سنڌ ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ آھي ۽ ذھني صحت جا مسئلا وڌي رھيا آھن
سماجي دٻاءَ ۽ غلط فهمين سبب ڪيترائي ماڻهو ذهني صحت جي مسئلن باوجود اسپتالن ڏانهن وڃڻ کان ڪيٻائين ٿا. ماضيءَ ۾ ڪچهرين، اوطاقن ۽ سماجي رابطن ذريعي ماڻهن کي هڪٻئي سان ويجهڙائپ ۽ سکڻ جا موقعا ملندا هئا، جڏهن ته جديد گيجٽس جي وڌندڙ استعمال سبب سماجي رابطن ۽ تربيت جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي. نوجوانن ۾ ڊپريشن ۽ ٻين ذهني مسئلن بابت وڌندڙ خدشن کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت کي گھرجي ته بنيادي صحت مرڪزن جي سطح تي به نفسياتي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن جون خدمتون فراهم ڪري تہ جيئن ماڻهن کي پنهنجي علائقن ۾ ئي بهتر علاج جي سهولت ملي سگهي.

ذهني صحت جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي سر ڪائوسجي جهانگير انسٽيٽيوٽ حيدرآباد ۾ آگاهي سيمينار، واڪ، نمائش ۽ ٽيبلوز ذريعي ذھني صحت جي مسئلن کي اُجاگر ڪيو ويو.
حيدرآباد
سنڌ ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ آھي ۽ ذھني صحت جا مسئلا وڌي رھيا آھن جڏھن تہ سماجي دٻاءَ ۽ غلط فهمين سبب ڪيترائي ماڻهو ذهني صحت جي مسئلن باوجود اسپتالن ڏانهن وڃڻ کان ڪيٻائين ٿا. ماضيءَ ۾ ڪچهرين، اوطاقن ۽ سماجي رابطن ذريعي ماڻهن کي هڪٻئي سان ويجهڙائپ ۽ سکڻ جا موقعا ملندا هئا، جڏهن ته جديد گيجٽس جي وڌندڙ استعمال سبب سماجي رابطن ۽ تربيت جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي.

ذهني صحت جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي ڇنڇر ڏينھن سر ڪائوسجي جهانگير انسٽيٽيوٽ حيدرآباد ۾ ڪوٺايل سيمينار ۾ ڳالھائيندي مختلف مقررن چيو تہ نوجوانن ۾ ڊپريشن ۽ ٻين ذهني مسئلن بابت وڌندڙ خدشن کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت کي گھرجي ته بنيادي صحت مرڪزن (BHU) جي سطح تي به نفسياتي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن جون خدمتون فراهم ڪيون وڃن، جيئن ماڻهن کي پنهنجي علائقن ۾ ئي بهتر علاج جي سهولت ملي سگهي.

ذهني صحت جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي سر ڪائوسجي جهانگير انسٽيٽيوٽ حيدرآباد ۾ آگاهي سيمينار سان گڏ واڪ، نمائش ۽ ٽيبلوز ذريعي بہ ذھني صحت جي مسئلن کي اُجاگر ڪيو ويو.
خاص مھمان ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسيءَ سيمينار ۾ ڳالھائيندي چيو ته ذهني صحت بابت عوامي شعور اجاگر ڪرڻ، مريضن سان شفقت، همدردي ۽ عزت سان پيش اچڻ ۽ کين بروقت علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته آگاهي پروگرامن جي حقيقي ڪاميابي تڏهن ممڪن آهي، جڏهن انهن مان حاصل ٿيندڙ پيغام کي عملي زندگيءَ ۾ اپنايو وڃي ۽ معاشري ۾ ذهني بيمارين بابت موجود غلط فهمين کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون وڃن.

ڪمشنر چيو ته ذهني دٻاءَ ۽ مايوسيءَ جو شڪار ماڻهن، خاص طور نوجوانن، کي سهارو ڏيڻ ۽ سندن اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ معاشري جي هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته آگاهي واڪ، ٽيبلوز، ڊرامن ۽ ٻين سرگرمين ذريعي ذهني صحت بابت اهم پيغام عام ماڻهن تائين پهچائي سگهجن ٿا.
ھن چيو تہ سيمينار جو مقصد رڳو شرڪت ڪرڻ نه، پر هتي حاصل ٿيندڙ ڄاڻ ۽ پيغام کي پنهنجي معاشري تائين پهچائي مثبت تبديلي آڻڻ هجڻ گهرجي.
اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل صحت ڊاڪٽر هادي بخش جتوئيءَ چيو ته ملڪ ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽ ذهني صحت سميت مختلف بيمارين جا وڌندڙ مسئلا صحت جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت کي ظاهر ڪن ٿا. هن چيو ته ماضيءَ ۾ ڪچهرين، اوطاقن ۽ سماجي رابطن ذريعي ماڻهن کي هڪٻئي سان ويجهڙائپ ۽ سکڻ جا موقعا ملندا هئا، جڏهن ته جديد گيجٽس جي وڌندڙ استعمال سبب سماجي رابطن ۽ تربيت جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي. هن ڊاڪٽرن تي زور ڏنو ته پنهنجا فرض ايمانداريءَ سان ادا ڪن ۽ اسپتالن جي انتظاميا مريضن جي ضرورتن ۽ علاج جي سهولتن تي خاص ڌيان ڏئي.

اڳوڻي جج عبد الرسول ميمڻ چيو ته ڊاڪٽرن جي کوٽ سان گڏ ذهني صحت جا مسئلا به ڳڻتيءَ جوڳا آهن. هن چيو ته سماجي دٻاءَ ۽ غلط فهمين سبب ڪيترائي ماڻهو ذهني صحت جي مسئلن باوجود اسپتالن ڏانهن وڃڻ کان ڪيٻائين ٿا. اهڙن ماڻهن جي همٿ افزائي ڪرڻ، کين علاج لاءِ آماده ڪرڻ ۽ بنا ڪنهن فرق جي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ضروري آهي.

اداري جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر نثار احمد سوھو مهمانن جي آجيان ڪندي چيو ته ذهني صحت رڳو ڪنهن هڪ فرد جو مسئلو نه، پر سڄي معاشري جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته ذهني صحت جي مريضن جي حقن جو تحفظ، سندن ڳالهه ڌيان سان ٻڌڻ ۽ کين عزت ۽ همدرديءَ سان علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ لازمي آهي. نوجوانن ۾ ڊپريشن ۽ ٻين ذهني مسئلن بابت وڌندڙ خدشن کي نظر ۾ رکندي هن سنڌ حڪومت تي زور ڏنو ته بنيادي صحت مرڪزن (BHU) جي سطح تي به نفسياتي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن جون خدمتون فراهم ڪيون وڃن، جيئن ماڻهن کي پنهنجي علائقن ۾ ئي بهتر علاج جي سهولت ملي سگهي.
ان موقعي تي ڊاڪٽر قلب حيدر اداري جي تاريخ ۽ خدمتن بابت آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته سر ڪائوسجي جهانگير انسٽيٽيوٽ 1865ع ۾ قائم ٿيو ۽ ذهني صحت جي شعبي ۾ ڊگهي تاريخ رکي ٿو. هن چيو ته ادارو جديد طبي سهولتن سان گڏ مريضن جي علاج، تعليم ۽ تربيتي سرگرمين ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ موجب، اداري جي ٻاهرين مريضن واري شعبي (او پي ڊي) ۾ روزانو لڳ ڀڳ 700 مريضن جي معائني ۽ علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٿيون.

سيمينار ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سعود احمد لنڊ، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالله دايو، ڊاڪٽر شاهنواز دل، پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي گهوٽو، نور علي خواجه، پروفيسر ڊاڪٽر زينت علي، ڊاڪٽر دريا خان لغاري، سينيئر ڊبليو ايم او ڊاڪٽر صبا ميمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر زهرا الطاف، ڊاڪٽر عبدالرزاق چنه، هاءِ ڪورٽ بار جي وائيس پريزيڊنٽ ريحانه نظير، ڊاڪٽر غلام شبير شيخ، ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ سروسز اسپتال حيدرآباد، MS ٽي ايڇ ڪيو اسپتال قاسم آباد، ايم ايس – سي ڊي ايف اسپتال حيدرآباد، ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز حيدرآباد ڊويزن آفتاب احمد قاضي ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آصف علي ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. صحت واري کاتي جا آفيسر، طبي ماهر، يونيورسٽين جا استاد، محققن، سماجي ڪارڪن، فلاحي تنظيمن جا نمائندا، مخير حضرات، مريضن جا مائٽ ۽ شهري بہ شريڪ ٿيا. يونيورسٽين جي طرفان پروفيسر ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي (چيئرمين شعبو ڪميونٽي ميڊيسن اينڊ پبلڪ هيلٿ سائنسز، اسرا يونيورسٽي)، پروفيسر ڊاڪٽر ايڇ. جوکيو (محقق ۽ اسڪالر براءِ صحتِ عامه)، پروفيسر زينت ايم. علي (مهراڻ يونيورسٽي جامشورو)، پروفيسر ڊاڪٽر جبين ڀٽو، جامعہ سنڌ جامشورو جي استادن ۽ شعبہ فارميسي و شعبہ اينٿروپالاجي سان وسيع نمائندن شرڪت ڪئي.
تقريب جي شروعات اداري جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر نثار احمد سوهو جي آجيان واري خطاب سان ٿي.

تقريب ۾ مريضن جي تيار ڪيل فنپارن، دستڪاري ۽ ڀرت جي نمائش ڪئي وئي، جنهن انهن جي تخليقي صلاحيتن ۽ بحاليءَ جي سفر کي نمايان ڪيو. راندين ۽ موسيقيءَ جي سرگرمين به شرڪت ڪندڙن جو ڌيان ڇڪايو. صحت ياب ٿيندڙ مريضن ڍول وڄائي مهمانن جي آجيان ڪئي، جڏهن ته ڊپريشن بابت آگاهي ٽئبلو ۽ سائنسي سيشنن ذريعي ذهني صحت جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪيو ويو. آگاهي ريليءَ ۾ اداري جي عملي، مريضن جي مائٽن، سماجي تنظيمن ۽ شهرين شرڪت ڪري ذهني صحت بابت شعور پکيڙڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
اداري ۾ مريضن جي طبي سار سنڀال سان گڏ نفسياتي ۽ سماجي بحالي، تخليقي سرگرمين ۽ خانداني رابطن کي مضبوط ڪرڻ تي به توجهه ڏني پئي وڃي. سائڪائٽرڪ ايمرجنسي يونٽ ۾ خانداني شموليت ۽ ‘فيملي ميٽ اپس’ جهڙن قدمن ذريعي مريضن کي انهن جي پيارن سان ٻيهر جوڙڻ ۽ بحاليءَ جي عمل ۾ خاندان کي شريڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اداري جي ٻين خدمتن ۾ پبلڪ مينٽل هيلٿ، ڪاگنيٽو بهيويرل ٿراپي، ايڊڪشن سائڪائٽري، وومينز سائڪائٽري، پيرينيٽل مينٽل هيلٿ، فارنزڪ سائڪائٽري ۽ 24 ڪلاڪ ٽيلي سائڪائٽريءَ جي سهولت شامل آهي.

ھن سال جي ذھني صحت جي عالمي ڏينهن20جو موضوع ھو “Lived Experiences Heard: Real Voices, Real Change” جيڪو انھيءَ ڳالھ تي تي زور ڏئي ٿو ته ذهني صحت جي مسئلن مان گذرندڙ فردن جو آواز ٻڌو وڃي، انهن جي تجربن کي سمجهيو وڃي ۽ علاج، بحالي ۽ فيصلن ۾ انهن جي راءِ کي اهميت ڏني وڃي.
تقريب جي پڄاڻيءَ تي اهو پيغام نمايان رهيو ته ذهني صحت جي حقيقي بحالي صرف بيماريءَ جو علاج ناهي، بلڪ انسان کي ان جي خاندان، سماج ۽ زندگيءَ سان ٻيهر جوڙڻ جو نالو آهي. مريضن کي عزت، پنھنجائپ ۽ قبوليت فراهم ڪري ئي هڪ اهڙو سماج جوڙي سگهجي ٿو جتي ذهني صحت جا مسئلا ڪنهن فرد جي سماجي زندگيءَ ۾ رڪاوٽ نه بڻجن.
_______________



