Editor's pickMain Slideڪالم

هر هٿ ۾ ڪتاب، هر ذهن ۾ انقلاب: ڪتابن جي ضبطي سوچ کي روڪي نٿي سگھي

حيدرآباد جي نسيم نگر، قاسم آباد علائقي  ۾ سنڌي ڪتابن جي اسٽال تي پوليس جو ڇاپو ۽ ڪتاب ضبط ڪرڻ وارو واقعو فاشسٽ حڪمرانيءَ جو تسلسل ۽ سنڌ ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي، سماجي ۽ فڪري زوال جو عڪس آهي.

Book-Stall-Police-The AsiaN

نصير اعجاز

پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان وٺي سياسي حڪومتون هجن يا مارشل لا، سڀني دورن ۾ رياستي موقف کان مختلف آزاد فڪر۽ تاريخ جي تلخ حقيقتن ۽ سياسي اختلاف وارن ڪتابن کي روڪڻ لاءِ بندشن سان گڏوگڏ اسٽالن تي ڇاپا هڻڻ جو سلسلو جاري رهيو آهي. سومر ٻارھين آڪٽوبر 2026 تي حيدرآباد جي نسيم نگر، قاسم آباد علائقي  ۾ سنڌي ڪتابن جي اسٽال تي پوليس جو ڇاپو ۽ ڪتاب ضبط ڪرڻ وارو واقعو بہ نہ رُڳو انھيءَ فاشسٽ حڪمرانيءَ جو تسلسل آھي پر سنڌ ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي، سماجي ۽ فڪري زوال جو عڪس پڻ آهي.

سوشل ميڊيا تي ملندڙ خبرن ۽ تصويرن موجب جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) جي نوجوانن عوام ۾ ڪتاب پڙهڻ جو لاڙو وڌائڻ ۽ علمي واڌارو آڻڻ لاءِ رعايتي ڪتابن جو ھڪ اسٽال ھنيو هو. پر افسوس جو انھيءَ پُراَمن ۽ علم دوست سرگرميءَ تي حيدرآباد پوليس جي اٽالن چڙهائي ڪئي، اسٽال کي غيرقانوني طور بند ڪيو، ڪتاب ضبط ڪيا ۽ صابر چانڊيو ۽ دلشاد چنا سميت ڪتاب وڪرو ڪندڙ ۽ خريد ڪندڙ معصوم نوجوانن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو.

اھو واقعو صرف ڪجھ ڪتابن يا چند نوجوانن جي گرفتاري ناهي، پر فڪر، شعور ۽ آزاد سوچ خلاف ِ جنگ جو سڌو اعلان آهي.

هڪ اهڙي رياست يا حڪومت، جتي بندوق کڻڻ، نفرت  پکيڙڻ  يا عوام جا بنيادي حق کسڻ تي ڪا پابندي نه هجي، پر رستي تي ڪتابن جو اسٽال لڳائڻ کي ڏوھ سمجهيو وڃي، ان کي فاشسٽ حڪمرانيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نٿو چئي سگهجي. رياستي ادارا اڪثر اهو سمجهندا آهن ته طاقت ذريعي سماج کي خاموش ڪري سگهجي ٿو. پر تاريخ شاھد آهي ته جڏهن رياستون ڪتابن جي طاقت کان خوفزده ٿي پونديون آهن، ته اهي زوال جو شڪار ٿي وينديون آهن.

ڪتاب پڙهڻ ۽ ورهائڻ ڪو دهشتگردي نه پر انسانيت جي ترقيءَ جو رستو آهي. ڪتابن تي پابندي ھڻڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪمران عوام کي جاهل رکڻ چاهين ٿا ته جيئن انهن جو استحصال جاري رهي. جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجي طاقت جو غلط استعمال ڪري نوجوانن کان علم جو حق کسين ٿا، ته اها رياستي دهشتگردي آهي جيڪا سماج جي بنيادن کي کوکلو ڪري ڇڏيندي آهي.

جيڪڏهن دنيا جي ترقي يافته ۽ جمهوري ملڪن جو جائزو ورتو وڃي ته اتي ڪتابن، لائبررين ۽ پڙهڻ جي کلئي ماحول کي رياستي سطح تي همٿايو وڃي ٿو. فرانس جي راڄڌاني پيرس ۾ سين نديءَ Seine Riverجي ڪناري تي ڪتابن جا اسٽال پُراڻي زماني کان موجود آهن. اتي نه رڳو حڪومت انهن کي تحفظ ڏئي ٿي پر يونيسڪو انهن کي عالمي ورثي جو درجو ڏنو آهي، جتي سڄي دنيا مان سياح ۽ پڙهندڙ اچن ٿا.

برطانيا جي  وَيلز واري علائقي ۾ هَي-آن-واءِ  Hay-on-Wye کي “ڪتابن جو شهر” سڏيو وڃي ٿو، جتي گهٽين ۽ چوڪن تي ڪتابن جا کليل اسٽال ۽ ميلا لڳندا آهن. حڪومتون اتي نوجوانن کي مفت يا رعايتي اگهن تي ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ وائوچر ڏينديون آهن.

اسڪينڊينيوين ملڪن جھڙوڪ فِنلينڊ ۽ ناروي ۾ عوام کي پڙهڻ ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ عام پارڪن، بس اسٽاپن ۽ بازارن ۾ کليل لائبرريون ۽ ڪتابن جا باڪس رکيا ويندا آهن، جتي ڪنهن به قسم جي روڪ ٽوڪ کانسواءِ هرڪو ڪتاب پڙهي سگهي ٿو.

انھيءَ جي ابتڙ نسيم نگر ۾ شاگردن جي لڳايل بُڪ اسٽال تي ڇاپي وارو افسوسناڪ واقعو اسان جي معاشري جي اونداهي پاسي کي بي نقاب ڪري ٿو ۽ صاف ٻُڌائي ٿو تہ ھن ملڪ ۾ اسان ڪھڙي قسم جي فسطائي حڪمرانيءَ ھيٺ رھون ٿا.پر حڪومت ۽ انتظاميا کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ڪتابن جي دڪانن ۽ اسٽالن کي بند ڪرڻ سان فڪر بند نٿو ٿئي، پر وڌيڪ تيزيءَ سان پکڙجي ٿو. سنڌ ۾ شعور جي روشنيءَ کي روڪڻ جون اهڙيون ڪوششون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون. پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان اڄ تائين جي تاريخ شاھد آھي.

گرفتار ڪيل نوجوان

جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو آھي، پاڪستان جي تاريخ ۾ مختلف دورن ۾ سياسي ۽ نظرياتي بنياد تي ڪيترن ئي ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن تي پابنديون لڳنديون رهيون آهن، ۽ ادبي ميلن يا ڪتابن جي اسٽالن  تي ڇاپا هڻي ڪتاب ضبط ڪرڻ يا اسٽال بند ڪرائڻ جا واقعا پڻ پيش ايندا رھيا آهن. پر ڇا انھن فاشسٽ قدمن سان ڪا بہ حڪومت اڄ تائين عوام جي شعور کي فتح ڪري سگھي آھي؟

جنرل ايوب خان جي مارشل لا ۽ ون يونٽ جي قيام وارو دور سياسي مرڪزيت، سخت انتظامي ڪنٽرول ۽ نظرياتي سختيءَ جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو. هن دور ۾ خاص طور تي سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد (هاڻوڪي خيبر پختونخواھ) صوبن ۾ قومي حقن جي تحريڪن کي دٻائڻ لاءِ ادب تي سخت نظر رکي وئي. ون يونٽ جي قيام جي خلاف ۽ مغربي پاڪستان جي مختلف صوبن جي تاريخي سڃاڻپ بچائڻ لاءِ جيڪي ڪتاب لکيا پي ويا، انهن تي حڪومت طرفان سخت بندشون وڌيون ويون. ان دور ۾ ڪيترائي سياسي، تاريخي ۽ ترقي پسند ڪتاب ضبط ڪيا ويا. حڪومت خلاف آواز اٿاريندڙ يا ون يونٽ جي پاليسين تي تنقيد ڪندڙ ليکڪن جا ڪتاب بازار مان کنيا ويا. لاهور، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ اهڙن پبلشرن جا دڪان ۽ اسٽال پوليس جي نشاني تي هئا، جن کاٻي ڌُر جا يا قومپرست ادب جا ڪتاب ڇپيا يا وڪرو ڪيا. ڪيترن ئي ڪتابن جي دڪانن تي سرڪاري ايجنسين ڇاپا  هڻي مواد ضبط ڪيو ويو.

اڻويھ سئو ستر واري ڏھاڪي ۾ جيتوڻيڪ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت عوامي طاقت ۽ جمهوري نعرن ذريعي وجود ۾ آئي هئي، پر هن دور ۾ پڻ ڪيترن ئي ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن تي پابنديون لڳايون ويون. ڀٽو صاحب جي دور ۾ لڳ ڀڳ ٽي ڊزن کن سنڌي ڪتابن تي ھڪ ئي وقت پابندي ھڻڻ جو واقعو تہ تاريخ جو ھڪ ڪارو باب آھي. ضلعي انتظاميا کي اختيار ڏنا ويا هئا ته اهي اهڙا ڪتاب ضبط ڪن جيڪي ملڪي سلامتي يا حڪومتي موقف جي خلاف هجن. ان سلسلي ۾ ڪتابن جي دڪانن، پبلشنگ هائوسز ۽ مختلف علمي ميلن ۾ اسٽالن تي ڇاپا ھڻي ڪتاب هٽايا ويا. حيدرآباد مان نہ رُڳو ھڪ ادبي ماھوار رسالي ”سُھڻي“ کي بند ڪيو ويو پر انھيءَ جي ايڊيٽر۽ مشھور اديب طارق اشرف کي گرفتار ڪيو ويو جيڪو ٻاويھ مھينا جيل ڪاٽي پوءِ آزاد ٿيو. اھري طرح مشھور شاعر ابراھيم منشيءَ کي بہ گرفتار ڪيو ويو ھو. پر وقت ثابت ڪيو تہ روشن خيالي ۽ انساني شعور جي ارتقا کي ڪو بہ جابر حڪمران روڪي نٿو سگھي.      

جنرال ضياءُ الحق جي آمريت دوران فڪري ۽ سياسي آزاديءَ تي سخت پابنديون هيون. هن دور ۾ ترقي پسند، کاٻي ڌُر  ۽ جمهوري سوچ رکندڙ ليکڪن توڙي شاعرن جا ڪتاب وڏي پيماني تي ضبط ڪيا ويا.   ڪيترن ئي انقلابي شاعريءَ تي ٻڌل ڪتابن ۽ سياسي معاملن تي لکيل ڪتابن کي ملڪ دشمن يا نظريہ پاڪستان جي خلاف قرار ڏئي ضبط ڪيو ويو.

گھڻو پري نہ وڃو. جولاءِ 2020ع ۾ پنجاب ڪرڪيولم اينڊ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران هڪ ئي وقت تقريبن 100 جي لڳ ڀڳ اسڪولي ڪتابن تي پابندي هنئي وئي، جيڪي آڪسفورڊ، ڪيمبرج ۽ ٻين خانگي پبلشرن شائع ڪيا هئا. بورڊ جو مؤقف هو ته انهن ڪتابن ۾ نظريہ پاڪستان، اسلامي روايتن ۽ پاڪستاني خودمختياريءَ خلاف مواد ڇپيل آهي. ان حڪم کان پوءِ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ پبلشرن جي گودامن ۽ بازارن ۾ ڪتابن جي اسٽالن تي اوچتا ڇاپا هنيا ويا ۽ مارڪيٽ مان اهي سڀ ڪتاب ضبط ڪيا ويا.

پوليس وارا ڪتاب ظبط ڪري کڻي وڃي رھيا آھن

ڪجھ سوشل ميڊيا رپورٽن موجب ڪيترن ئي شهرن ۾ دڪاندارن شڪايت ڪئي آهي ته رياستي موقف کان مختلف موقف رکندڙ تاريخي يا انساني حقن بابت پرڏيھي پبلشرن جي ڪتابن کي لڪائڻ يا اسٽال تان هٽائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، ۽ تعميل نه ڪرڻ تي اسٽال بند ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون.

ھاڻي ھڪ ڀيرو وري سنڌ ۾ رياستي ڏاڍ جي ھڪ نئين لھر شروع ٿي آھي. وقت جي ضرورت آھي تہ رياستي ڏاڍ خلاف آواز اُٿارجي. علم ۽ شعور خلاف رياستي دهشتگرديءَ جو مقابلو منظم، پرامن ۽ فڪري مزاحمت سان ڪجي. سمورين سياسي، سماجي ۽ تعليمي تنظيمن کي هن فاشسٽ رويي خلاف گڏجي مضبوط حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. گرفتار نوجوانن جي آزاديءَ لاءِ تہ آواز لازمي طور اُٿارجي پر انھيءَ سان گڏ سنڌ جي ھر شھر ۾، شهرن جي گهٽين ۽ چونڪن تي وڌيڪ زورشور سان ڪتابن جا اسٽال ھڻڻ شروع ڪيا وڃن ته جيئن انتظاميا کي اهو پيغام وڃي ته فڪر کي زنجيرون نٿيون وجهي سگهجن. دانشورن ليکڪن  توڙي سماج جي ٻين طبقن جي ساڃاھ وند ماڻھن جو اتحاد ٺاهي ان واقعي خلاف اخبارن ۽ سوشل ميڊيا ذريعي فڪري مهم هلائي وڃي ته جيئن حڪمرانن جي ان جاهلانه حرڪتن کي قومي ۽ عالمي سطح تي بي نقاب ڪري سگهجي.

عام ماڻهن ۽ خاص ڪري نوجوانن تائين رعايتي يا مفت ڪتاب پهچائڻ لاءِ گهٽين، چوڪن ۽ علمي ادارن ٻاهران کليل اسٽالن جو تسلسل جاري رکڻ گھرجي. سنڌ جي پوليس ۽ انتظاميا جي علم دشمن ڪارروائين جو هڪ وائيٽ پيپر تيار ڪري ان کي قومي ۽ بين الاقوامي ميڊيا، انساني حقن جي تنظيمن تائين پهچائڻ گھرجي.

___________

Nasir Aijaz - Sindh- Pakistan

نصير اعجاز صحافي آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button