نيپال ۾ ٻوڏ ۽ ۽ ڇپون ڪرڻ سبب فوتين جو تعداد 597 ٿي ويو؛ 2,000 کان وڌيڪ گم
گم ٿيلن ۾ 177 هندستاني، 90 آمريڪي، 34 آسٽريلين، 33 برطانوي، 25 ڪينيڊين ۽ 100 چيني شامل.
ٻوڏ وارو علائقو هندن، ٻڌن ۽ جينين لاءِ مقدس ٻن جابلو ڍنڍن جي ڪري اهميت رکي ٿو. هڪ تبت ۾ ڪيلاش جبل ويجهو مانسروور آهي، ۽ ٻي نيپال جي راسو ضلعي ۾ گوسائي ڪنڊا ڍنڍ آهي.

هر سال هزارين سياح نيپال جي رستي مانسروور جو دورو ڪندا آهن. سال جي هن وقت ۾، خاص طور تي هندستاني سياح مانسروور جي زيارت ڪرڻ ۽ گوسائي ڪنڊا ۾ پنهنجو پَوِتر (مقدس) سنان ڪرڻ ايندا آهن. سياحت واري کاتي جي عملدارن ٻڌايو ته سياح عام طور تي هن وقت هتي ايندا آهن ڇو ته پورڻما (پوري چنڊ جي رات) کي مبارڪ سمجھيو ويندو آهي.
کٽمنڊو نيپال مان بشنو گوتم ۽ ڍاڪا مان ھڪ نمائندي جي رپورٽ
هماليه جبلن ۾ گليشيئر ٽٽڻ سبب نيپال ۾ آيل اوچتي ٻوڏ ۽ ڇپون ڪرڻ (لينڊ سلائيڊنگ) سبب فوت ٿي ويلن جو تعداد جمعي (28 آگسٽ) جي رات جو وڌي 597 ٿي ويو آهي. 668پرڏيهين سميت 2,000 کان وڌيڪ ماڻهو اڃا تائين گم آهن. انهن ۾ نيپال جي پاور پروجيڪٽ جا 933 پورھيت ۽ ملازم، ۽ 78 سيڪيورٽي اهلڪار پڻ شامل آهن. نيپال جي نيشنل ڊزاسٽر رِسڪ رڊڪشن ۽ مئنيجمينٽ اٿارٽيءَ جمعي تي اها معلومات ڏني.
اها غير معمولي قدرتي آفت 26 آگسٽ (اربع) جي صبح جو نيپال-تبت سرحد تي نازل ٿيي. نيشنل ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن ۽ مئنيجمينٽ اٿارٽيءَ ٻڌايو ته امدادي ٽيمون هن دردناڪ واقعي ۾ بچي ويلن جي ڳولا مسلسل ڪري رهيون آهن.
هن وقت تائين 3,742 ماڻهن کي بچايو ويو آهي. امدادي ڪاررواين لاءِ لڳ ڀڳ 15,000 سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.
نيپال جي سياحت واري کاتي موجب، 34 ملڪن جا 668 پرڏيهي سياح گم ٿيلن ۾ شامل آهن. انهن ۾ 177 هندستاني، 90 آمريڪي، 34 آسٽريلين، 33 برطانوي، 25 ڪينيڊين ۽ 100 چيني ماڻهو شامل آهن.
ڏورانهن جابلو علائقن ۾ رستا ۽ پليون سخت متاثر ٿيڻ سبب امدادي ڪارروائين ۾ وڏا چئلينج درپيش آهن. رپورٽ موجب، اپر ٽريشولي هائيڊرو پاور پروجيڪٽ جي سرنگهه (ٽنل) ۾ڦاٿل 350 پورھيتن کي زنده بچايو ويو آهي.
شروعات ۾ نيپال-تبت سرحد تي اوچتو ٻوڏ جو سبب زلزلي کي سمجھيو پئي ويو، پر اختيارين وارا هاڻي چئي رهيا آهن ته اها تباهي ڇپون ڪرڻ (لينڊ سلائيڊ) جي ڪري ٿي.
يونائيٽيڊ اسٽيٽس جيولوجيڪل سروي سرحد تي هماليه جي جبل ‘لانگٽانگ ليرنگ’ جي چوٽيءَ ويجهو 4 يا ان کان وڌيڪ ريڪٽر اسڪيل جو جهٽڪو رڪارڊ ڪيو. پر، اهو جهٽڪو زلزلو نه هو. ايجنسيءَ جو چوڻ آهي ته اهو جهٽڪو 500,000 ڪيوبڪ ميٽر کان وڌيڪ ماپ واري گليشيئر جي ڪري پوڻ سبب ٿيو هو.
جيولاجسٽن، واقعي کان اڳ ۽ پوءِ جي سيٽلائيٽ تصويرن جو تجزيو ڪندي چيو ته گليشيئر ٽٽڻ سبب 26 آگسٽ تي اها تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آئي. نيپال جي موسميات کاتي ۽ هائيڊرولاجي جي عملدارن ميڊيا کي ٻڌايو ته جبل تان برف جي وڏي ڇپ ڪري پئي، جيڪا پاڻ سان گڏ وڏي مقدار ۾ پٿر، ريتي ۽ مٽي وهائي آئي.
هن علائقي ۾ موسمياتي تبديليءَ سبب گليشيئر تيزيءَ سان ڳري رهيا آهن. بهرحال، سائنسدانن چيو آهي ته اڃا اهو چوڻ ممڪن ناهي ته هن واقعي ۾ موسمياتي تبديليءَ جو ڪو ڪردار هو يا نه.

تباهه ڪندڙ ٻوڏ سبب نيپال جي وڏي علائقي ۾ گهرن ۽ عمارتن کي وڏو نقصان پهتو آهي. ٻوڏ 15 هائيڊرو اليڪٽرڪ پروجيڪٽس کي نقصان پهچايو، جنهن سان 431 ميگاواٽ بجليءَ جي پيداوار بند ٿي وئي آهي.
ڪيترا ئي گهر، رستا، هائيڊرو اليڪٽرڪ پروجيڪٽس ۽ نيپال ۽ چين کي ملائيندڙ اهم ‘رسواگڙهي فرينڊشپ بئراج’ ٻوڏ ۾ وهي ويا. ڪيئي ڳوٺ مڪمل طور مٽيءَ هيٺ دفن ٿي ويا آهن.
معلوم ٿيو آهي ته گڏيل قومن 2 ملين ڊالر، آمريڪا 500,000 ڊالر ۽ آسٽريليا 3.6 ملين ڊالر جي هنگامي امداد نيپال ڏانهن موڪلي رهيا آهن تا جيئن هن سخت صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي. ان کان علاوه يورپي يونين پنهنجو سيٽلائيٽ سسٽم فعال ڪري ڇڏيو آهي ۽ عالمي صحت تنظيم دوائون موڪليون آهن.
نيشنل ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن ۽ مئنيجمينٽ اٿارٽيءَ چيو ته نيپال-تبت سرحد تي ڪوشي نديءَ جي رڪجڻ سبب هڪ نئين ڍنڍ ٺهي وئي آهي، جنهن ڪري هيٺين علائقن ۾ ٻيهر سخت ٻوڏ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي.
ٻوڏ کان متاثر علائقي ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ سياح ڇو هئا؟
ٻوڏ وارو علائقو هندن، ٻڌن ۽ جينين لاءِ مقدس ٻن جابلو ڍنڍن جي ڪري اهميت رکي ٿو. هڪ تبت ۾ ڪيلاش جبل ويجهو مانسروور آهي، ۽ ٻي نيپال جي راسو ضلعي ۾ گوسائي ڪنڊا ڍنڍ آهي.
هر سال هزارين سياح نيپال جي رستي مانسروور جو دورو ڪندا آهن. سال جي هن وقت ۾، خاص طور تي هندستاني سياح مانسروور جي زيارت ڪرڻ ۽ گوسائي ڪنڊا ۾ پنهنجو پَوِتر (مقدس) سنان ڪرڻ ايندا آهن. سياحت واري کاتي جي عملدارن ٻڌايو ته سياح عام طور تي هن وقت هتي ايندا آهن ڇو ته پورڻما (پوري چنڊ جي رات) کي مبارڪ سمجھيو ويندو آهي.
نيپال ۾ هن خوفناڪ قدرتي آفت ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي مختلف ملڪن ڏک ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي.
______________
ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جي ٿورن سان



