ذيابيطس ۽ مستقبل جا خطرا: ذيابيطس جي لحاظ کان پاڪستان دنيا ۾ پهرين نمبر تي
شُگر يعني ذيابيطس جي بيماري اسان جي معاشري ۾ تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. اها صرف هڪ بيماري نه پر اسان جي ايندڙ نسلن جي مستقبل لاءِ به هڪ وڏو خطرو آهي. انٽرنيشنل ڊائيبيٽيز فيڊريشن جي 2025ع جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾اٽڪل ساڍا ٽي ڪروڙ بالغ ماڻهو شُگر جي بيماريءَ ۾ مبتلا آهن. شُگر جي شرح جي لحاظ کان پاڪستان دنيا ۾ پهرين نمبر تي آهي.

ڊاڪٽر جئپال ڇاٻڙيا
پاڪستان هن وقت صحت جي هڪ انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال مان گذري رهيو آهي. شُگر يعني ذيابيطس جي بيماري اسان جي معاشري ۾ تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. اها صرف هڪ بيماري نه پر اسان جي ايندڙ نسلن جي مستقبل لاءِ به هڪ وڏو خطرو آهي.
انٽرنيشنل ڊائيبيٽيز فيڊريشن (IDF) جي 2025ع جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ تقريباً ساڍا ٽي ڪروڙ بالغ ماڻهو شُگر جي بيماريءَ ۾ مبتلا آهن. شُگر جي شرح جي لحاظ کان پاڪستان دنيا ۾ پهرين نمبر تي آهي.
اندازو آهي ته جيڪڏهن اسان هن بيماريءَ کي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم نه کنيا ته 2050ع تائين پاڪستان ۾ شُگر جي مريضن جو تعداد ست ڪروڙن تائين پهچي سگهي ٿو.
اهي انگ اکر انتهائي ڳڻتيءَ جوڳا آهن. اسان کي انفرادي ۽ قومي سطح تي هن بيماريءَ خلاف جدوجهد ڪرڻي پوندي.
شوگر جي بيماري ايتري خطرناڪ ڇو آهي؟
ذيابيطس هڪ اهڙي بيماري آهي جنهن ۾ رت ۾ کنڊ جو مقدار معمول کان وڌي وڃي ٿو. جيڪڏهن ان تي وقت سر ڪنٽرول نه ڪيو وڃي ته اها رت جي نالين ۽ نسُن کي نقصان پهچائي ٿي ۽ جسم جي اهم عضون کي متاثر ڪري ٿي.
شُگر سبب هي سنگين بيماريون پيدا ٿي سگهن ٿيون:
1. دل جو دورو ۽ دل جون بيماريون.
2. گردن کي نقصان ۽ گردن جو فيل ٿيڻ.
3. اکين جي نظر خراب ٿيڻ ۽ انڌائپ.
4. هٿن ۽ پيرن جي نسُن جو متاثر ٿيڻ، سُن ٿيڻ ۽ ساڙو محسوس ٿيڻ.
5. پيرن ۾ زخم، انفيڪشن ۽ گينگرين، جنهن سبب ڪڏهن پير به ڪٽائڻو پئجي سگهي ٿو.
6. فالج ۽ رت جي نالين جون ٻيون بيماريون.
جيڪڏهن شُگر سان گڏ بلڊ پريشر ۽ ڪوليسٽرول به وڌيل هجي ته دل جي دوري جو خطرو وڌيڪ وڌي وڃي ٿو.
علاج کان بهتر احتياط آهي
سٺي ڳالهه اها آهي ته ٽائپ ٽو ذيابيطس کي صحتمند زندگي اختيار ڪري گهڻي حد تائين روڪي يا دير سان ظاهر ڪرائي سگهجي ٿو.
منهنجي سڀني ماڻھن کي گذارش آهي ته پنهنجي صحت جي حفاظت لاءِ هيٺ ڏنل ڳالهين تي عمل ڪن.
1. پنهنجو وزن ڪنٽرول ۾ رکو. خاص طور تي پيٽ جي چرٻي گهٽايو.
2. ضرورت کان وڌيڪ کاڌو نه کائو. مناسب مقدار ۾ کاڌو کائڻ جي عادت وڌايو.
3. سلاد ۽ ڀاڄين جو وڌيڪ استعمال ڪريو. فائبر واريون غذائون پنهنجي روزاني خوراڪ ۾ شامل ڪريو.
4. ورزش يا واڪ ڪريو. روزانو پنهنجي صحت ۽ سگهه مطابق واڪ ڪريو. هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 150 منٽ جسماني سرگرميءَ جو هدف رکو.
5. پنهنجو بلڊ پريشر ۽ ڪوليسٽرول ڪنٽرول ۾ رکو. اهي دل ۽ رت جي نالين جي حفاظت لاءِ ضروري آهن.
6. رات جو ماني سمهڻ کان گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ اڳ کائو.
7. وڌيڪ مٺاڻ ۽ تريل کاڌي کان پاسو ڪريو. مٺا مشروب، بيڪريءَ جون شيون ۽ غير صحتمند چرٻيءَ واريون شيون گهٽ استعمال ڪريو. سگريٽ نوشي ۽ تمباڪ پڻ دل لاءِ نقصانڪار آهن، انهن کان مڪمل پرهيز ڪريو.
ياد رکو! توهان پنهنجي صحت جي حفاظت ڪندا ته پنهنجي ٻارن ۽ خاندان جي مستقبل جي به حفاظت ڪندا.
شُگر جي ٽيسٽ ڪڏهن ڪرائڻ گهرجي؟
شُگر جي بيماري شروع ۾ اڪثر واضح علامتون ظاهر نه ڪندي آهي. تنهن ڪري علامتون ظاهر ٿيڻ جو انتظار نه ڪريو.
خاص طور تي 30 سالن کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن ۽ انهن ماڻهن کي جن جي خاندان ۾ شُگر جي بيماري موجود آهي، وزن وڌيل آهي يا ٻيا خطرا آهن، باقاعدگيءَ سان شُگر چيڪ ڪرائڻ گهرجي. سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ٽيسٽ ڪرائڻ هڪ سٺي احتياطي تدبير آهي.
فاسٽنگ بلڊ شُگر: گهٽ ۾ گهٽ اٺ ڪلاڪ بک تي رهڻ کان پوءِ ٽيسٽ ڪرايو.
– نارمل: 100 کان گهٽ.
– پري ڊائيبيٽڪ: 100 کان 125.
– ڊائيبيٽڪ: 126 يا ان کان وڌيڪ.
HbA1c ٽيسٽ: هي ٽيسٽ گذريل تقريباً ٽن مهينن جي سراسري شُگر ٻڌائي ٿو.
– نارمل: 5.7 سيڪڙو کان گهٽ.
– پري ڊائيبيٽڪ: 5.7 کان 6.4 سيڪڙو.
– ڊائيبيٽڪ: 6.5 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ.
جيڪڏهن شُگر جي تشخيص ٿئي ته عام طور تي ٻيهر ٽيسٽ ڪرائي تصديق ڪرڻ ضروري هوندي آهي.
جيڪڏهن توهان اڳ ۾ ئي شُگر جا مريض آهيو ته HbA1c باقاعدگيءَ سان ڪرايو. جيڪڏهن شُگر ڪنٽرول ۾ نه آهي يا علاج ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي ته هر ٽن مهينن کان پوءِ ٽيسٽ ڪرايو. مستحڪم مريضن لاءِ ڊاڪٽر هر ڇهن مهينن تي ٽيسٽ ڪرائڻ جي صلاح ڏئي سگهن ٿا.
اڪثر بالغ مريضن لاءِ HbA1c ست سيڪڙو کان گهٽ رکڻ جو هدف هوندو آهي، پر هر مريض لاءِ اهو هدف سندس عمر ۽ صحت مطابق مختلف ٿي سگهي ٿو.
14 نومبر تي شگر جي مرض جو عالمي ڏينھن ھو. انھيءَ مناسبت سان پاڻ سان ۽ پنهنجي خاندان سان واعدو ڪريو ته پنهنجي صحت جي حفاظت ڪندو. پنهنجي شُگر چيڪ ڪرايو. جيڪڏهن توهان کي اڳ ۾ شُگر آهي ته ان کي ڪنٽرول ۾ رکو. پنهنجي گردن، اکين، نسُن، پيرن ۽ دل جي حفاظت لاءِ باقاعدگيءَ سان طبي معائنو ڪرايو. شُگر کي معمولي بيماري نه سمجهو. بلڊ پريشر ۽ ڪوليسٽرول کي به نظرانداز نه ڪريو.
توهان بچندا ته توهان جا ٻار به بچندا. احتياط، آگاهي ۽ وقت سر علاج ئي هڪ صحتمند سماج جي ضمانت آهن.
___________

ڊاڪٽر جئپال ڇاٻڙيا، ڪراچي



