گورک هِل اسٽيشن: خواب، سفر ۽ اڻپورا سرڪاري واعدا
گورک ھِل اسٽيشن جي ترقيءَ جو اڻپورو سفر، کيرٿر جي ٿڌين هيرن کان آڊٽ رپورٽن تائين حقيقي ڪهاڻي جيڪا خطرناڪ رستن ۽ شفافيت جو سوال اُٿاري ٿي.

لڳ ڀڳ ٻن ڏھاڪن جي وڏين سرڪاري دعوائن کانپوءِ اڄ جڏهن اربين رپين جي بجيٽن، سرڪاري منصوبن ۽ آڊيٽر جنرل جي رپورٽن تي نظر وجهجي ٿي ته ھڪ سوال اُٿي ٿو تہ ڇا گورک هڪ محفوظ، پائيدار ۽ مڪمل سياحتي ماڳ بڻجي سگهيو آهي؟
نسيم بخاري
2014ع ۾ اسان فيصلو ڪيو هو ته سنڌ جي”ڪوھ مري“گورک هِل اسٽيشن تي وڃي، سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور جي ميزبانيءَ هيٺ آل سنڌ مشاعرو ڪوٺائينداسين. ان فيصلي جي پٺيان رڳو ڪنهن تفريحي هنڌ تي وڃڻ يا هڪ مشاعرو ڪرائڻ جو مقصد نه هو، پر اسان جي خواهش اها هئي ته سنڌ جي ماڻهن جو ڌيان پنهنجي ئي ڌرتيءَ جي هن حسين، ٿڌي ۽ قدرتي حسن سان مالامال ماڳ ڏانهن ڇڪائجي.
اسان چاهيو ٿي ته سنڌ جو ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ جي حسن کي پاڻ دريافت ڪري. اسان وٽ ٿر جا ريگستان، ڪينجهر ۽ منڇر جهڙيون ڍنڍون، سنڌو درياهه، کيرٿر جا جبل، قديم آثار، تاريخي شهر ۽ بي شمار قدرتي ۽ ثقافتي ماڳ موجود آهن، پر افسوس اهو آهي ته اسان مان ڪيترائي ماڻهو پنهنجي ئي ڌرتيءَ جي انهن نعمتن کان اڻواقف آهن.

گورک ڏانهن اسان جو سفر ان ئي سوچ جو حصو هو.
اسان سڄي سنڌ مان شاعرن ۽ اديبن کي گورک اسٽيشن تي وٺي وياسين. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، دادو، نوابشاهه، لاڙڪاڻي، سکر ۽ سنڌ جي ٻين شهرن مان شاعر ۽ اديب ان سفر ۾ اسان جا ساٿي بڻيا.
جُون جو مهينو هو، پر گورک جي موسم اهڙي هئي، ڄڻ جنوريءَ جي سخت سيءَ جو سمو هجي. گورک جي اوچائي ۽ ٿڌي هوا جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته مشاعري ۾ شريڪ ٿيل ڪيترائي شاعر ۽ اديب سخت ٿڌ سبب گهڻي دير تائين ويهي به نه سگهيا. پر ان ٿڌ به اسان جي جذبي کي ٿڌو نه ڪيو.
گورک جي حسين فطرت، کليل آسمان، جبلن جي خاموشي، ٿڌي هوا ۽ شاعرن جي آواز گڏجي هڪ اهڙو ادبي ماحول پيدا ڪري ڇڏيو هو، جنهن کي اڄ به ياد ڪجي ته ذهن ۾ ڪيترائي خوبصورت منظر تري اچن ٿا.
اسان اتي رات جي مانيءَ جو انتظام ڪيو هو، صبح جي نيرن جو به بندوبست هو ۽ رهائش جي سهولت پڻ موجود هئي. اسان جي ڪوشش هئي ته سنڌ جي مختلف علائقن مان ايندڙ شاعرن ۽ اديبن کي گورک جي ماحول ۾ ڪجهه وقت گڏ گذارڻ، ادبي گفتگو ڪرڻ ۽ فطرت سان ويجهڙائي محسوس ڪرڻ جو موقعو ملي.

اهو پروگرام پنهنجي نوعيت جو هڪ وڏو ۽ يادگار پروگرام هو. اسان کان پوءِ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن وارن پڻ گورک اسٽيشن تي پروگرام ڪيو. اهڙيءَ طرح گورک رڳو هڪ جبل يا سياحتي ماڳ نه رهيو، پر ادبي ۽ سماجي سرگرمين جو به هڪ مرڪز بڻجڻ جو تصور وڌيڪ مضبوط ٿيو.
گورک ڏانهن سفر، جيڪو پاڻ هڪ امتحان هو
گورک جي خوبصورتيءَ تائين پهچڻ ايترو آسان نه هو. اسان جڏهن واهي پانڌيءَ کان گورک تائين فور ويل گاڏين ذريعي مٿي وياسين ته ساڍا ٽي ڪلاڪ اسان کي سفر ۾ لڳا. ان وچ ۾ اسان جي گاڏين ڏهه پندرهن منٽن لاءِ هڪ هنڌ بيهي وقفو پڻ ڪيو. ان کان پوءِ اسان ٻيهر اڳتي روانا ٿياسين.
اهو سفر ٿڪائيندڙ به هو ۽ دلچسپ به. رستي ۾ جيڪي منظر اسان ڏٺا، انهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ آسان ناهي. جبلن جي وچ مان لنگهندڙ رستو، اوچائي، هيٺ رهجي ويندڙ واديون ۽ قدرت جي بدلجندڙ رنگن کي ڏسندي اسان الله جو نالو وٺندي گورک پهتاسين.
واپسيءَ وقت صورتحال اڃا وڌيڪ خوفناڪ محسوس ٿي. جڏهن اسان اتان اوچائيءَ تان هيٺ لهي رهيا هئاسين ته ڪيترن ئي ساٿين جو ساهه ئي سڪي ويو هو. رستي جي ڪنهن موڙ تي جيڪڏهن گاڏي ٿوري به بي قابو ٿئي ها ته نتيجو انتهائي خطرناڪ ٿي سگهي پئي.
واپسيءَ کان پوءِ اسان جي ڪيترن ئي دوستن اهو عزم ڪيو ته هاڻي ٻيهر گورک نه وينداسين، ڇو ته اتي پهچڻ وارو رستو ان وقت خطري کان خالي نه هو.

پر منهنجو خيال اڄ به اهو ئي آهي ته مسئلو گورک جو نه، رستي جو آهي. جيڪڏهن منزل خوبصورت هجي ته رستو به محفوظ، آرامده ۽ دلڪش هجڻ گهرجي. ان ڪري اسان جي راءِ رهي آهي ته گورک تائين جديد ۽ محفوظ سفري نظام سان گڏ اهڙي چيئر لفٽ يا ڪيبل ڪار جو به امڪان ڳولھڻ گهرجي، جيڪا سياحن لاءِ سفر کي آسان بڻائي ۽ رستي جي انهن دل کي وڻندڙ، روح کي تازگي بخشيندڙ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ منظرن کي به .
گورک تان واپسيءَ کان پوءِ به اسان جو اهو سلسلو ختم نه ٿيو. مون پنهنجي ادارت هيٺ شايع ٿيندڙ ماهوار «وک» رسالي جو گورک هِل اسٽيشن بابت هڪ خصوصي شمارو پڻ شايع ڪيو. 2015ع ۾ اهو خاص گورک نمبر پڙهندڙن آڏو آندو ويو، جنهن ۾ گورک اسٽيشن بابت تاريخي ۽ معلوماتي تحريرن سان گڏ اسان جي منعقد ڪيل آل سنڌ مشاعري جون سرگرميون پڻ شامل ڪيون ويون. منهنجي لاءِ اهو رڳو هڪ رسالو شايع ڪرڻ جو عمل نه هو، پر گورک بابت سنڌي سماج ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ هن ماڳ ڏانهن ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ جي هڪ ادبي ۽ صحافتي ڪوشش هئي.
مون ان خصوصي نمبر جا 100 پرچا گورک هِل اسٽيشن تي قائم هوٽل جي ٺيڪيدار، جمن جمالي، ڏانهن موڪليا هئا، ته جيئن هُو اتي ايندڙ ويندڙ ماڻهن ۽ سياحن کي اهي رسالا تحفي طور ڏئي.
اسان جو خيال هو: جيڪڏهن ڪنهن ماڳ کي ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ ڏيڻي آهي ته ان لاءِ رڳو سرڪاري اعلان ڪافي ناهن. ادب، صحافت، ثقافت، سفرناما، تصويرون، مشاعرا ۽ سماجي سرگرميون به ڪنهن علائقي کي ماڻهن جي شعور ۾ متعارف ڪرائين ٿيون. اسان جو مشاعرو ۽ ”وک“ جو گورک نمبر ان ئي فڪري سفر جا ٻه اهم مرحلا هئا.

پر سرڪار گورک لاءِ ڇا ڪيو؟
هي سوال هاڻي ذاتي ساروڻيءَ کان اڳتي وڌي سرڪاري رڪارڊ تائين پهچي ٿو.
سنڌ حڪومت 2008ع ۾ گورک هِلز ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪئي. قانون تحت هن اداري کي رڳو جبل تي عمارتون ٺاهڻ جو ڪم نه ڏنو ويو، پر زمين جي ترقي، پاڻي، مواصلات، رهائش، سياحت، ماحولياتي بهتري، صفائي، صحت، تعليم، روڊن، تفريحي سهولتن ۽ مقامي آباديءَ جي سماجي ۽ معاشي بهتري تائين وسيع ذميواريون ڏنيون ويون آهن.
ان کان پوءِ مختلف دورن ۾ روڊ، رهائش، ريسٽ هائوس، فيملي ريزرٽ، سياحتي هاسٽل، ريسٽورنٽ، مسجد، ڊسپينسري، پاڻيءَ جا ذخيرا ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ رقمون خرچ ٿيڻ جون سرڪاري دعوائون سامهون آيون آهن.
2023ع ۾ گورک هِلز ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ان وقت جي چيئرمين رفيق جماليءَ موجب، گذريل نون سالن دوران اٿارٽي کي لڳ ڀڳ 3 ارب رپيا جاري ڪيا ويا هئا. سندس بيان مطابق واهي پانڌيءَ کان گورک تائين 35 ڪلوميٽر روڊ، ڇهه فرنشڊ ڊوپليڪس فيملي ريسارٽ، اٺ ڪمرن وارو ٽوئرسٽ هاسٽل، ريسٽ هائوس، هٽس، مسجد، ريسٽورنٽ، ٻارن لاءِ راند جو هنڌ، سولر پاور، ڊسپينسري ۽ پاڻيءَ لاءِ اٺ ذخيرا ۽ پمپنگ اسٽيشنون ٺاهيون ويون هيون. ان وقت سرڪٽ هائوس، باربي ڪيو پوائنٽ، زُو ۽ وڌيڪ فيملي ريزارٽس تي ڪم جاري هجڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي وئي هئي. منصوبا به ٺهيا آهن، پئسا به لڳا آهن ۽ ڪجهه سهولتون به وجود ۾ آيون آهن.
اصل سوال اهو آهي ته جيڪو ڪجهه ٿيو، ڇا اهو گورک کي هڪ مڪمل، محفوظ ۽ پائيدار سياحتي ماڳ بڻائڻ لاءِ ڪافي ٿيو؟
سرڪاري منصوبن ۽ زميني حقيقتن جي وچ ۾ فاصلو
2025ع ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ سياحتي ماڳن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گورک هِل ريسارٽ لاءِ روڊن تائين رسائي بهتر ڪرڻ، رهائش جون سهولتون وڌائڻ ۽ تفريحي سرگرمين کي بهتر بڻائڻ جا منصوبا غور هيٺ آيا. اجلاس ۾ سنڌ جي سياحت کي روزگار ۽ معاشي ترقيءَ سان ڳنڍڻ ۽ پائيدار سياحت تي زور پڻ ڏنو ويو.
ساڳئي سال نومبر ۾ سنڌ حڪومت جي نمائندي سياحت بابت هڪ تقريب ۾ گورک هِل تي اهم ترقياتي ڪم ٿيڻ جو ذڪر ڪندي اهو به چيو ته هاڻي جيڪي ماڻهو مري يا نٿيا گلي وڃڻ جو سوچين ٿا، اهي گورک ڏانهن به رخ ڪري سگهن ٿا.
هي سرڪاري موقف پنهنجي جاءِ تي اهم آهي.
پر ساڳئي وقت 2025ع ۾ گورک جي بنيادي ڍانچي ۽ سهولتن بابت خدشا به عوامي سطح تي سامهون آيا ۽ هڪ رپورٽ ۾ گورک ڏانهن ويندڙ روڊ جي حالت ۽ سنگل ٽريڪ هجڻ تي سوال اٿاريا ويا.
ان مان هڪ ڳالهه واضح ٿئي ٿي: گورک بابت مسئلو هاڻي رڳو منصوبي جو ناهي، منصوبي جي نتيجي جو آهي. گورک جي ڪهاڻيءَ جو سڀ کان اهم تحقيقي پاسو هاڻي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي رپورٽن مان سامهون اچي ٿو.
آڊيٽر جنرل جي خاص آڊٽ، جيڪا گورک هِلز ڊولپمينٽ اٿارٽي جي 2014ع کان 2022ع تائين جي مالي معاملن ۽ سمر ريزارٽ جي ترقيءَ تي مرڪوز هئي، 2025ع ۾ رپورٽ ٿي. رپورٽ ۾ مختلف ترقياتي ۽ مالي معاملن بابت اعتراض اٿاريا ويا.
مثال طور، آڊٽ ۾ 35 کان 42 ڪلوميٽر جي وچ ۾ RCC روڊ ۽ retaining wall جي ڪم بابت 74.840 ملين رپين جي ادائيگيءَ کي M&R هيڊ مان ڪرڻ تي اعتراض ڪيو ويو. آڊٽ جو موقف هو ته اهو ڪم منظور ٿيل PC-I جي Capital Component تحت ٿيڻ گهرجي ها.
ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها ته آڊٽ ۾ ساڳئي نوعيت ۽ specification واري ڪم لاءِ مختلف شرحون استعمال ٿيڻ جي بنياد تي 233.764 ملين رپين جي ادائيگين کي به اعتراض هيٺ آندو ويو ۽ ان کي ڪمزور contract management سان ڳنڍيو ويو. رپورٽ ۾ اهو به لکيل آهي ته انتظاميا طرفان آڊٽ جي انهن معاملن تي گهربل جواب ۽ Departmental Accounts Committee جي ڪارروائي نه ٿي سگهي هئي.
اهي انگ ڪنهن هڪ فرد تي الزام لڳائڻ لاءِ نه، پر هڪ وڏي سوال لاءِ اهم آهن:
جيڪڏهن گورک تي سالن کان اربين رپين جي سطح تي ترقياتي ڪم ۽ منصوبا موجود آهن، ته پوءِ سياح کي اڄ به رستي، سهولتن، انتظام، رهائش ۽ حفاظت بابت سوال ڇو ڪرڻا پون ٿا؟
ان سوال جو جواب نعري سان نه، دستاويزن، آڊٽ، مڪمل ٿيل منصوبن، خرچ ٿيل رقم ۽ زميني نتيجن جي ڀيٽ سان اچڻ گهرجي.
قانون به موجود، اٿارٽي به موجود، منصوبا به موجود
هتي هڪ ٻيو اهم پاسو به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. گورک هِلز ڊولپمينٽ اٿارٽي جو بنيادي قانون موجود آهي ۽ 2024ع ۾ ان ۾ ترميم پڻ سنڌ اسيمبليءَ مان منظور ٿي. يعني ادارتي ڍانچو اڃا موجود آهي ۽ گورک جي ترقي لاءِ قانوني ذميواري به واضح آهي.
سنڌ حڪومت جي سيڙپ واري دستاويز ۾ پڻ گورک هِل کي sustainable ۽ eco-friendly resort طور ترقي ڏيڻ، نجي شعبي جي شموليت ۽ Public-Private Partnership جي ذريعي جديد سياحتي سهولتون پيدا ڪرڻ جو تصور موجود آهي. ان دستاويز ۾ حڪومت طرفان منصوبي کي ترجيحي بنيادن تي اڳتي وڌائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي وئي آهي.
ته پوءِ هاڻي سوال اهو ناهي ته ”ڇا گورک لاءِ ڪا رٿا آهي؟“
سوال اهو آهي ته: رٿا ڪڏهن مڪمل ٿيندي؟ ۽ ان کان به اهم سوال: سياح کي ان جو عملي فائدو ڪڏهن ملندو؟
گورک کي رڳو ريزارٽ نه، مڪمل سياحتي نظام بڻائڻو پوندو
گورک کي ترقي ڏيڻ جو مطلب رڳو ڪجهه هوٽل، ريسٽورينٽ يا روڊ ٺاهڻ نه هجڻ گهرجي. اتي محفوظ ۽ معياري روڊ هجن، صاف پاڻي هجي، بجليءَ جو قابل اعتماد نظام هجي، صفائيءَ جو مستقل بندوبست هجي، خاندانن لاءِ مناسب رهائش هجي، ٻارن لاءِ تفريحي جايون هجن، مقامي شين ۽ هٿ جي هنر لاءِ مارڪيٽ هجي، ايمرجنسي طبي سهولت هجي، سياحن جي حفاظت لاءِ تربيت يافته عملو هجي ۽ مقامي ماڻهن کي روزگار ۾ پهريون حق ڏنو وڃي.

گورک جي فطري حسن کي بچائڻ به ايترو ئي ضروري آهي جيترو ان کي ترقي ڏيڻ.
جيڪڏهن جبل کي ڪنڪريٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيوسين، جيڪڏهن قدرتي ماحول کي بي ترتيب اڏاوتن سان ڀري ڇڏيوسين، جيڪڏهن گندگي ۽ پلاسٽڪ کي روڪڻ جو نظام نه ٺاهيوسين ته پوءِ اسان سياحت جي نالي ۾ ان ئي حسن کي نقصان پهچائينداسين، جنهن جي ڪري ماڻهو گورک ڏانهن ايندا.
ان ڪري گورک لاءِ Eco-Tourism Master Plan، سياحن جي کڻڻ جي گنجائش، ماحولياتي تحفظ، وڻڪاري، فضول مواد جي انتظام، پاڻيءَ جي مستقل فراهمي ۽ مقامي برادريءَ جي شموليت کي لازمي بڻائڻ گهرجي.
اڄ جڏهن ان سفر کي ڪيترائي سال گذري چڪا آهن، تڏهن پوئتي نظر وجهون ٿا ته دل ۾ هڪ سوال ضرور پيدا ٿئي ٿو:
اسان 2014ع ۾ شاعرن کي گورک وٺي ويا هئاسين ته جيئن سنڌ گورک کي سڃاڻي. اڄ 2026ع ۾ سوال اهو آهي ته ڇا گورک ايترو اڳتي وڌي چڪو آهي، جيترو اسان ان وقت تصور ڪيو هو؟
جواب شايد اسان سڀني کي گڏجي ڳولڻو پوندو.
حقيقي ترقي اها آهي، جيڪا فائل مان نڪري روڊ تي نظر اچي، منصوبي مان نڪري سياح جي سهولت بڻجي، بجيٽ مان نڪري مقامي ماڻهوءَ جي روزگار تائين پهچي ۽ اعلان مان نڪري ايندڙ نسلن جي ميراث بڻجي.
گورک رڳو هڪ جبل ناهي. اهو سنڌ جي قدرتي حسن، کيرٿر جي جبلن، ٿڌي موسم، برفباريءَ جي امڪان، وسيع منظرن، سياحتي روزگار ۽ عوامي خوشين سان ڳنڍيل هڪ اهم ماڳ آهي. آڊيٽر جنرل جي رپورٽ به گورک کي سنڌ جي کيرٿر جبلن ۾ 5,689 فوٽ جي اوچائيءَ تي واقع اهم سياحتي هنڌ طور بيان ڪري ٿي.
اسان جي نسل گورک کي ڏٺو آهي. اسان اتي شاعري ڪئي آهي. اسان اتي رات گذاري آهي. اسان ان جي ٿڌ کي محسوس ڪيو آهي. اسان ان جي خطرناڪ رستي کي به ڏٺو آهي ۽ ان جي دل موهيندڙ فطرت کي به. هاڻي ايندڙ نسل کي اسان کان اهو سوال ڪرڻو آهي ته اسان گورک لاءِ ڇا ڇڏي ويا آهيون؟
هڪ خراب رستو؟ ڪجهه عمارتون؟ ڪجهه سرڪاري منصوبا؟ يا هڪ مڪمل، محفوظ، ماحول دوست ۽ عوام دوست سياحتي نظام؟
سنڌ وٽ قدرتي حسن جي ڪا کوٽ ناهي؛ کوٽ رڳو ان حسن کي محفوظ ڪرڻ، سنوارڻ، منظم ڪرڻ ۽ دنيا آڏو پيش ڪرڻ واري مسلسل ۽ سنجيده سوچ جي آهي. گورک کي سندس جائز مقام ڏيارڻ لاءِ حڪمرانن، انتظاميا، سياحتي ادارن، مقامي آبادي، اديبن، صحافين، سيڙپڪارن ۽ سماجي تنظيمن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هاڻي گورک بابت نئون اعلان ڪرڻ کان اڳ پراڻن اعلانن جو حساب ڏسڻ گهرجي: ڪهڙو منصوبو منظور ٿيو؟ ڪيتري رقم لڳي؟ ڪڏهن مڪمل ٿيو؟ ڪهڙي سهولت سياح کي ملي؟ ڪهڙو ڪم اڃا باقي آهي؟ ۽ آڊٽ جي اعتراضن تي ڪهڙو عمل ٿيو؟
جيڪڏهن انهن سوالن جا جواب شفاف نموني عوام آڏو اچي وڃن ته گورک جي ترقيءَ جو سفر رڳو سرڪاري فائلن جو موضوع نه رهندو، پر سنڌ جي عوام جي اکين اڳيان هڪ حقيقي تبديلي بڻجي ويندو.
شايد ان ڏينهن اسان ٻيهر گورک ڏانهن وڃون.
پر هن ڀيري فور ويل گاڏيءَ ۾ خوف سان نه، محفوظ ۽ آرامده سفر سان.
۽ شايد ان ڏينهن گورک تي ڪو شاعر مشاعري ۾ هيءُ خيال ٻڌائي ته:
”هيُ اهو گورک آهي، جنهن لاءِ اسان خواب ڏٺو هو . “
____________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“ شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.



