سنڌ جي سمنڊ کي گدلاڻ ۽ زھريلي ڪيميڪل مان ڪيئن ڇوٽڪارو ڏيارجي؟
ڪراچي شھر جو گند، پلاسٽڪ، ڪيميڪل ۽ مختلف ڪمپنين جو زھريلو پاڻي سمنڊ ۾ نيڪال ڪيو وڃي ٿو جنھن سان ماحولياتي گدلاڻ پکڙجي ٿي. سمنڊ جو پاڻي زھريلو ٿيڻ سان آبي جيوت جو خاتمو ٿئي ٿو ۽ سامونڊي ڪناري وارا ڳوٺ مبارڪ وليج ۽ ڪياماڙي کان لانڍي ملير جي لٽ بستي تائين متاثر ٿين ٿا. فشرفوڪ فورم ٻين سماجي ادارن سان گڏجي ان اھم مسئلي تي سيمينار جلسا جلوس مظاھرا به ڪرايا آھن جيئن ان مسئلي جو تدارڪ ٿي سگھي پر حڪومتي بي حسي جي ڪري اھو ماحولياتي مسئلو اڃان تائين حل نه ٿي سگھيو آھي. سمنڊ ۾ گدلاڻ وڌي رھي آھي جنھن سان مستقبل ۾ وڏي نقصان ٿيڻ جو انديشو آھي .

طالب ڪڇي جي ڪتاب ”ڪٿا ھڪ ماھيگير جي“ جو اڀياس
خاصخيلي لطيف راولاڻي
ڪتاب ”ڪٿا ھڪ ماھيگير جي“ سامونڊي لھرن، سمنڊ سان لاڳاپيل انسانن جي مسئلن تي تفصيلي طور لکيل لڳ ڀڳ ھڪ سو مضمونن جو مجموعو آھي جنھن کي طالب ڪڇيءَ ھڪ سنڌي اخبار ۾ اردو ٻوليءَ ۾ شايع ڪرايا ھئا ۽ ھاڻي انھن مضمونن کي ڪتابي صورت ۾ آندو آھي.

طالب ڪڇيءَ جو تعلق ڪلاچيءَ جي قديم علائقي ڪيا ماڙي سان آھي جتي ننڍپڻ جا ڏينھن گذاري سامونڊي اٿل پٿل جي ڪري لڏپلاڻ ڪري ساحلي آبادي ابراھيم حيدريءَ ۾ جواني گذاريندي ھاڻي عمر جا آخري ڏينھن به ساڳئي ماڳ تي گذاري رھيو آھي .
طالب ڪڇيءَ اردوءَ ۾ آتم ڪٿا ڇو لکي، ان جي ئي چواڻي ته ورھاڱي کان پوء ھڪ سوچيل سمجھيل سازش تحت ڪراچيءَ ۾ قائم سنڌي ميڊيم اسڪول بند ڪيا ويا. ڌارين جي آبادڪاري وڌڻ سان رھيل سنڌي اسڪولن ۾ به اردو ۽ انگريزي تعليم پڙھائڻ شروع ڪيائون. سندن علائقي ۾ سنڌي اسڪول ڪونه ھئا، جنھنڪري ھُن پرائمري کان ئي اردو ۾ پڙھڻ شروع ڪيو. سنڌي لکڻ ۾ ڏکيائي پيش اچڻ جي ڪري ھُن سنڌي اخڀار ۾ اردوءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ سنڌ اخبار جي ايڊيٽرمھيش ڪمار جي مھرباني سان شايع ٿيندا رھيا.
ڪتاب ۾ سمنڊ ۾ ماھيگيرن کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ تڪليفن جو احوال ڏنل آھي ۽ ان سان گڏ تاريخي ۽ تحقيقي ڪالم به لکيا ويا آھن جن جي پڙھڻ سان ڪتاب جي افاديت ۽ اھميت وڌي ٿي وڃي. خاص طور تاريخي حوالي سان ھڪ ڪالم سنڌ، ڪڇي ۽ تاريخ جي عنوان سان ڪتاب ۾ لکيل آھي جنھن ۾ ليکڪ لکي ٿو ته ڪڇي ڪا ڌار قوم ڪونھي. ڪڇي سنڌي ٻوليءَ جو لھجو آھي. جيئن اسان وٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام گھڻا لھجا آھن، جن کي اتر، لاڙ، ڪاڇو، وچولو چيو وڃي ٿو ۽ انھن جي لفظن ۽ اچارن ۾ به ڪافي فرق آھي، ايئن ئي ڪڇي سنڌي ٻوليءَ جو لھجو آھي. ڪڇي آڳاٽي دور کان ئي سنڌ جو حصو رھيا آھن جنھن ۾ اڄ به جيڪي علائقا ورھاڱي کان پوءِ انڊيا کي ڏنا ويا آھن، اھي جاگرافيائي طور تي سنڌ جو ئي حصو ھئا جتي اڄ به ڪڇي وڏي تعداد ۾ آباد آھن ۽ اھي سنڌي ئي ڳالھائين ٿا. صرف انھن جو لھجو تبديل آھي. اھي علائقا سنڌ ۾ شامل رھيا آھن جنھن ۾ اتي جا رھواسي لاکو ڦلاڻي، راجا راءِ ڏياچ ۽ ٻين سورمن ۽ سورمين جو شاه لطيف پنھنجي شاعري ۾تفصيل سان ذڪر ڪيو آھي. شاه لطيف جا تمام گھڻا بيت ڪڇي لھجي ۾ ئي شاه جي رسالي ۾ درج ٿيل آھن. موجوده سنڌ ۾ رھڻ وارا ڪڇي اصلوڪا سنڌي آھن. ھُو لکي ٿو تہ اھي ڪنھن به سياسي سازش جو شڪارنه ٿين ۽ پاڻ کي سنڌي قوم کان ڌار نه ڪن .
ليکڪ جو سماجي طور تي انجمن سماجي بھبود ابراھيم حيدري سان لاڳاپو رھيو. جڏھن فشرفوڪ فورم جو بنياد پيو ته پاڻ ان جو بنيادي ميمبر ٿيو. سندس شمار فشرفوڪ جي بانيڪارن ۾ ٿئي ٿو .پاڻ 1998ع ۾ محمد علي شاه، ايوب خاصخيلي ۽ مجيد موٽاڻي سان گڏجي فشرفوڪ فورم جو بنياد وڌائين.
ھُو لکي ٿو تہ تمر جا وڻ جنھن کي انگريزي ۾ مينگروز چيو وڃي ٿو جيڪي سمنڊ کي وڏي طوفان کان بچائين ٿا. ٻين لفظن ۾ اھي سمنڊ جا محافظ تمر جا وڻ آھن جن کي به ھڪ سازش تحت ختم ڪري سمنڊ جي اندر قدرتي قائم ٿيل وسيع ٻيٽن تي عياشي جا اڏا ٺاھڻ لاء شھر ٺاھيا ٿا وڃن، جنھن سان تمر جي نسل کي ختم ڪيو پيو وڃي. اھي ٻيٽ ڏنگي ۽ ڀنڍار جي نالن سان مشھور آھن .

طالب ڪڇي سمنڊ کان علاوه عام رواجي زندگيءَ ۾ درپيش مسئلن تي به لکيو آھي. ھن ماضيءَ جي ڪراچي، ان جي ماحول ۽ رھڻي ڪھڻيءَ تي به ڪافي ڪالم لکيا آھن جن ۾ ان دور جي سينمائن جو احوال ۽ غنڊاگرديءَ جا قصا بہ شامل آھن جڏھن بندوق جي بجاءِ چڪريءَ واري چاقو استعمال ٿيندو ھو جيڪو کُلندو ھو ته چيچراھٽ جا آواز ايندا ھئا. ھُن پنھنجن دوستن ساٿين ۽ ذاتي زندگي جي باري ۾ ڌار ڌار ڪالمن ۾ ذڪر ڪيو آھي.
طالب ڪڇي جڏھن سامونڊي سفر کان زمين تي ويھي رھيو ته خاموش نه ويٺو. سياسي سماجي ڪمن ۾ رڌل رھيو .بلدياتي اليڪشن آئي ته ڪائونسلر جو فارم ڀري اليڪشن به وڙھيو. علائقي جي سياسي سماجي قدآور شخصيت حاجي شفيع محمد ڄاموٽ جي سرپرستيءَ ۾ اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪيائين ۽ ڪائونسلر پڻ بڻجي ويو ۽ سماجي ڪمن سان به واڳيل رھيو. فشرفوڪ جي باني اڳواڻ محمدعلي شاه سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ڪم ڪندو رھيو.
پاڪستان کان ٻاھر نيپال بہ سندس وڃڻ ٿيو جتي فشرفوڪ فورم جي نمائندگي ڪيائين ۽ انھن پرڏيھي سماجي اڳواڻن کي سمنڊ ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلن ۽ مونجھارن جي باري ۾ بريفنگ ڏنائين.

مطالعي جو ننڍپڻ کان ئي شوق ھجڻ ڪري شروعاتي دور ۾ نسيم حجازي جا تاريخي ناول پڙھندو ھو ۽ پاڻ سان گڏ سمنڊ تي کڻي ويندو ھو جتي کليل سمنڊ ۾ انھن ڪتابن جو مطالعو ڪندو ھو. طالب ڪڇي لکي ٿو ته ھڪ دفعي سامونڊي سفر تان واپسيءَ تي فشرفوڪ فورم جي آفيس ۾ ويس جتي مجيد گبول ۽ محمد علي شاه ويٺا ھئا. ھنن چيو ھي ڪھڙا قديمي ڪتاب ٿو پڙھين. اڄوڪي دور جي جديد سائنسي ۽ تاريخي ڪتابن جو مطالعو شروع ڪر. ھنن مون کي سبط حسن جو ڪتاب ماضى ڪي مزار ۽ ڊاڪٽر مبارڪ علي جا تاريخي ڪتاب ڏنا جن ڪتابن منھنجي زندگي تبديل ڪري ڇڏي ۽ مان شعوري ۽ ترقي پسند ادب ڏانھن مائل ٿيس ۽ اڄ ڏينھن تائين روشن خيال صحتمند تاريخي تحقيقي ڪتابن جو مطالعو ڪندو آھيان .
سماجي سيمينارن جي سلسلي ۾ پاڪستان جي مختلف شھرن ۾ وڃڻ ٿيس. لاھور ۾ مشھور علائقا ڏسندي ھن ميان مير جو به ذڪر ڪيو آھي جيڪو سنڌي عالم ھو۽ اصل سيوھڻ جو رھواسي ھو. سندس نالو ميرمحمد سنڌي القادري ھو. ھُو پنجويھ سالن جي عمر ۾ لاھور آيو ۽ سموري زندگي اتي ئي گذاريائين. اھو مغل سلطنت جو دور ھو. مغل حڪمران شھنشاه جھانگير به ميان مير سنڌيءَ جو مريد ھو ۽ اڪثر ڪري ملاقات لاءِ دھلي کان لاھور ايندو ھو.
طالب ڪڇيءَ اداڪاره رقاصه نيلو جو ذڪر ڪيو آھي ته اھا ڪرسچن ھئي ۽ فلمن ۽ ٿيٽر ۾ رقص ڪندي ھئي. عياش جنرل ايوب خان ان رقاصه کي گھرائي نجي محفل ۾ نچڻ لاء چيو ته نيلو انڪار ڪيو ۽ جنرل پنھنجي طاقت ۽ فوجي حڪمراني استعمال ڪندي زبردستيءَ نچايو. اھا خبر ان وقت پنجاب جي ترقي پسند شاعر حبيب جالب کي پئي ته ھن سڄي واقعي کي شاعري ۾قلمبند ڪيو جيڪا شاعري تمام گھڻي مشھور ٿي جنھن جا ٻول آھن ”تُوڪه ناواقف آداب غلامي ھي اڀي، رقص زنجير پھن ڪر ڪيا جاتا ھي.“ لاھور ۾ اداڪار سلطان راھي ، نيلو ۽ محمدعليءَ جون قبرون ھڪ ئي ھنڌ آھن جيڪي ليکڪ پاڻ ڏسي آيو آھي ۽ پنھنجي ڪالم ۾ تفصيلي ذڪر پڻ ڪيو اٿس .
ھُو فشرفوڪ فورم طرفان مختلف ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيندو رھيو آھي. ھُن ماھيگيرن جي نمائندگي ڪندي سنڌ جي ھارين سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ شڪارپور ۾ ٿيل ھاري ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو. کاروڇاڻ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين انڊس ڊيلٽا کي تباھيءَ کان بچائڻ لاء فشر فوڪ جي ڊگھي لانگ مارچ ۾ به شامل رھيو ۽ رستي ۾ شاه جا بيت جھونگاريندڙ شاه جي پارکو انب گوپانگ جو به ذڪر ڪيو اٿس.

طالب ڪڇيءَ کي اڪثر ڪري سڀ دوست طالب ڀاءُ يا وري طالب ماما به چون ٿا. ھُو لکي ٿو تہ جڏھن ڪيا ماڙي ۾ رھندو ھو ته سندس پاڙيسري ھندو ھوندا ھئا. اتي نوجوان صفائي ڪندڙ سانوري ڇوڪري لڪشمي رھندي ھئي ۽ طالب وارن جي گھر اچڻ وڃڻ ٿيندو ھئس. ھُن جو ڪوبه ڀاءُ نه ھو جنھنڪري طالب کي پنھنجو ڀاءُ بڻايو ھئائين. سندس اخلاق ۽ انسانيت جي ڪري طالب اڄ به ان کي ياد ڪري روئندو آھي.

پنھنجي ڪالمن ۾ سامونڊي حياتيءَ کي ختم ڪندڙ پلاسٽڪ بابت تفصيل سال لکيو اٿس جنھن سان آبي حيات کي ڪافي نقصان ٿئي ٿو. گدلاڻ ۽ گندي پاڻي جي ڪري سمنڊ جو پاڻي خراب ٿيو وڃي. ھُو لکي ٿو ته 1912ع ۾ مشھور جھاز ٽائيٽانڪ کليل سمنڊ ۾ تباه ٿيو ھو جنھن تي تحقيق ٿيندي رھندي ھئي آخري دفعو ڪجھ سامونڊي ماھرن 2005 ع ۾ تحقيق ڪئي ۽ انھي ھنڌ تي جتي اھو جھاز تباه ٿيو ھو سمنڊ جي گھرائي ۾ويا ته انھن کي جھاز جي ملبي ۾ تمام گھڻي تعداد ۾ پلاسٽڪ ڦاٿل مليون. ان مان اھو ظاھر ٿيو ته پلاسٽڪ وڏي عرصي تائين سمنڊ ۾ جيئن جو تيئن رھي ٿي ۽ ڳري ختم ڪونه ٿي ٿئي .سمنڊ ۾ مڇين جي مرڻ جو ڪارڻ به پلاسٽڪ جون شيون آھن جن سان ئي مڇين ۽ آبي حيات کي نقصان ٿئي ٿو. ڪجھ سال اڳ ۾ حڪومت پلاسٽڪ جي ٿيلھين تي بندش به وڌي ھئي پر تمام ٿوري عرصي تائين ان تي عمل ٿيو ۽ ھاڻي ٻيھر اھي پلاسٽڪ جون ٿيلھيون عام جام آھن. ماحوليات جي ماھرين به تحقيقات ڪئي آھي ۽ انھن به اھو چيو آھي ته پلاسٽڪ کي سمنڊ ۾ نہ اڇلايو وڃي. ان کان علاوه ڪيميڪل ۽ مختلف ڪمپنين جو گندو پاڻي به سمنڊ ۾ نيڪال ڪيو وڃي ٿو جنھن سان به ماحولياتي گدلاڻ پکڙجي ٿي ۽ سمنڊ جو پاڻي گندو ٿيڻ سان سامونڊي ڪناري وارا ڳوٺ مبارڪ وليج ۽ ڪياماڙي کان لانڍي ملير جي لٽ بستي تائين متاثر ٿين ٿا. فشرفوڪ فورم ٻين سماجي ادارن سان گڏجي ان اھم مسئلي تي سيمينار جلسا جلوس مظاھرا به ڪرايا آھن جيئن ان مسئلي جو تدارڪ ٿي سگھي پر حڪومتي بي حسي جي ڪري اھو ماحولياتي مسئلو اڃان تائين حل نه ٿي سگھيو آھي. سمنڊ ۾ گدلاڻ وڌي رھي آھي جنھن سان مستقبل ۾ وڏي نقصان ٿيڻ جو انديشو آھي .
______________

خاصخيلي لطيف راولاڻي سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آھي ۽ ملير ۾ رھي ٿو.



