360 ڪارخانا گندو پاڻي ڦليلي، اڪرم واهه ۽ سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪن ٿا
ڪراچي، لاهور ۽ فيصل آباد گندو پاڻي پيدا ڪندڙ وڏن شهرن ۾ شامل، صنعتي گند ۽ گندي پاڻي سبب دريائن، واهن ۽ زميني پاڻي جي آلودگي وڌڻ جو خدشو. سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ سيمينار .

ٽنڊوڄام: پاڻيءَ جي ماھرن ۽ محققن خبردار ڪيو آھي تہ سنڌ ۾ دريائن، واهن، جر جي پاڻي ۽ سامونڊي ماحولياتي نظام کي گندي پاڻي جي نيڪال سبب سنگين خطرا آهن، جڏهن ته صنعتي گدلي ۽ گهريلو نيڪاسي واري پاڻيءَ کي صفائيءَ کانسواءِ آبي ذخيرن ۾ ڇوڙ ڪرڻ سبب انساني صحت، آبي جيوت ۽ پاڻيءَ جي تحفظ جا مسئلا وڌي رهيا آهن، ان ڪري گندي پاڻي جي اثرائتي صفائي ۽ ان جي محفوظ ٻيهر استعمال لاءِ فوري ۽ گڏيل قدم کڻڻ ضروري آهن.
ماھرن اهڙو اظهار سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي فيڪلٽي آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجيءَ جي انرجِي اينڊ انوائرنمينٽ شعبي پاران سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي مالي سهڪار سان جاري تحقيقي منصوبي جي سيمينار دوران اربع ڏينھن ڪيو. ھن منصوبي جو مقصد ٻهراڙي وارن علائقن لاءِ گهٽ خرچ ۽ مقامي وسيلن سان گندي پاڻي جي صفائي جا نظام تيار ڪرڻ ۽ صاف ٿيل پاڻي جي محفوظ ٻيهر استعمال کي هٿي ڏيڻ آهي.
سيمينار جي صدارت ڪندي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته گهريلو گندي پاڻي ۽ صنعتي گند کي صفائي کانسواءِ دريائن ۽ واهن ۾ ڇوڙ ڪرڻ سبب خاص طور هيٺاهين وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي گدلو پاڻي واپرائڻ سبب، پکڙجندڙ بيمارين جو مھاڏو آھي، ھن سنڌو درياهه جي پاڻيءَ ۾ ٽوٽل ڊزولڊ سولڊز (ٽي ڊي ايس) جي مقدار لڳ ڀڳ هڪ هزار تائين پهچڻ بابت رپورٽن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ان جا سبب ۽ اثر معلوم ڪرڻ لاءِ سائنسي جاچ ضروري آهي.
ساحلي علائقن جي صورتحال بابت ڳالهائيندي وائيس چانسلر چيو ته ڪراچي جي سامونڊي ڪناري تي تمر جا ٻيلا ختم ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ٺٽي ۽ سجاول جي علائقن ۾ تمر جي ٻيلن جي پکيڙ ۾ واڌ ٿي آهي.
هن بدين، ٺٽي ۽ سجاول جي علائقن ۾ شگر ملن سان منسوب ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگ جي گندي پاڻي جي نالن ۽ واهن ذريعي نريڙي ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿيڻ وارين رپورٽن تي به ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته اھڙي عمل سان ڍنڍ تباھ ۽ زمينون خراب ٿي رھيون آھن.
فيڪلٽي آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڊين ڊاڪٽر منير احمد منڱرئي چيو ته سنڌ ۾ 10 هزار کان وڌيڪ صنعتون موجود آهن، جڏهن ته حيدرآباد ۾ لڳ ڀڳ 360 صنعتي يونٽن جو مبينا طور گندو پاڻي صفائي کانسواءِ ڦليلي ۽ اڪرم واهه سميت سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي. هن صنعتي گند جي مناسب صفائي ۽ آبي وسيلن کي آلودگي کان بچائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ تي زور ڏنو.
تحقيقي منصوبي جي سربراهه ۽ شعبي انرجِي اينڊ انوائرنمينٽ جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمود لغاري چيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ گندي پاڻي کي گڏ ڪرڻ ۽ صاف ڪرڻ جا مرڪزي نظام موجود ناهن، تنهنڪري مقامي طور موجود مواد مان گهٽ خرچ وارا متبادل نظام تيار ڪرڻ اهميت رکن ٿا. هن ٻڌايو ته تحقيق دوران بجري، ٻوٽن مان حاصل ٿيندڙ مواد ۽ بايوچار کي فلٽر طور استعمال ڪري گهريلو گندي پاڻي جي صفائي جا امڪان جاچيا پيا وڃن، ته جيئن ٻهراڙي جي آبادين لاءِ ڪارائتا حل پيش ڪري سگهجن، پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ اِن واٽر ريسورسز (پي سي آر ڊبليو آر) جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نذر گل وڏن شهرن ۾ گندي پاڻي جي پيداوار بابت انگ اکر پيش ڪندي ٻڌايو ته سندس پريزنٽيشن ۾ شامل ڪاٿن موجب پاڪستان جي 10 وڏن شهرن ۾ ساليانو لڳ ڀڳ 1.334 ارب ڪيوبڪ ميٽر گندو پاڻي پيدا ٿئي ٿو، جن ۾ ڪراچي، لاهور ۽ فيصل آباد نمايان آهن. هن چيو ته اهو پاڻي دريائن، واهن، نيڪال جي رستن، زرعي زمينن ۽ عربي سمنڊ سميت مختلف هنڌن تي ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته گندي پاڻي جي مناسب صفائي ۽ زرعي آبپاشي ۾ پاڻي جي بهتر استعمال سان آلودگي گهٽائڻ ۽ مٺي پاڻي جي ذخيرن تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
اسسٽنٽ سائنٽيفڪ آفيسر نسرين پٺاڻ چيو ته دريائن ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ گهٽتائي سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ زميني پاڻي تي ڀاڙڻ وڌي ويو آهي، جڏهن ته نيڪال جي ناقص انتظام سبب مٿاڇري ۽ زمين هيٺان موجود پاڻي جا ذخيرا به آلوده ٿي سگهن ٿا. هن خبردار ڪيو ته صنعتي گند ۾ موجود ڳرا ڌاتو ۽ نقصانڪار ڪيميائي مادا آبي ماحولياتي نظام کي نقصان پهچائي سگهن ٿا، جڏهن ته گهريلو گندي پاڻي ۾ موجود جراثيم ۽ نامياتي آلودگي انساني صحت ۽ ماحول لاءِ خطرو آهن.
سيمينار کي شيراز احمد بروهي ۽ محترمه لاريب لغاري پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته ان موقعي تي يونيورسٽي جي استادن ۽ شاگردن جو وڏو انگ موجود هو. (پريس رليز)
___________



