سنڌي ادب مان چُونڊ: ڇو ڇڏي ويا سنڌ امڙ کي (شاعري)
وطن ۾ ئي قومون ڄمن ٿيون مرن ٿيون،
وطن ۾ ئي قومون تڳن ٿيون ترن ٿيون (محمد خان مجيدي)

محمد خان مجيدي سنڌي ٻوليءَ جو هڪ قومپرست شاعر هو. مجيديءَ پاڻ کي مڪمل طور شاعريءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. هو اسٽيج تي پنهنجي شاعري ترنم ۽ مٺي آواز سان پڙهندو هو. سندس پهريون ڪتاب “سنڌڙي ۽ ان جون قومون”، جيڪو سنڌ جي ذاتين ۽ قبيلن بابت 96 بندن تي ٻڌل هڪ طويل نظم آهي (جنهن جو هر بند 8 سٽن تي مشتمل هو)، 1992ع ۾ شايع ٿيو. سندس شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب “مٽي منهنجي مٽي آ”، 2000ع ۾ شايع ٿيو.
ڇو ڇڏي ويا سنڌ امڙ کي
اوهان ڪنب، ڪشمور، مورو ڇڏي ويا،
سجاول، سرهاڙي، بٺورو ڇڏي ويا،
اوهان جاٽ جاتي، پٿورو ڇڏي ويا،
اوهان ڍٽ، ڍيليار، ڍورو ڇڏي ويا،
ڇڏي ويا صدين جي پراڻي ثقافت،
هتي ئي اوهان جي ٿئي ها حفاظت.
وطن ۾ ئي قومون ڄمن ٿيون مرن ٿيون،
وطن ۾ ئي قومون تڳن ٿيون ترن ٿيون
وطن ۾ ئي ويجهن ۽ پلجن پرن ٿيون،
وطن ۾ هلن ٿيون چلن ٿيون ورن ٿيون،
لڏڻ جي اچي ٿي نه تن تي ڪا نوبت،
هتي ئي اوهان جي ٿئي ها حفاظت.
وطن جي محبت کي ايمان سمجهڻ،
وطن کي ئي گيتا ۽ قرآن سمجهڻ،
وطن کي ئي داتا ۽ ڀڳوان سمجهڻ،
وطن تان ڪسڻ کي وڏو شان سمجهڻ،
اها آهي حب وطن جي علامت،
هتي ئي اوهان جي ٿئي ها حفاظت.
اوهان ساڌ ٻيلو ۽ ٻيلو ڇڏي ويا،
اوهان ئي ملوڪن جو ميلو ڇڏي ويا،
اوهان لاڙڪاڻو ۽ ريلو ڇڏي ويا،
اوهان خاص مندر جو چيلو ڇڏي ويا،
اوهان پنهنجي ساري ڇڏي ويا ڪتابت،
هتي ئي اوهان جي ٿئي ها حفاظت.
اوهان پنهنجي پوشاڪ ٻولي ڇڏي ويا،
ڏياري دسهڙو ۽ هولي ڇڏي ويا،
هو موٽڻ ۽ موهن جي ٽولي ڇڏي ويا،
اچڻ واري ساعت سڻولي ڇڏي ويا،
اوهان ڪا نه سوڀي جي سمجهي سياست،
هتي ئي اوهان جي ٿئي ها حفاظت.
اوهان مارئي جي حقيقت کان واقف،
ڀٽائيءَ جي قومي قدامت کان واقف،
امڙ جي اطاعت اصالت کان واقف،
اڏيري ۽ سچل، عنايت کان واقف،
اوهان جي وڃڻ جي نه هئي ڪا عبارت.
هتي ئي اوهان جي ٿئي ها حفاظت.
اوهان پنهنجا ڌرمي ترانا ڇڏي ويا،
حياتيءَ جا حيلا بهانا ڇڏي ويا،
گرن جا اوهان گيت گانا ڇڏي ويا،
اوهان پنهنجا علمي خزانا ڇڏي ويا،
ڇڏي ويا اوهان پنهنجي پوري شناخت.
هتي ئي اوهان جي ٿئي ها حفاظت.
هو گيتن گلابن جو چندر ڪٿي ٿيو،
هو سوکي، سري، شاهبندر ڪٿي ٿيو،
مروت محبت جو مندر ڪٿي ٿيو،
اجاريو هو جنهن ڪالهه اندر ڪٿي ٿيو،
نڪو ڏور ڏيهي نڪو ڏور ڀارت،
هتي ئي اوهان جي ٿئي ها حفاظت.
هتي ئي رهيا سي هتي ئي رهن پيا،
اباڻي وطن ۾ سي ڏاڍا ٺهن پيا،
سوين لاڳ لهڻا ۽ ليکا لهن پيا،
نه پرديس جا سور صدما سهن پيا،
رهن سيم پنهنجي ۾ سوڍا سلامت.
هتي ئي اوهان جي ٿئي ها حفاظت.
دکايل ضيا، پنجواڻي کڻي ويا،
اتم، سندري، موٽواڻي کڻي ويا،
هو ڪلياڻ، موتي، درياڻي کڻي ويا،
اوهان پنهنجي آتم ڪهاڻي کڻي ويا،
اسان کان نه ورتي اوهان ڪا اجازت.
هتي ئي اوهان جي ٿئي ها حفاظت.
ورهايون وڃن ٿيون، ورهاڱي ۾ ڌرتيون،
ورهايا وڃن ٿا نه سرتا نه سرتيون،
ورهايا وڃن ٿا نه گهر ٻار گهرتيون،
نه ڇڏجن ايئن ٿيون مرادون ۽ مرتيون،
وڃڻ وارا تن سان هلي ڪا نه حجت،
هتي ئي اوهان جي ٿئي ها حفاظت.
(محمد خان مجيدي)
___________

چونڊ ڪندڙ: ناري لڇواڻي. (ناري لڇواڻي ناميارو شاعر، ڪلاڪار ۽ سينئر براڊڪاسٽر آھي. سندس وڏڙن جو تعلق سنڌ جي ساھتي پرڳڻي سان آھي. ھُو ھِردارام نگر ۾ رھي ٿو



