ٿر: ڪوئلي جي دولت واري ديس ۾ ڏڪار، بک ۽ لڏپلاڻ
ڏڪار هڪ قدرتي آفت آهي پر ان کان بچاءَ لاءِ اڳواٽ تياري ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. اسان لاءِ اهو قسمت جو کيل ڪونهي، چونڊيل نمائندن جي نااهلي ۽ ناقص حڪمراني جو ڏڪار آهي. هنگامي امداد ضروري آهي، پر ڪڻڪ جو ڪٽو، اهو به مخصوص خاندانن کي، ڪنهن مسئلي جو مستقل حل ناهي. ڏڪار کان بچائڻ لاءِ ٿر کي مستقل روزگار جي ضرورت آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب جنوري کان سيپٽمبر 2026 دوران ضلعي ۾ 122 ماڻهن خودڪشي ڪئي، جڏهن ته 2025 ۾ 116 خودڪشيون رڪارڊ ٿيون. جنوري کان آگسٽ 2026 دوران مٺيءَ جي سول اسپتال، جيڪا ضلعي جي واحد وڏي سرڪاري اسپتال آهي، ۾ غذائي کوٽ، گهٽ وزن سان ڄمڻ ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا 480 نوان ڄاول ٻار فوت ٿيا.
علي نواز راهمون
ٿرپارڪر، سنڌ جي انهن ضلعن مان آهي جيڪو قدرتي ۽ معاشي وسيلن سان مالامال هجڻ جي باوجود سماجي ۽ معاشي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ ڪمزور علائقن ۾ شمار ٿئي ٿو. هتي ثقافتي ورثو، مال متاع تي ٻڌل معيشت، زراعت ۽ معدني دولت جا وڏا ذخيرا موجود آهن، پر ماڻهن وٽ تعليم، صحت، پاڻي، غذائيت ۽ بنيادي ڍانچي جي سخت کوٽ آھي.
ڊان جي 1 مارچ 2026 واري رپورٽ موجب سنڌ حڪومت 2023 کان 2025 دوران ٿر جي ڪوئلي مان 50 ارب رپيا رائلٽي جي مد ۾ ڪمايا. ڪوئلي جو ميدان 9,100 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي ۽ ان ۾ اٽڪل175 ارب ٽن ذخيرا آهن. 2023 جي آدمشماريءَ شماري موجب ضلعي جي آبادي 1,778,407 آهي، جيڪا 327,584 گهرن ۾ رهي ٿي. ضلعو 19,637 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ ست تعلقن ۾ 2,365 ڳوٺ آهن ۽ شرح خواندگي 36.4 سيڪڙو آهي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ريگستان جي هيٺان موجود دولت مٿي رهندڙ ماڻهن تائين نه پهتي آهي.
خودڪشيون، ٻارن جو موت ۽ لڏپلاڻ
ميڊيا رپورٽن موجب جنوري کان سيپٽمبر 2026 دوران ضلعي ۾ 122 ماڻهن خودڪشي ڪئي، جڏهن ته 2025 ۾ 116 خودڪشيون رڪارڊ ٿيون. مقامي رپورٽن ۽ پوليس جي تحقيقات ۾ سماجي ۽ معاشي دٻاءُ، ڊگهي ڏڪار، ننڍي عمر ۾ شادي، گهريلو تڪرار، متڀيد ۽ عام مايوسي کي سبب ٻڌايو ويو آهي. صحت جي صورتحال به ايتري ئي ڏکوئيندڙ آهي: جنوري کان آگسٽ 2026 دوران مٺيءَ جي سول اسپتال، جيڪا ضلعي جي واحد وڏي سرڪاري اسپتال آهي، ۾ غذائي کوٽ، گهٽ وزن سان ڄمڻ ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا 480 نوان ڄاول ٻار فوت ٿيا.
جڏهن برسات نه پوي ٿي ته هر سال هزارين خاندان سانگھڙ، ميرپورخاص ۽ بدين جي بئراجي علائقن ڏانهن لڏي وڃن ٿا. ٻارن ٻچن سميت سردي گرميءَ ۾ گهر ڇڏڻ ڪو شوق ناهي، پيٽ جي مجبوري آهي. اهي ڇھ ڇھ مهينا ڪم ڪري ٻه ٽي مڻ اناج گڏ ڪن ٿا. هن لڏپلاڻ جي سڀ کان وڏي قيمت ٻار ڏين ٿا: اهي اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏين ٿا، بنيادي صحت جي سهولت کان محروم رهن ٿا، ۽ ڪيترا ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا.
ڏڪار ۽ حڪومتي ردعمل
هن سال ٿر ۾ مناسب برسات نه پئي ۽ رپورٽن موجب لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو فصل تباھ ٿي ويا. مال لاءِ چارو ختم ٿي ويو، مال بيمارين ۽ بک سبب مرڻ لڳو، ۽ کير مکڻ جهڙو ٿرين جو بنيادي غذائي وسيلو به ڪمياب ٿي ويو. وڻ ٽڻ سڪي ويا ۽ کوهه کارا ٿي ويا.
7 نومبر 2026 تي سنڌ جي وزيراعلي مراد علي شاھ ٿرپارڪر کي ڏڪار متاثر ضلعو قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پاڻي ۽ چاري جي هنگامي فراهمي جون هدايتون ڏنيون. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪارڊ رکندڙ خاندانن لاءِ امداد جو اعلان به ٻڌايو ويو آهي. پر هڪ بنيادي سوال اڃا قائم آهي: ڏڪار کي منهن ڏيڻ جي ڪا واضح، مستقل حڪمت عملي ڪٿي آهي؟
ڏڪار هڪ قدرتي آفت آهي پر ان کان بچاءَ لاءِ اڳواٽ تياري ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. اسان لاءِ اهو قسمت جو کيل ڪونهي، چونڊيل نمائندن جي نااهلي ۽ ناقص حڪمراني جو ڏڪار آهي. هنگامي امداد ضروري آهي، پر ڪڻڪ جو ڪٽو، اهو به مخصوص خاندانن کي، ڪنهن مسئلي جو مستقل حل ناهي. ڏڪار کان بچائڻ لاءِ ٿر کي مستقل روزگار جي ضرورت آهي.
مستقل حل: روزگار ۽ ٿر جا پنهنجا وسيلا
گارمينٽس فيڪٽريون: ٿر جا هزارين نوجوان ڪراچي جي گارمينٽس فيڪٽرين ۾ ڪم ڪن ٿا. جيڪڏهن اهڙيون فيڪٽريون ٿر جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ لڳايون وڃن ته اهي نوجوان، جن وٽ ڪراچي ۾ رهائش جو بندوبست ناهي، پنهنجي علائقي ۾ روزگار ماڻي سگهن ٿا، ۽ نقل مڪاني گهٽجي سگهي ٿي.
هينڊي ڪرافٽ: ٿر جو هنر دنيا ۾ مشهور آهي، پر ٿرياڻين کي مهيني جي محنت جو مناسب اجورو نٿو ملي، جڏهن ته وچولي ڪروڙپتي ٿي ويا آهن. حڪومت کي گهرجي ته هينڊي ڪرافٽ جي واجبي اجوري جو بندوبست ڪري، ته جيئن عورتون گهر ويٺي عزت سان روزگار ڪمائي سگهن.
ڊيري فارمنگ: ٿر جي هڪ پراڻي چوڻي آهي “ٿر آهي ٿڻ تي، نه ڪي ڪڻ تي”، يعني ٿر جي زندگي مال تي بيٺل آهي، زمين جي پيداوار تي نه. ٿر ۾ کير ڏيندڙ مال وڏي تعداد ۾ آهي. ڊيري فارمن ۾ عام ماڻهن جي مال کي شامل ڪرڻ جي واضح پاليسي سان وڏو روزگار پيدا ٿي سگهي ٿو.
چارو ۽ ڏڪار پاليسي: مال جو چارو مفت ڏيڻ بدران گهٽ قيمت تي ڏنو وڃي، ته جيئن ماڻهن جي عزت نفس مجروح نه ٿئي ۽ حڪومت تي بار به گهٽ ٿئي.
زراعت ۽ سولر پمپ: ٿر ۾ مٽيءَ جون ٻنيون گهڻيون آهن جيڪي هر قسم جي ڀاڄي پيدا ڪري سگهن ٿيون، پر پاڻي جي کوٽ ڪري پوکجي نه ٿيون سگهن. آبادگارن کي شمسي توانائي تي هلندڙ پمپ آسان قسطن تي ڏنا وڃن. جيڪي ٻني آباد ڪرڻ ۾ سنجيده هوندا اهي ئي ورتا ويندا. ان سان ٻيلي ۽ ڀاڄين جون ٻنيون آباد ٿي سگهن ٿيون.
ٻيا ڪارخانا: ، ۽ چائنا ڪلي جا ڪارخانا لڳائڻ سان به روزگار جا وڏا وسيلا پيدا ٿي سگهن ٿا.
ٿر جي ڪوئلي ۾ ٿرين کي اوليت ۽ ٿر جي شاگردن لاءِ خاص اسڪالرشپ
ٿر جي ڪوئلي مان حاصل ٿيندڙ دولت تي پهريون حق ٿر جي ماڻهن جو آهي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ٿر ڪول پروجيڪٽن ۾ روزگار جي هر سطح تي، مزدور کان وٺي ٽيڪنيشن، انجنيئر ۽ انتظامي عملي تائين، ٿرپارڪر ضلعي جي رهواسين کي پهرين ترجيح ڏيڻ جي واضح پاليسي جوڙي. ان پاليسي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪمپنين کي پابند ڪيو وڃي ۽ ڀرتين جو سڄو عمل شفاف هجي، ته جيئن ٿر جا نوجوان پنهنجي ئي ڌرتي جي دولت مان روزگار حاصل ڪري سگهن.
ان سان گڏ، ٿرپارڪر ضلعي جي شاگردن لاءِ خاص اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪيو وڃي. ڪوئلي جي رائلٽي جو هڪ مقرر حصو ٿر جي تعليم لاءِ رکيو وڃي، ته جيئن ٿر جا هوشيار ۽ غريب شاگرد مائننگ، انجنيئرنگ، توانائي، طب ۽ ٻين شعبن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهن. ائين ڪرڻ سان ٿر جا تعليم يافته نوجوان مستقبل ۾ انهن ئي پروجيڪٽن ۾ اهم عهدن تي ڪم ڪرڻ جي قابل ٿيندا، ۽ ٿر جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهندا.
جڏهن ٿر جي ماڻهن کي پنهنجي گهر ويجهو روزگار ۽ تعليم ملندي، تڏهن ئي ڏڪار جي ڪري ٿيندڙ لڏپلاڻ گهٽجندي، ٻار اسڪول ۾ رهندا ۽ ڏڪار جو اثر به گهٽ ٿيندو.
ٿر ڊولپمينٽ اٿارٽي جهڙو ادارو، جيڪو پاڻي جي انتظام، مال متاع، ڏڪار برداشت ڪندڙ زراعت، صحت، تعليم ۽ روزگار کي گڏيل منصوبابندي ۽ احتساب هيٺ هلائي، ڊگهي مدي جو فريم ورڪ ڏئي سگهي ٿو.
ٿر جا مسڪين ماڻهو ايتري پيڙا سهڻ باوجود پنهنجي وطن سان محبت ڪن ٿا. انهن کي گهر ويٺي روزگار جا وسيلا مهيا ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. سرڪاري نوڪرين جا وڏا اعلان ۽ ڪڻڪ جي ڪٽي وارو لولي پاپ ڏڪار جو حل ناهي. مستقل منصوبي کانسواءِ نه ٿر کي ڏڪار کان آجو ڪري سگهجي ٿو، نه ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو.
____________

ليکڪ هڪ سوشل ڊولپمينٽ پروفيشنل آهي ۽ عمرڪوٽ ۾ رھي ٿو.
anrahimoo@gmail.com



