور جي مسنگ پرسن هئي“
ائين به ممڪن آهي ته هن جي مضمون جو عنوان اخبار وارن هٽائي ڇڏيو هجي يا خود ڌڻيءَ هٽايو هجي! بھرحال اها پروڙ جوڳيءَ کي. ڳالھ عنوان تائين به مُقيد ڪونھي پر سڄو مضمون ئي ان پسمنظر ۾ آڌاريل نظر اچي ٿو!جوڳيءَ اهو مضمون هڪ، تصوراتي (Conceptual) ڪردار جي خيالِ غور، ڳالھين کي اڳيان رکندي لکيو آهي.! جوڳيءَ جي مضمون جو ڪردار به سعادت حسن منٽو جي افسانوي (Fictional) ڪردارن جھڙو ڪردار آهي، جنھن کي هن مضمون ۾ ائين ئي لڪائي رکيو آهي، جيئن ڪا ڳوٺاڻي، دوشيزه پنھنجي مڱيندي جي محبت کي پنھنجي دل ۾ لڪائي رکندي آهي.! جوڳيءَ ائين ڇو ڪيو آهي اُها مام، ڀيد به هن کي معلوم!
جوڳي مضمون ۾ لکي ٿو ” جنھن به داستان ( عمر ماروي) پڙهيو هوندو انھيءَ کي خبر هوندي ته هن لوڪ داستان جي هيروئن مارئي آهي“ ان ڳالھ ۾ ڪو به وڌاءُ ناهي ته مارئي وطن ۽ ويڙھيچن جي محبت جو اهڙو استعارو (Metaphor) آهي، جنھن ۾ لطيف سڄي ديس جو درد کڻي رکيو آهي.
پر جوڳيءَ جو مضمون ٻڌائي ٿو ته پنھوارن، جي نه ئي مارئي سان همدردي نظر اچي ٿي نه ئي محبت!”هن سُر ۾ لطيف، اُنھيءَ قومي نفسيات کي به بيان ڪيو آهي، جيڪا پنھنجي هيرو کان لاتعلقي ڪري ٿي! اُها نفسيات اڄ به نظر اچي ٿي جيڪا سُکن سان ته گڏ آهي پر ڏکن ۾ گڏ ناهي،
جوڳي پنھنجي مٿين ڳالھه جي پُٺڀرائيءَ ۾ ساک طور لطيف جا ڪجھ بيت لکيا آهن جيڪي هيٺ ڏجن ٿا:
” مارو مٽ ملير جا سڀئي پکيا سون،“
”سوکي ويلي سڀ ڪو اوکي تون ئي تون،“
” لوءِ وڃي ڪو چوي منھنجي ماروئڙن کي،
ڇانگاهه ڇڄي ڇيلڙو جي ڪنھن جو هوءِ،
صحيح وڙلج سواءِ آئون ڪيئن ويس وسري!“
” اير نڪو ڀير نڪو اوٺي آيو،
مون وٽ آيو ڪيئن نه ڪيئن ڀائر ڀري پير،
ڪتابون ڪير آڻي ڏيند م ان جون“
مٿين بيتن ۾، بيشڪ ته مارئي ماروئڙن کي ڏوراپا ڏيندي نظر اچي ٿي، پر اڳتي هلي هوءَ خود انھن جي چٽائي ڪري ٿي، ته هو هن جي آزاديءَ لاءِ ڪوشان رهيا! جنھن کي اڳتي هلي پاڻ جاچينداسين. مٿين بيتن جي بنياد تي اهو قياس ڪرڻ ته مارئيءَ جي وارثن هن کان لاتعلقي ڪئي موزون انديشو ڪونھي! ڇو ته اسين اڃا تائين لطيف جي ڪيترن ئي فڪري پاسن کي ڳولھي ئي ناهيون سگھيا.! آغا سليم جي ڳالھ سان اتفاق ڪجي ” ڪنھن به قوم کي پنھنجي تھذيبي ورثي کي ڳولڻ ۾ صديون لڳي وينديون آهن. اسان کي پنھنجي موهن جي دڙي جي تهذيبي ورثي کي ڳولڻ ۾ هزارين سال لڳي ويا ۽ اڃا تائين اُنھيءَ تھذيب جا ڪيترائي تھ اسان کان لڪل آهن ۽ اسين پنھنجي تھذيب جي عظمت جا راز ڄاڻي نه سگھيا آهيون. مغرب جا دانشور اڃا پيا شيڪسپئير کي ڳولھين اسين به گذريل اڍائي سئو سالن کان ڀٽائيءَ کي پيا ڳولھيون ۽ اڃا تائين پوري طرح ڳولھي نه سگھيا آهيون.“ جڏهن لطيف، جو فڪر ئي ڳولھا جو منتظر آهي، ته جوڳيءَ جي اُها راءِ ڪيئن ٿي مڪمل ٿي سگهي.؟
تاريخ جي ڪسوٽيءَ تي ڏسجي ته هر دور ۾ بادشاهن، ۽ حاڪمن سچ کي لڪايو يا ڌٻايو آهي. آپي شاهه عمر لاءِ ائين ڪرڻ اوکو نه هو.!
آئون آغا سليم جي هن ڳالھه جي تائيد ڪندس” عمر آپي شاهه هو ۽ آپي شاهي دور ۾ حاڪم اخلاقي قدرن ۽ قانونن کان مٿاهان هئا. ان دور جا وڏا وڏا ڏاها، جيڪي درٻارن سان وابسطا هوندا هئا انهن جو چوڻ هو ته وقت جو حاڪم ڪنھن به اخلاقي ۽ رياستي قانون جو محتاج نه آهي“
فرانس بيڪن، پنهنجي ڪتاب (Advancement of learning) ۾ لکيو آهي” سڀ شيون ٻين چڱائين جي طلب سان نوازيل آهن. هڪ اها ته ڪا به شئي پنھنجو پاڻ ۾ ڪُل آهي ۽ ٻي اها ته هر هڪ شئي ڪنھن عظيم ڪُل جو جُز آهي. اها پوئين ڳالھ ته هر شئي ڪنھن عظيم ڪُل جو جز آهي، پھرين سوچ کان وڌيڪ اِهم آهي. ان سوچ ۾ وڌيڪ وسعت آهي، اهڙي سوچ سان وڌيڪ تحفظ حاصل ٿئي ٿو.“
مارويءَ جي داستان کي ڀلي ته ڪُل ڪري رکجي پر ان ڪُل پويان وارثيءَ واري جُزن جي پڻ ڳولھا ٿيڻ گھرجي، جيڪي ڪُل جو اٽوٽ (اڻ ڀڄندڙ) حصو آهن جنھن کان سواءِ ڪُل جو اظھار ئي ممڪن ڪونھي، جيڪي وڌيڪ وسعت جا مستحق آهن ۽ انهن جُزن سان ئي مارئيءَ جي داستان جو تحفظ يقيني بڻبو.
ڪيترائي ڏاها آهن جن چيو آهي” ماڻهو سماجي جاندار آهي. هن ۾ انفرادي (Self-preservation) جي جبلت سان گڏ پنھنجي گروهه ۽ قبيلي جي بچاءَ جي سماجي جبلت (Social instinct) به آهي ۽ هن جي سماجي تحفظ واري جبلت سندس انفرادي جبلت کان وڌيڪ طاقتور آهي ڇاڪاڻ جو ماڻھوءَ کي خبر ته انفراديت بجاءِ گروهه يا قبيلي جي بچاءُ کان سواءِ ممڪن نه آهي ان ڪري سماجي تحفظ به هن جي انفرادي تحفظ وانگر سندس رت ۾ شامل آهي.“ جڏهن مارئي کي اهڙين جبلتن جو پتو آهي ته ضرور اُهي خوبيون هن جي سماج ۾ به هونديون، ٿورائي ۾ ئي صحيح . هن لاءِ ضرور سوچيو هوندن ڇو ته انفرادي جبلت کان سواءِ سماجي جبلت جي اڏاوت ممڪن ئي ڪونھي.!
جيتري تائين ڳالھ لطيف جي بيتن جي آهي جيڪي مٿي جوڳيءَ ڄاڻايا آهن، ته انھن ۾ ڏوراوپا آهن نڪي لاتعلقيءَ جو عنصر. مارئيءَ جا ڏنل ڪيترائي ڏوراپا سُر مارئيءَ جو سرسري سفر آهن. پر غور ڪيو وڃي ته اُهي سڀئي ڏوراپا مارئي هجت ۾ مارئن ڏانهن منسوب ڪيا آهن يا قاصدن سان روانا ڪيا آهن.!
لطيف هڪ بيت ۾ چوي ٿو؛
پانڌِي پرين آيو پَنهُوار جو ڪالھ ڪهي،
وٺا مينهن ملير ۾ وائڙ ڏکُ لھي،
ڏٿ پڇي ڏيھ ۾، گھڻي مُوڪَ مَھيِ
ويڙيچن ويھي سڪون لاهيان سومرا!
پانڌي ( پيغام آڻيندڙ، قاصد) مارئيءَ وٽ هلي آيو آهي. هن کي ملير تي پوندڙ مينھن جو ٻڌائي ٿو. وسڪاري پويان مارئن جا ڏک لھي ويا آهن، ڏٿ ڏيھ ۾ پچي راس ٿي آهي، موڪ مھي به گھڻي ٿي آهي، مارئي اُهي سڀئي ڳالھيون ٻڌائي عمر کي چوي ٿي، ڇڏ ته آئون وڃي ويڙھيچن سان ويھي انھن جون سڪون لاهيان!
لطيف، مارئيءَ کي پڙهيل لکيل ڪردار طور به پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيو آهي، مارئي چوي ٿي:
الله اوٺي آڻيين جي نياپا نين،
آئون انھن جي آهيان توڙي مور نه مڃين،
مَسُ منھنجي هٿ ۾ ڪاغذ ڪي آڻين!
لُڙڪ نه لکڻ ڏين ان جي وائيءَ ۾ ور گهڻا.
مٿين بيت ۾ مارئي، چوي ٿي، ڪو اوٺي اَچي، جيڪو نياپا کڻي وڃي .آئون انھن جي ئي آهيان ڀلي کڻين مون کي نه مڃين. مس منھنجي هٿ ۾ آهي، ڪي ڪاغذ آڻين ڏين، منھجا لڙڪ مون کي لکڻ نه ٿا ڏين، ڪريو ٿا پون قلم تي! مٿين بيت ۾ مارئي امڪان ظاهر ڪري ٿي، بيت جي آخري سٽ اُهو پيغام ڏي ٿي ته هن وٽ اڳ به ڪو اوٺي ڪاغذ آڻي چڪو هو! تڏهن هن لکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڳوڙها قلم تي ڪري پيس.!
لطيف مارئيءَ کان هڪ بيت ۾ هيئن به چوائي ٿو؛
ڪاغذ لکان ڪيئن جيئن هيڻئو اَمر اڌ ڪري!
لطيف جي سٽن ۾ مارئي جي وارثيءَ جي جھلڪ واضح آهي! ڪاغذن جي گھر ان ڳالھ کي چتائي ٿي ته مارو مارئيءَ سان پيغام رسائي جي ذريعي ڳنڍيل رهيا.! مارئي ته هن ريت به اظھار ڪري ٿي:
مليران مارو پکي پيھي آيو،
وريا واهرو، هاڻو سڀ هيڻا ٿيا!
مٿين بيت جي تشريع عبدالحفيظ قريشي، پنهنجي پي ايڇ ڊي ۾ هن ريت ڪري ٿو” ملير کان ڪو مارو عمر ڪوٽ ۾ مارئي جي پکي ۾ آيو آهي، تنهن هن کي ٻڌايو ته سڀ متحد ٿيا آهن! ۽ ظالم سڀ ڪمزور ٿيا آهن!“
هيٺ هڪڙو ٻيو بيت ڏجي ٿو جيڪو ان ڳالھ جي وڌيڪ ساک ڀري ٿو ته مارئي جي مائٽن ۽ قبيلي وارن هن جي آزاديءَ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن جيڪي ڪوششون آخر عمر سومري جي صلح تي ڪامياب ٿين ٿيون.!
اٺي ٿي وَراڻ کين واڌايون آيون،
کٿي لوئڙيايين مِڙني کي مينهن ڪاڻ،
صلح واريو سُومري چئي پنهوارن پاڻ!
مٿين بيت جي تشريع قريشي صاحب هن ريت ڪئي آهي” وسڪارو ٿيو آهي ماڻهو واپس آيا آهن، لوئي اوڍڻ وارن ۾ جيڪو عيب پيو هو سو لهي ويو عمر پنهوارن سان پاڻ ڳالهائي صلح ڪئي آهي.!“
جيڪڏھن تسليم ڪجي تہ آيا مارئي سان مارو محبت نہ ڪندا ھا يا لاتعلقي اختيار ڪيائون تہ پوءِ عمر کي انھن سان صُلح جي ضرورت ڇو پئي! ڇا صُلح لاتعلقي ڪرڻ وارن سان ٿيندو آھي؟ صلح تہ گھڻي ڀاڱي ٽڪراءُ کان پوءِ ٻن طاقتن وچ ۾ ٿيندو آھي! ممڪن آ عمر سان مارئن جو ٽڪراءُ ٿيو ھجي! اھڙن اھڃاڻن جي چٽائي خود مارئي جو ڪردار ڪري ٿو، جڏھن ھوءَ عمر کي مارئن جا مثال ۽ چتاءُ ڏيندي نظر اچي ٿي.
لطيف ماروي کان چوايو ٿو:
ڳاڙھَا ڳَنَ ڪُھَاڙِين لاکِيُون لويُون جَنِ،
ميڙي رَتيون مَڃُرَ مَان پَاڳُون پَنوَھارَن،
تون ڪِين سَندِيُون تَنِ جھَنگان آڻِيو جھَليين.!
مٿين بيت جي تشريع قريشي صاحب ھن ريت ڪندي اسان جي علم ۾ اضافو ڪري ٿو ” مارئي جي ماَن وٽ ڳاڙھن ڳنن واريون ڪھاڙيون آھن، ھنن جون لويون بہ لاکَ رتيون آھن ۽ ھن مَڃُرَ مان پنھنجيون پڳون بہ ڳاڙھيون ڪيون. اي عمر! تون ھنن جون عورتون(لڳي ٿو تہ نہ صرف مارئي کڄي آھي پر مارئي جھڙيون ڪيتريون ئي عورتون کڄيون آھن ائين بہ ممڪن آ تہ مارئي پاڻ کي سڀن عورتن سان ڳنڍيو ھُجي!) جھنگ مان ڪيئن ٿو کڻيو اچين؟؟
قريشي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته ماروي جي آزادي سانوڻ جي پھرين تاريخ تي ٿي آهي( جنھن جي ساک ليطيف به ڏي ٿو)
اُٺي ٿي وراڻ کينءَ واڌايون آيون!
مارئي جو قبيلو ريٻاري هو. اڄ به ريٻاري سانوڻ جي پھرين تاريخ تي عمر ڪوٽ ۾ گڻيش گُرو جي اکاڙي ۾ شيوَ پوڄا لاءِ ايندا آهن. اُهو آکاڙو ”ويرناٿ“ يوگيءَ جو آهي وير ناٿ کان پوءِ کپري ڀرسان رَتو ڪوٽ ۾ وڃي رهيو.ڪڏهن ڪڏهن قبيلن ۽ راڄن کان اصل واقعو وسري ويندو آهي، ۽ رڳو رسم جي ادائيگي ياد رهندي آهي.“
قصو مختصر! جيڪڏهن مارئن کي مارئيءَ جي سنڀار، سڪ ۽ سار نه هجي ها ته گھٽ ۾ گھٽ مارئيءَ کي هن جي آزاديءَ جون مبارڪون ڪونه ڏين ها! نه ئي ڪو لطيف هيئن چوي ها؛
اُٺي ٿي وَراڻ کينءَ واڌايون آيون! ________