Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ڏورينديون ڏسن:شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام تي ٿيل تحقيق ۽ مونجھارن تي بحث

پروفيسر محمد ھنڱورجو، جيڪو پاڻ بہ شاعر  آھي تہ شاھ جو عاشق بہ آھي، تنھن لطيف تي ٿيل تحقيق ۽ مونجھارن بابت “ڏورينديون ڏسن” جھڙو تحقيقي ڪتاب لکيو آھي. ھُن ڪتاب جي ٻارھن بابن ۾ شاھ جي شاعري ۽ ان جي تشريح ڪندڙن جي ڏنل معنائن،تشريحن ۽ بيتن تي بحث ڪيو آھي.

رياض شاھد دايو

انگريزن جي دور کان وٺي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان جيڪا تحقيق جي شروعات ٿي هئي، انھيءَ جو تسلسل اڄوڪي ڊجيٽل دور ۾ بہ جاري آهي، خاص طور تي اسان جي ڌرتيءَ جي فڪر ۽ ڏاهپ جي مشعل لطيف سائينءَ تي ڏاڍو سهڻو ۽ گهڻ پاسائون ڪم ٿي رهيو آهي. حڪومتي وسيلن جي اڻاٺ جي باوجود جيڪو انفرادي ڪم ٿي رهيو آهي، اهو قابل فخر ۽ قابل تحسين آهي، ڇاڪاڻ تہ ڀٽائي سنڌي ٻوليءَ جو ان ڪري عظيم شاعر آھي جو ھن پنھنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ کي گھمي مشاهدو ڪيو ۽ هر منظر کي پنهنجي اکين ۽ دل جي پاتال ۾ سمايو آھي. ھن ڌرتيءَ جي ماڻھن جي تھذيب، تمدن ۽ فڪري روايتن کي داستانن ۾ ايئن نروار ڪيو آھي جو اھي اڄ تائين رھنمائيءَ جو ذريعو آھن، تڏهن تہ انور پيرزادي لکيو آهي “ڀٽائي انساني جينيالاجيءَ جي ڪا انوکي ايجاد آهي جنهن جو ڇيد شايد جينيٽڪ جا ماھر بہ نہ ڪري سگھن. ڀٽائي مختصر عمر يعني 63 سالن جي عمر ۾ جيترو سنڌ کي ڏسي پسي ڊاڪيومينٽ ڪيو آهي اسان گذريل ٽي سئو سالن۾ بہ نہ ڪري سگھيا آهيون.

ڄڻ تہ ھن جي فوٽوگرافڪ ميمري ھئي. ڀٽائيءَ جي اک ڄڻ تہ وڊيو ڪيميرا ھئي جو ھن جيڪو ڏٺو پئي سا فلم ٺھندي پي وئي ۽ پوءِ ڀٽائي جڏهن تنبورو تاڻي راڳ جي سرواڻي ڪندو ھو تہ ان وقت اسڪرين تي سنڌ جي ھڪ اھڙي ڊاڪيومينٽري ھلندي ھئي جنهن ۾ ڪٿي ڪا ڪوِلِ بہ چرندي ھئي تہ نظر ايندي هئي. “

آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ ڪتاب جي مھورتي تقريب

شاھ جي شاعريء جي عظمت گھڻ رخي آھي ڇو تہ سندس پيغام ۾ عشق، محبت، جدوجھد، انسان دوستي، عالم جي آباد ٿيڻ ۽ ساڻيھ جي سڪ جا اھڙا تصور ملن ٿا جيڪي اسان جي معاشري کي قومي يڪجھتي لاء مواد مھيا ڪن ٿا. جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ وارن جي جياپي جو ڪنھن طرح سبب بہ آھي ۽ سندس فڪر ۽ فن سان گڏوگڏ لفظن، اصطلاحن، محاورن، تشبيھن،استعارن ۽  علامتن جو خزانو آھي. اھو خزانو اسان کي صدين تائين ڀٽن ۽ ڀانن جي صدري روايتن، راڳ ۽ مختلف قلمي نسخن ذريعي منتقل ٿيندو رھيو آھي.انھي سڄي خزاني کي مختلف دورن ۾ ڪاتبن لکيو ۽ مختلف مرتب ڪندڙن ڇپرايو آهي، تنھن ڪري رسالن ۾ لفظن جي صورت، املا، ترتيب ۽ پڙھڻيءَ جا ڪجھ فرق نظر اچن ٿا. ھونءَ بہ ٻولي زندہ سماجي حقيقت آھي ۽ ان ۾ ٿيندڙ تبديلين کي اسان جي سماجي ۽ جاگرافيائي بيھڪ سان ڏسڻ گھرجي. شاھ جي شاعريءَ جا حافظ ٿر ۾ بہ آھن تہ ڪاڇي لاڙ ۽ اتر ۾ بہ آھن. جڏھن 1866 ۾ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ڀٽائيءَ جو رسالو سنڌي ٽائيپ رائيٽر جوڙي ان تي ٽائيپ ڪري جرمني جي شهر  لپزيا مان ڇپرايو تہ ان بعد ڪافي عالمن شاه جي رسالي کي ان جدت پسندي جي پوئواري ڪندي ترتيب ڏئي ڇپرايو ۽ پنھنجي حساب سان ان ترتيب ۾ معنائو ۽ شرح پڻ ڏني. پر اڄ تائين انھن ۾ تحقيق ۽ تدوين جي ڪافي گنجائش آھي.

پروفيسر محمد ھنڱورجو جيڪو پاڻ بہ شاعر  آھي تہ شاھ جو عاشق بہ آھي، تنھن لطيف تي ٿيل تحقيق ۽ مونجھارن بابت “ڏورينديون ڏسن” جھڙو تحقيقي ڪتاب لکيو آھي. ھن ڪتاب جي ٻارھن بابن ۾ شاھ جي شاعري ۽ ان جي تشريح ڪندڙن جي ڏنل معنائن،تشريحن ۽ بيتن تي بحث ڪيو آھي، جتي اختلاف ڪيو آھي اھو بہ ذاتي تنقيد بدران دليل، متن، لھجي ۽ تاريخي پس منظر سان ان کي بھتر بنايو آھي.  جيئن “چپر ڪين ڏي” ۽ “شاھ جي ٻولي جو تحقيقي جائزو ” جيڪي  محترمہ ج ع منگھاڻي جا شاھ جي شاعري تي ڪتاب آھن. ھن انھن ڪتابن ۾  لفظن ۽ تشريح کي پرکيو ۽ ان تي مضبوط دليلن ۽ بيتن جي بيھڪ ۽ تاريخي پسمنظر سان ٽيڪاٽپڻي ڪندي درستگي ڪئي آهي  ان لاءِ محمد ھنڱورجو لکي ٿو:

“مانواري ڀيڻ منگھاڻي صاحبہ جي لطيف سان محبت ۽ والھانہ عقيدت سندس ھن ھيڏيءَ محنت ۽ محبت مان ظاھر آھي. باقي لطيف جي لفظن جون مڪمل معنائون ۽ تشريحون ڪنھن ھڪڙي ماڻھوءَ جي وس جي ڳالھ ناھي. اھڙو احساس ۽ ادراڪ ھر ڪنھن کي ھئڻ گھرجي” اھڙي طرح پروفيسر صاحب جي ڪيل ڪم جي بہ ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ گهرجي اھا سندس خواھش بہ آھي.

شاھ سائين جي ٽن سُرن مارئي، سارنگ ۽ ڏھر لاءِ لکي ٿو تہ اھي ٿر۽ ٿري ماحول ۾ ڀٽائي چيا آھن ۽ ھن سنڌ جي وڏن عالمن ھوت چند گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، غلام محمد شھواڻي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش جي ڪيل ڪم کي ساراھيندي، ڪيترن لفظن جي معنائن سان اختلاف ڪندي دليلن سان معنا ڏني آھي. لکي ٿو تہ : “سمورن معزز محققن/ مرتبن جون محنتون، محبتون ۽ بي لوث خدمتون قابلِ قدر آھن پر ڪي لفظ ۽ معنائون البتہ لکي ويٺا جيڪي ھن لاثاني شاعر جي لافاني ڪلام جي حوالي سان ھرگز نہ ھئڻ گھرجن،ڇو تہ اسان جو نوجوان نسل جيڪو لطيف کي پڙھڻ ۽ پروڙڻ جو وڏو شوق رکي ٿو سو غلط معنائن سبب ٻاتاڙجي ويندو.” پروفيسر صاحب بنا ڪنھن ھٻڪ جي انھن عالمن جي معنائن سان ڀيٽيندي جيڪا معني ڏني آھي ان لاءِ کيس جس ھجي. ڇو تہ ھو پاڻ ڪسر نفسي ڪندي پاڻ کي عالم نٿو چئي پر شاھ جو عاشق چئي پنھنجي تاريخي ڪم کي اڳتي وڌائي ٿو.

اھڙي طرح “لطيفي انسائيڪلوپيڊيا” جيڪو بدر ڌامراهو جو لکيل ڪتاب آھي جنھن کي ليکڪ شاھ سائين تي سائنسي نقطہ نگاہ کان لکڻ جي دعوا ڪئي آهي پر جڏهن پروفيسر صاحب ان ڪتاب کي تحقيق جي تارازيءَ ۾ توريو آهي ان ۾ ذڪر ھيٺ آيل وڻن، جيتن جڻن ۽ ماڳن مڪانن کي اڳ وارن محققن ۽شارحن جي پورھئي جو ثمر ڄاڻايو آهي. جنھن ۾ ڪا نواڻ نہ آهي. سندس چوڻ آهي ته ھاڻي جيڪا شاھ تي تحقيق ٿي ان ۾ ڪو نئون رخ ضرور ھجن گهرجي.

محمد حسين ڪاشف جي ڪتاب “شاھ جي سڄاڻ” جيڪو ٻن جلدن ۾ آھي ان تي پڻ پنھنجي حوالي سان پرک ڪري ڪيترن ئي لفظن جون درستگيون ڪيون آھن ۽ ليکڪ جي ڪم کي ساراھيندي لکي ٿو تہ”چند وڏن شارحن کي ڇڏي، شاھ جي ڪلام تي تحقيقي ڪم ڪندڙ /ڪري ويل جن صاحبن کي آئون پڙهي سگھيو آهيان، انھن ۾ ڪاشف جو ڪم عيار جي لحاظ کان منھنجي نظر ۾ مڙني کان مٿاھون آهي.”

رياض شاھد دايو ڪتاب جي مھورتي تقريب ۾ ڳالھائي رھيو اھي

لطيف کي صحيح معني ۾ لکڻ لاء ھنڱورجو صاحب اعرابون (زيرون زبرون ۽ پيش وغيرہ) جي غلط لکڻ کي ڀٽائيءَ جي ٻوليء سان ھٿ چراند سمجھي ٿو. ھئڻ بہ ايئن گھرجي ڇو تہ زير زبر يا پيش بدلائڻ سان لفظ جي معنا ئي ٻي ٿي وڃي ٿي ان ڪري ھن ٻن لطيف جي شيدائي ٿرين نالي حاجي الھداد جنجھي ۽ محمد قاسم راھمون جي مرتب ڪيل شاھ جي گنج لاءِ چئي ٿو ته “ٻنھي صاحبن ،خاص ڪري جنجھي صاحب جي وڏي عرصي واري محنت ۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائي سان والھانہ محبت کان ڪو انڪار ناهي…. (پر ٻئي) موصوف ٻين شارحن کان وڌيڪ غلطيون ڪري ويٺا آهن. ۽ انھن پاران ڏنل اعرابيـن ۽ ڪيترن لفظن جي درستگي ڪئي آهي اڃان وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي. پر انھن بزرگن جي محنت کي ساراھيندي چئي ٿو ته “ھنن ٿري بزرگن جي محنت ۽ محبت وري قابل تعريف آهي. جو سندن ترتيبن ۽ تحريرن کانپوءِ اسان کي اڃان اڳتي ٻہ اکر لکڻ جو موقعو ميسر ٿي سگهيو.”

 پروفيسر غلام رسول اڪرم جيڪو منھنجو بہ ڪاليج ۾ استاد رھيو، نھايت عالم شخصيت ھو. اسان کائنس سنڌي ادب جي حوالي سان ڪافي پرايو، ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف ھو. سندس ڪتاب شاھ لطيف جا بيت ۽ جائزو تي ھنڱورجو صاحب دل وٽان اڀياس ڪري ڪافي لفظن جي درست پڙھڻي ۽معنا ڪئي آهي ڪئي آھي. جيڪو بجا طور علمي بحث پڻ آھي ۽ ٿيڻ گھرجي.

ڊاڪٽر محمد عالم سومري صاحب جي ترتيب ڏنل الف ب وار رسالي کي مصنف ساراھيندي ڪجھ لفظن جي معنا ۽ تاريخي پسمنظر کي پنهنجي تحقيق مطابق درست ڪيو آهي جيڪو بھترين تحقيقي پھلو آھي.

اھڙي طرح ڊاڪٽر نواز علي شوق جي مضمون ڀٽائيءَ جي سُر ڏھر/ ڏاھر ۾ آيل “اصل” ۽ “کريڙ” لفظن بابت ويچار تي بہ پنھنجي عالمانہ راء ڏني آھي.

“پڇن سي پسڻ” آخر ۾ ڏنل باب ھن ڪتاب جو ڄڻ تہ اختصار آھي. لطيف جي رسالي تي تحقيق ۽ ان تي خاص طور لغوي لحاظ کان جيڪو ڪم ٿئي پيو ان کي اجتماعي ۽ ادارتي طور تي ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آھي.

پروفيسر محمد جي ھن ڪتاب ۾ ڏنل معنائون ۽ درست پڙھڻ کي صرف داد نٿو ڏجي پر ان محنت کي وڌيڪ منظم ڪرڻ جي ضرورت آھي. ان لاء ھنن ماھرن کي گڏ ويھاري جامع لغت، مستند رسالي ۽ ڊجيٽل منصوبي ذريعي ايڊيشن تيار ڪرايا وڃن . جيئن شاھ جو ڪلام عام ماڻھوء تائين اصل صورت ۾ اچي سگهي.  اھائي ئي شاھہ لطيف سان سچي محبت جي تقاضا آھي. اميد تہ شاھ جا عاشق پروفيسر محمد جي تحقيقي محنت مان ضرور لاڀ پرائيندا رھندا ۽ سندس ڪم کي اڳتي وڌائيندا رھندا،ڇاڪاڻ تہ علم جو دريا وهندڙ آهي ۽ انهيءَ مان ايندڙ نسل صدين تائين سيراب ٿيندا رهندا.

_________

رياض شاھد دايو انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو صدر آهي ۽ ڪراچي ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button