محڪم الدين پنھور يادگار ڪتابي ميلو: گمبٽ ۾ ھڪ اُستاد کي ڀيٽا
گمبٽ جي قديم شوالي جي ڇانوَ ۾ سائين محڪم الدين پنھور جي ياد ۾ لڳل هي ڪتابي ميلو تاريخ، علم، ادب ۽ تهذيب جي هڪ خوبصورت سنگم جي علامت آهي، جتي ماضيءَ جون علمي روايتون حال سان هٿ ملائين ٿيون ۽ مستقبل لاءِ نوان فڪري ڏيئا ٻرن ٿا. هڪ طرف شوالي جي قديم عمارت شهر جي تاريخ ۽ ثقافتي ورثي جي ياد ڏياري ٿي ته ٻئي طرف ان جي ڇانوَ ۾ لڳل ڪتابن جا اسٽال علم، فڪر ۽ روشن مستقبل جو پيغام ڏين ٿا.

رميش راجا
تر جي نامور استاد ۽ تعليمدان سائين محڪم الدين پنھور جي نالي سان منسوب ٽه روزه ڪتابي ميلو قديم مندر شوالي جي ڇانوَ ۾ 9 نومبر کان شروع ٿيو آهي، جنھن سان گمبٽ جي علمي ۽ ادبي تاريخ ۾ هڪ نئون سهڻو باب لکجي رهيو آهي.
هيمنت رُت جي ٿڌڙين هوائن سان گڏ ڪتابن جي صورت ۾ مليل هي علمي سوکڙيون، يقيناً، سياري جي ڊگهيون راتيون پڙهڻ، پرجهڻ ۽ سوچڻ ۾ گذارڻ جو سامان بڻجنديون. پوءِ انهن ڪتابن مان پڙهيل سٽن، خيالن، ڪردارن ۽ حوالن جون ڳالهيون مچ ڪچهرين ۾ ٿينديون، جتي هڪ پڙهندڙ جو خيال ٻئي جي سوچ کي نئون رستو ڏيکاريندو. ڪتابن سان اهڙي سنگت ئي ذهنن ۾ روشني، سوچ ۾ وسعت ۽ سماج ۾ سجاڳي پيدا ڪندي آهي.
گمبٽ قديم زماني کان علم، ادب ۽ تهذيب جي سڃاڻپ رکندڙ شهر رهيو آهي. هن شهر جي تعليمي تاريخ جو هڪ اهم باب 4 اپريل 1947ع تي مراد هاءِ اسڪول جي قيام سان شروع ٿئي ٿو. هي ادارو رڳو تعليم ڏيڻ جي جاءِ نه رهيو، پر ڪيترن ئي نسلن جي ذهني، اخلاقي ۽ فڪري تربيت جو مرڪز پڻ بڻيو. استاد الله ورايو جوڻيجو، محڪم الدين پنھور، سيد شرف علي شاهه، مولا بخش ناريجو ۽ محمد قاسم گلال جهڙا بي لوث، مخلص ۽ فرض شناس استاد هن درسگاهه سان وابسته رهيا، جن پنهنجي علمي محنت، سچائي ۽ استادانه ڪردار سان اداري جي ساک کي بلند ڪيو ۽ ڪيترن ئي نسلن جي مستقبل کي سنواريو.
هن ڪتابي ميلي جو افتتاح تر جي نامياري تعليمدان استاد سيد علي رضا شاهه، خادم کهڙائي، استاد نورالدين پنھور، پروفيسر اڪرم آرائين، پروفيسر سجاد احمد پنھور، اصغر لاشاري، صدرالدين شيخ، پروفيسر راشد پريمي ۽ مرڪ مهراڻ ڪتاب گهر جي سرواڻ نويد ناز اڄڻ گڏجي ربن ڪاٽي ڪيو. ھي ميلو ايم. ايم پنھنور ايجوڪيشنل سوسائٽي گمبٽ ۽ مرڪ مھراڻ ڪتاب گھر کھڙا جي گڏيل سھڪار سان لڳايو ويو. افتتاحي تقريب ۾ تر جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان آيل ڪتاب دوستن، اديبن، استادن ۽ علم ادب سان محبت رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجي پسند جا ڪتاب خريد ڪيا. ماڻهن جي هيءَ ڀرپور شرڪت ان ڳالهه جو خوبصورت اظهار آهي ته ڪتابن سان محبت اڄ به اسان جي سماج جي دل ۾ زنده آهي ۽ مطالعي جي اُڃ اڃا اجهامي ناهي.

هتي پنهنجي پيڙهيءَ جي انهن دوستن جو ذڪر ڪرڻ به ضروري سمجهان ٿو، جن گمبٽ جي علمي ۽ ادبي روايت کي نئين سر جيارڻ ۽ ان جي لاٽ کي روشن رکڻ ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي. انهن ۾ سائين علي رضا شاهه، نظر لاکائي، راز علي گل ڀٽو، ساھ شيخ، نذير سروهي، گوهر شيخ، اڪرم لطيفي، اسلم ڀٽي، الطاف ڀٽي، منظور گلال، بشارت ناريجو ۽ ٻيا ڪيترائي ادب دوست شامل آهن. هنن دوستن پنهنجي ذاتي دلچسپي، وقت، محنت ۽ جاکوڙ سان شهر ۾ علم ۽ ادب جو ڏيئو ٻاري رکيو آهي. سندن ڪوششن سان ادبي رهاڻيون، مشاعرا ۽ ڪتابي ميلا ٿيندا رهن ٿا، جيڪي نه رڳو پراڻين ادبي روايتن کي زنده رکن ٿا، پر نئين نسل جي دلين ۾ ڪتابن سان محبت ۽ علمي ذوق پيدا ڪرڻ جو ذريعو پڻ بڻجن ٿا.
گذريل سال ترقي پسند اديب حفيظ شيخ جي نالي سان منعقد ٿيل شاندار ٽه روزه ڪتابي ميلو به انهيءَ علمي ۽ ادبي تسلسل جي هڪ خوبصورت ڪڙي هو. هن ڀيري سائين محڪم الدين پنھور جي نالي سان ڪتابي ميلي جو انعقاد ان روايت کي اڳتي وڌائڻ سان گڏ علم، تعليم ۽ سماجي خدمت ڪندڙ شخصيتن کي سندن حقيقي علمي مقام ۽ احترام ڏيڻ جو هڪ سهڻو مثال آهي. ڪنهن به سماج جي سڃاڻپ رڳو ان جي عمارتن ۽ بازارن سان نه، پر انهن ماڻهن سان به ٿيندي آهي، جن پنهنجي حياتي علم جي لاٽ روشن ڪرڻ ۽ ٻين جي زندگين ۾ آس جا ڏيئا ٻارڻ لاءِ وقف ڪئي هجي.
سائين محڪم الدين پنھور جي زندگي به اهڙي ئي هڪ روشن مثال آهي. سندس نالي سان لڳل هي ڪتابي ميلو هڪ طرف گمبٽ جي علمي روايتن جو تسلسل آهي ته ٻئي طرف سندس زندگيءَ، تعليم لاءِ جاکوڙ ۽ انسان دوست ڪردار کي ياد ڪرڻ جو هڪ مناسب موقعو پڻ آهي.
سائين محڪم الدين پنھور 1932ع ۾ گمبٽ کان 15 ڪلوميٽر پري ڳوٺ رپڙي ۾ هڪ غريب، ديندار ۽ محنتي هاري حاجي محمد صالح پنھور جي گهر جنم ورتو. سندس ننڍپڻ غربت، محنت ۽ سادگيءَ جي ماحول ۾ گذريو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ رپڙي جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين. ننڍپڻ ۾ ڍور چارڻ ۽ زمين جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائڻ سان گڏ پڙهائيءَ جو سلسلو به جاري رکيائين. سندس زندگيءَ جي اها شروعات ان حقيقت جو ثبوت آهي ته علم حاصل ڪرڻ لاءِ رڳو سهولتون نه، پر پختو ارادو، محنت ۽ اڳتي وڌڻ جو جذبو به ضروري هوندو آهي.
1950ع ۾ مراد هاءِ اسڪول گمبٽ مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. 1952ع ۾ سنڌ مسلم ڪاليج مان انٽرميڊيٽ، 1960ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي.اي. ۽ 1970ع ۾ ايم.ايڊ. جي ڊگري حاصل ڪيائين. تعليم سان سندس لڳاءُ رڳو ذاتي ترقيءَ تائين محدود نه هو، پر هن پنهنجي علم کي ٻين جي زندگيءَ ۾ روشني پکيڙڻ جو وسيلو بڻايو.

سندس عملي زندگيءَ جي شروعات 1955ع ۾ گورنمينٽ مراد هاءِ اسڪول، گمبٽ ۾ استاد طور ٿي، جتي تدريس سان گڏ کيس بورڊنگ هائوس جي وارڊن جي ذميواري پڻ سونپي وئي. اڳتي هلي ساڳئي مراد هاءِ اسڪول گمبٽ جو هيڊماستر مقرر ٿيو. ان کان پوءِ سمورا مسجد اسڪولن جي چيف ڪوآرڊينيٽر ۽ پوءِ ضلعي تعليمي آفيسر (ڊي.اي.او.) جي عهدن تي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. هو لڳ ڀڳ اٺ سال نوابشاهه ۾ رهيو ۽ 37 سالن جي سرڪاري ملازمت کان پوءِ 1992ع ۾ ضلعي تعليمي آفيسر نوابشاهه جي عهدي تان رٽائر ڪيائين.
سائين محڪم الدين پنھور جي شخصيت جا بنيادي حوالا ايمانداري، وقت جي پابندي، نظم ۽ ضبط، اصول پسندي، سادگي ۽ انسان دوستي هئا. وڏي سرڪاري عهدي تي فائز رهڻ باوجود سندس لباس، کاڌو پيتو ۽ رهڻي ڪهڻي نهايت سادي هئي. هو مهمان نواز، ڪشاده دل ۽ سخي انسان هو. سندس گهر ايندڙ مهمان لاءِ مانيءَ جي دعوت ڄڻ ته محبت جو لازمي حصو هوندي هئي. هو ڪنهن به ماڻهوءَ کي ماني کارائڻ کان سواءِ موڪلڻ پسند نه ڪندو هو. رنگ، نسل، ذات، فرقي يا مذهب جي بنياد تي ڪنهن سان به فرق نه ڪندو هو. ڪرپشن، سفارش ۽ غيرقانوني مقررين جو سخت مخالف هو ۽ استادن جي ڀرتيءَ ۾ هميشه ميرٽ ۽ اصولن تي قائم رهندو هو.
نوابشاهه ۾ هاءِ اسڪول ٽيچر ۽ پوءِ ڊي.اي.او. جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندي به سندس دل پنهنجي ماڻهن، خاص ڪري گمبٽ ۽ تر جي استادن ۽ شاگردن سان جڙيل رهي. ڪنهن کي روزگار جي ضرورت هجي، ڪنهن شاگرد کي مالي سهائتا کپي يا ڪنهن نوجوان کي اڳتي وڌڻ لاءِ رهنمائي گهرجي، سائين پنهنجي وس آهر مدد ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهندو هو. سندس سرڪاري رهائشگاهه ۾ هڪ ڪمرو ڄڻ ته عام اوطاق بڻيل هوندو هو، جتي ڪنهن جي اچڻ، رهڻ يا ترسڻ تي ڪا به پابندي نه هئي. ڪم ڪار سان نوابشاهه آيل ماڻهو اتي اچي رهندا هئا ۽ مهمانن لاءِ دال مانيءَ جي ديڳڙي به هر وقت تيار هوندي هئي. سندس در تي ايندڙ ڪنهن به ماڻهوءَ کي اجنبي هجڻ جو احساس نه ٿيندو هو. سرڪاري رهائشگاهه جي چوديواريءَ اندر هن پنهنجي محبت ۽ مهمان نوازيءَ سان هڪ اهڙي اوطاق آباد ڪئي هئي، جنهن جا در هر ڪنهن لاءِ کليل هئا.

منهنجي لاءِ به سائين محڪم الدين پنھور جون يادون زندگيءَ جي انهن خوبصورت بابن مان آهن، جن کي وقت جي دز ڪڏهن به ڌنڌلو نٿي ڪري سگهي. 1989ع کان 1993ع تائين مهراڻ يونيورسٽيءَ جي نوابشاهه ڪيمپس ۾ پڙهائيءَ جي سلسلي ۾ نوابشاهه ۾ رهيس. ان دوران سائينءَ سان اڪثر ملاقاتون ٿينديون هيون. سندس شفقت، محبت ۽ مانيءَ جي دعوت سان گڏ پڙهائيءَ ۾ پابندي، وقت جي قدر ۽ زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ بابت نصيحتون به ملنديون هيون. هو نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ سندن صلاحيتن کي اڀارڻ جو فن ڄاڻندو هو.
مون کي اڄ به ياد آهي ته جڏهن هو نوابشاهه جي هندو استادن سان منهنجي واقفيت ڪرائيندو هو ته وڏي فخر سان چوندو هو: ”هي اسان جي گمبٽ جو ڇوڪرو آهي، ڏاڍو قابل ۽ هوشيار آهي. توهان وٽ نوابشاهه جا به هندو ڇوڪرا آهن، انهن کي به وٺي اچو ته پاڻ ۾ مقابلو ڪرايون.“ سندس انهن جملن ۾ پنهنجي شهر جي نوجوان لاءِ محبت، اعتماد ۽ اڳتي وڌڻ جي حوصلا افزائي سمايل هوندي هئي. هو نوجوانن کي رڳو همٿائيندو نه هو، پر سندن صلاحيتن تي اعتماد به ظاهر ڪندو هو.
سائينءَ ئي منهنجي ملاقات نوابشاهه جي مشهور استاد موهن لال صاحب سان ڪرائي ۽ منهنجي لاءِ ٽيوشن پڙهڻ جو به بندوبست ڪيائين. سندس شخصيت جو هڪ ٻيو نهايت خوبصورت پاسو مذهبي رواداري ۽ وسيع النظري هو. ظاهري ڏيک ويک ۾ ڀلي روايتي مذهبي شخص نظر ايندو هو، پر سندس سوچ نهايت وسيع، روشن ۽ انسان دوست هئي. هن ڪڏهن به مون کي يا ڪنهن ٻئي کي پنهنجي مذهب بابت ڪا تلقين نه ڪئي. سندس عمل مان اهو ئي سبق ملندو هو ته انسان جي اصل سڃاڻپ سندس اخلاق، علم، ڪردار ۽ ٻين لاءِ سندس روَيّي ۾ هوندي آهي، نه ڪي سندس مذهبي سڃاڻپ ۾. هو عملي طور ’لڪم دينڪم ولي الدين‘ جي اصول جو قائل نظر ايندو هو. سندس شخصيت ۾ مذهبي وابستگيءَ سان گڏ انساني احترام ۽ رواداريءَ جو جيڪو امتزاج هو، سو اڄ به هڪ خوبصورت مثال آهي.
سندس ٻه فرزند، ڊاڪٽر بدرالدين ۽ ڊاڪٽر شرف الدين، به نوابشاهه ۾ اسان سان گڏ عام ڀلائيءَ جي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندا هئا. اها ڳالهه اڄ به ذهن ۾ تازي آهي ته سائين محڪم الدين پنھور جي اوطاق رڳو رهڻ، ترسڻ ۽ ماني کائڻ جي جاءِ نه هئي، پر محبت، مهمان نوازي، علمي رهنمائي ۽ مذهبي رواداريءَ جو اهڙو مرڪز هئي، جتي پنهنجي شهر ۽ ڳوٺن کان پري آيل نوجوانن کي پنهنجائپ، سهارو ۽ اڳتي وڌڻ جو حوصلو ملندو هو. اهڙا ماڻهو پنهنجي ذات ۽ گهر جي چوديواريءَ تائين محدود ناهن رهندا. هو پنهنجي محبت، شفقت ۽ ڪردار سان ڪيترن ئي نسلن جي زندگين تي اهڙا اڻمٽ نشان ڇڏي ويندا آهن، جيڪي وقت گذرڻ سان وڌيڪ روشن ٿيندا آهن.
سندس زندگيءَ جو هڪ اهم ۽ قابلِ قدر حوالو فلاحي ۽ تعليمي خدمتون پڻ هيون. ضرورت مند نوجوانن کي روزگار جا موقعا ڏيارڻ، غريب شاگردن جون فيسون ڀرڻ ۽ کين ڪتاب ۽ ڪپڙا وٺي ڏيڻ ۾ هو ذاتي دلچسپي وٺندو هو. سندس نظر ۾ تعليم رڳو اسڪول ۽ ڪاليج جي چوديواريءَ اندر حاصل ٿيندڙ سند نه هئي، پر اها انسان کي باوقار زندگيءَ ڏانهن وٺي ويندڙ روشني هئي. شايد انهيءَ ڪري ئي هو نوجوانن جي تعليم ۽ مستقبل کي پنهنجي ذميواري سمجهندو هو.

استاد حاجي محڪم الدين پنھور 8 سيپٽمبر 1999ع تي وفات ڪئي ۽ پنهنجي اباڻي ڳوٺ رپڙي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيو. سندس جسماني وڇوڙو ضرور ٿيو، پر سندس علمي خدمتون، اصول پسندي، مهمان نوازي ۽ انسان دوستيءَ جون يادون اڄ به ڪيترن ئي دلين ۾ زنده آهن. ڪنهن به استاد جي زندگيءَ جو اصل اعزاز سندس عهدي يا سرڪاري خدمتن جا سال نه، پر اهي ذهن ۽ زندگيون هونديون آهن، جن تي سندس علم، شفقت ۽ ڪردار جا نقش رهجي وڃن. ان لحاظ کان سائين محڪم الدين پنھور به انهن استادن مان هو، جن جو ذڪر رڳو يادگيرين ۾ نه، پر ايندڙ نسلن جي تربيت ۾ به زنده رهڻ گهرجي.
ڪتابي ميلا به انهيءَ علمي ۽ فڪري ورثي کي زنده رکڻ جو هڪ اهم وسيلو آهن. اهي رڳو ڪتابن جي نمائش، خريد ۽ وڪري جا عارضي مرڪز ناهن، پر سماج جي فڪري سجاڳي، علمي واڌ ويجهه ۽ تهذيبي ارتقا جا روشن استعارا آهن. ڪتاب انسان کي سوچڻ، سوال ڪرڻ، اختلاف کي سمجهڻ، دليل سان ڳالهائڻ ۽ پنهنجي نظرين کي پرکڻ جو شعور ڏين ٿا. مشهور مفڪر فرانسس بيڪن جو قول آهي ته ”مطالعو انسان کي مڪمل بڻائي ٿو.“ حقيقت ۾ ڪتابن جي سنگت ئي ذهنن ۾ نوان خيال، سماج ۾ نوان سوال ۽ مستقبل لاءِ نوان رستا پيدا ڪندي آهي.
گمبٽ جي قديم شوالي جي ڇانوَ ۾ لڳل هي ڪتابي ميلو به ڄڻ ته تاريخ، علم، ادب ۽ تهذيب جي هڪ خوبصورت سنگم جي علامت آهي، جتي ماضيءَ جون علمي روايتون حال سان هٿ ملائين ٿيون ۽ مستقبل لاءِ نوان فڪري ڏيئا ٻرن ٿا. هڪ طرف شوالي جي قديم عمارت شهر جي تاريخ ۽ ثقافتي ورثي جي ياد ڏياري ٿي ته ٻئي طرف ان جي ڇانوَ ۾ لڳل ڪتابن جا اسٽال علم، فڪر ۽ روشن مستقبل جو پيغام ڏين ٿا. هي منظر پاڻ ۾ هڪ خوبصورت علامت رکي ٿو ته تهذيبون تڏهن ئي زنده رهن ٿيون، جڏهن اهي پنهنجي ماضيءَ کي ياد ڪندي علم ۽ شعور جي نون دروازن ڏانهن اڳتي وڌن ٿيون.
گمبٽ جهڙي تاريخي ۽ علمي شهر ۾ اهڙن ڪتابي ميلن، ادبي رهاڻين، مشاعرن ۽ تعميري سرگرمين جو تسلسل برقرار رکڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. علائقي جي ساڃاهه وندن، استادن، اديبن، واپارين ۽ سماجي ادارن کي گهرجي ته اهڙين علم دوست ڪوششن جي سرپرستي ڪن ۽ انهن کي هر سال وڌيڪ وسيع ۽ بامقصد بڻائين. ساڳئي وقت علائقي جي ماڻهن کي به گهرجي ته هن علمي سهولت مان ڀرپور فائدو وٺن، پنهنجن ٻارن کي ڪتابن سان دوستي ڪرائين ۽ کين علم جي زيور سان مالا مال ڪن. خاص طور والدين جي ذميواري آهي ته ٻارن جي هٿن ۾ موبائل فون سان گڏ ڪتاب به ڏين، کين ڪتابي ميلن ۾ وٺي اچن ۽ مطالعي جي عادت کي سندن روزمره زندگيءَ جو حصو بڻائين.
ياد رکڻ گهرجي ته قومن جي تقدير رڳو وڏين عمارتن، ويڪرن رستن ۽ ترقياتي منصوبن سان نٿي بدلجي، پر انهن جي حقيقي تبديلي پڙهيل، باشعور، تخليقي ۽ سوال ڪندڙ ذهنن سان ممڪن بڻجي ٿي. هڪ سٺو ڪتاب ڪنهن ٻار جي سوچ بدلائي سگهي ٿو، هڪ نئين سوچ ڪنهن خاندان جي تقدير سنواري سگهي ٿي ۽ اهڙيون هزارين روشن سوچون گڏجي هڪ نئين سماج جو بنياد وجهي سگهن ٿيون. ڪتابن جي هڪ ننڍڙي لائبريري به ڪنهن ڳوٺ جي فڪري تقدير بدلائڻ جي سگهه رکي ٿي.
اچو ته گمبٽ جي هن علمي ۽ ادبي روايت کي رڳو ٽن ڏينهن جي ميلي تائين محدود نه رکون، پر ان کي هر گهر، هر اسڪول، هر اوطاق ۽ هر دل تائين پهچايون. سائين محڪم الدين پنھور جهڙن استادن جي زندگيءَ مان ايمانداري، اصول پسندي، علم دوستي، رواداري ۽ انسانيت جا سبق پرايون ۽ انهن کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪريون. ڇو ته ڪنهن استاد کي ياد ڪرڻ جو سڀ کان سهڻو طريقو رڳو سندس نالي سان تقريبون منعقد ڪرڻ نه، پر سندس ڇڏيل علمي ۽ اخلاقي ورثي کي پنهنجي عمل ۾ زنده رکڻ آهي.
آخر ۾ ايترو ئي چوندس ته جنهن سماج ۾ ڪتابن جا ميلا آباد، اوطاقون علمي ڪچهرين سان ڀريل ۽ اسڪول سٺن استادن سان سينگاريل هوندا آهن، اتي ذهنن جي روشني ڪڏهن به ماند نٿي ٿئي. ڪتابن مان جنم وٺندڙ خيال ئي سماج جي اونداهين ۾ ڏيئا ٻاريندا آهن. اهي ڏيئا نسل در نسل منتقل ٿيندا رهن ٿا، ۽ اهڙيءَ ريت علم جي لاٽ ڪڏهن به وسامندي ناهي.
___________

رميش راجا، هڪ سول انجنيئر، دورانديش رٿابندي ڪندڙ، PMP سرٽيفائيڊ ۽ ادب سان چاهه رکندڙ شخصيت آهي، جنهن کي آرٽ ۽ تفريح جو جنون آهي. ساڻس هن اي ميل تي رابطو ڪري سگهجي ٿو: engineer.raja@gmail.com“



