Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

ٽن سالن کانپوءِ بہ شڪارپور آرٽس ڪائونسل عملي طور وجود ۾ ڇو نه اچي سگهي؟

2023ع ۾ رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ کان پوءِ به آرٽس ڪائونسل فعال اداري جي صورت اختيار نه ڪري سگهي آهي. رجسٽريشن ٿي وئي، پر ميمبرسازي شروع نه ٿي سگهي؛ چونڊون نه ٿي سگهيون؛ چونڊيل  انتظامي ڍانچو وجود ۾ نه اچي سگهيو؛ بئنڪ اڪائونٽ نه کلي سگهيو؛ اڻپورن معاملن سبب سرڪاري بجيٽ کان محروم رهيو ۽ پراڻي مختيارڪاريءَ جي عمارتن کي آرٽس ڪائونسل ۾ تبديل ڪرڻ جا اعلان به عملي شڪل اختيار نه ڪري سگهيا.

Ajrak Club-Shikarpur-The AsiaN
اجرڪ ڪلب شڪارپور جي عمارت

 نسيم بخاري

شڪارپور، جنهن جي سڃاڻپ رڳو پنهنجي تاريخي عمارتن، بازارن ۽ واپاري ورثي سان نه، پر سنڌ جي علم، ادب، فن، موسيقي، شاعري ۽ ثقافتي شعور سان به جڙيل آهي، اتي هڪ آرٽس ڪائونسل جو قيام ثقافتي ضرورت کان وڌيڪ هڪ تاريخي ذميواريءَ جي حيثيت رکي ٿو. پر افسوس جو   2023ع ۾ رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ جي ٽن سالن کان پوءِ به عملي طور تي فعال اداري جي صورت اختيار نه ڪري سگهي آهي.

رجسٽريشن ٿي وئي، پر ميمبرسازي شروع نه ٿي سگهي؛ چونڊون نه ٿي سگهيون؛ چونڊيل  انتظامي ڍانچو وجود ۾ نه اچي سگهيو؛ بئنڪ اڪائونٽ نه کلي سگهيو؛ اڻپورن معاملن سبب سرڪاري بجيٽ کان محروم رهيو ۽ پراڻي مختيارڪاريءَ جي عمارتن کي آرٽس ڪائونسل ۾ تبديل ڪرڻ جا اعلان به عملي شڪل اختيار نه ڪري سگهيا.

نتيجو اهو نڪتو آهي ته شڪارپور وٽ نالي ۾ سواليہ آرٽس ڪائونسل ته موجود آهي، پر عملي طور ڪاريءَ وارا ڪک آھن. ان اداري جي سرگرمي، انتظامي حيثيت ۽ مستقبل بابت بنيادي سوال اڄ به نه رڳو برقرار آھن پر جواب طلب پڻ آهن.

دستياب معلومات موجب 2023ع ۾ شڪارپور آرٽس ڪائونسل کي هوم ڊپارٽمينٽ طرفان مشروط طور رجسٽريشن لاءِ اين او سي جاري ڪيو ويو. ٻڌايو وڃي ٿو ته اها اجازت ان شرط سان مشروط هئي ته تنظيم جي عهديدارن جي ڪرمنل رڪارڊ بابت جيڪڏهن ڪو معاملو ظاھر ٿيو ته جاري ڪيل اين او سي واپس ورتو يا رد ڪيو ويندو.

هتي بنيادي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن رجسٽريشن کان پوءِ به عهديدارن جي تصديق ۽ ڪليئرنس جو عمل مڪمل نه ٿي سگهيو هو ته پوءِ ٽن سالن دوران ان عمل کي مڪمل ڪرائڻ لاءِ ڪهڙي اداري، ڪهڙي عهديدار ۽ ڪهڙي انتظامي فورم طرفان ڪهڙا قدم کنيا ويا؟

ڇا تصديق جو عمل اڃا تائين التوا ۾ آهي؟ جيڪڏهن آهي ته ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ ڇا هوم ڊپارٽمينٽ وٽ ان بابت ڪا لکيل رپورٽ موجود آهي؟ ۽ جيڪڏهن ڪليئرنس مڪمل ٿي چڪي آهي ته ان جو سرڪاري رڪارڊ ڪٿي آھي ؟

اهي سوال ڪن فردن خلاف الزام نه، پر هڪ عوامي ثقافتي اداري جي قانوني شفافيت سان لاڳاپيل سوال آهن.

اجرڪ ڪلب جي عمارت

شڪارپور ۾ اڳ به آرٽس ڪائونسل قائم ڪرڻ جون ڪوششون ٿي چڪيون آهن. ماضيءَ ۾ مرحوم سڪندر ڪيهر جي اڳواڻيءَ ۾ آرٽس ڪائونسل جي قيام لاءِ قانوني ۽ انتظامي گهرجون مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ٻڌايو وڃي ٿو ته هڪ عهديدار خلاف اسٽورٽ گنج ٿاڻي تي ماضيءَ جي  ايف آءِ آر جو رڪارڊ سامهون اچڻ کان پوءِ رجسٽريشن جو عمل روڪيو ويو.

جيڪڏهن ماضيءَ جو اهو واقعو درست آهي ته پوءِ هڪ اهم قانوني سوال سامهون اچي ٿو: ڇا ڪنهن تنظيم جي رجسٽريشن کان اڳ عهديدارن جي ڪليئرنس لازمي هئي يا بعد ۾ ان شرط کي پورو ڪرڻ ضروري ؟

 ٽن سالن دوران ان شرط کي مڪمل ڪرائڻ ۾ دير ڇو ٿي آھي ؟

قانوني ماهرن جي راءِ موجب، ڪنهن به رجسٽرڊ اداري جي قانوني حيثيت ان جي آئين، رجسٽريشن جي شرطن، عهديدارن جي حيثيت ۽ لاڳو قانونن جي پابنديءَ سان ڳنڍيل هوندي آهي. تنهن ڪري شڪارپور آرٽس ڪائونسل جي معاملي ۾ به اصل سوال اهو آهي ته ان جي رجسٽريشن مڪمل ۽ غير مشروط قانوني حيثيت رکي ٿي يا ڪنهن مخصوص شرط سان مشروط آهي ؟

ان جو فيصلو اندازن سان نه، پر سرڪاري دستاويزن سان ٿيڻ گهرجي.

ڪنهن به آرٽس ڪائونسل جو بنياد ان جي عمارت نه، پر ان جا ميمبر، چونڊيل نمائندا، پروگرام، مالي شفافيت ۽ ادارتي سرگرميون هونديون آهن.

شڪارپور آرٽس ڪائونسل جي سڀ کان وڏي ڪمزوري اها نظر اچي ٿي ته رجسٽريشن کان پوءِ به ميمبرسازيءَ جي باضابطه مهم شروع نه ٿي سگهي.

جيڪڏهن 2023ع کان ئي ميمبرسازي شروع ڪئي وڃي ها، ادبي، ثقافتي ۽ فني شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن کي شامل ڪيو وڃي ها ۽ وقت سر چونڊون ڪرايون وڃن ها ته ٽن سالن ۾ هڪ مضبوط ۽ فعال ثقافتي ادارو وجود ۾ اچي سگهي ها.

اڄ شڪارپور ۾ سوال اهو ناهي ته آرٽس ڪائونسل وٽ ڪهڙي عمارت آهي؛ سوال اهو آهي ته ان جا ميمبر ڪيترا آهن، چونڊيل باڊي ڪٿي آهي، اجلاس ڪيترا ٿيا، پروگرام ڪهڙا ٿيا، آمدني ۽ خرچ جو حساب ڪٿي آهي ۽ ايندڙ چونڊن جو قانوني ٽائيم فريم ڪهڙو آهي؟

آرٽس ڪائونسل جهڙي اداري ۾ آئين ۽ قانون جي پابندي بنيادي اهميت رکي ٿي. جيڪڏهن تنظيم جي آئين موجب  چونڊون ڪرائڻ ۽ مدت مڪمل ٿيڻ کان پوءِ نئين باڊي چونڊڻ ضروري آهي ته پوءِ ٽن سالن جي عرصي کي غيرمعمولي صورتحال کانسواءِ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

جيڪڏهن موجوده باڊي پنهنجي قانوني ۽ آئيني گهرجون مڪمل نه ڪري سگهي ته پوءِ ان اداري جي نمائندگي ڪهڙي بنياد تي جاري آهي؟

ڇا موجوده عهديدارن جي مدت ۾ قانوني توسيع ٿي آهي؟

ڇا نئين ميمبرسازي لاءِ ڪو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو؟

ڇا چونڊن لاءِ ڪو شيڊول مقرر ٿيو؟

ڇا جنرل باڊي جو اجلاس ٿيو؟

ڇا رجسٽريشن اٿارٽي کي ساليانيون رپورٽون جمع ڪرايون ويون؟

اهي سڀ سوال دستاويزي جواب گهرن ٿا.

سنڌ حڪومت جي 2026-27ع جي بجيٽ ۾ لاڙڪاڻي ۽ سکر جي آرٽس ڪائونسلن لاءِ ڏيڍ ڏيڍ ڪروڙ رپيا رکڻ جي معلومات سامهون اچي ٿي، جڏهن ته شڪارپور آرٽس ڪائونسل جو بجيٽ بڪ ۾ ڪو  ذڪر نظر نٿو اچي.

هيءُ رڳو مالي معاملن جو فرق ناهي؛ اهو ثقافتي ترجيحن جو به سوال آهي.

جيڪڏهن سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ آرٽس ڪائونسلن کي سرڪاري سرپرستي ۽ بجيٽ ملي سگهي ٿي ته شڪارپور، جيڪو پنهنجي تاريخي ادبي ۽ ثقافتي ورثي سبب ڪنهن به صورت ۾ گهٽ اهم شهر ناهي، ان کي ثقافتي بجيٽ ۾ نظرانداز ڇو ڪيو ويو؟

ڇا سبب اهو آهي ته شڪارپور آرٽس ڪائونسل قانوني ۽ انتظامي طور اڃا تائين مڪمل طور فعال ادارو ئي نه بڻجي سگهي آهي؟

جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ ذميواري ڪنهن تي عائد ٿئي ٿي؟

هڪ وڌيڪ اهم حقيقت اها سامهون اچي ٿي ته ٽي سال اڳ رجسٽر ٿيل شڪارپور آرٽس ڪائونسل پنهنجي نالي سان بئنڪ اڪائونٽ به نه کولي سگهي آهي.

جيڪڏهن ڪنهن تنظيم جو بئنڪ اڪائونٽ ئي موجود نه هجي ته پوءِ ان جي مالي سرگرمي، عطيا، گرانٽس، سرڪاري فنڊنگ ۽ آڊٽ جو نظام ڪيئن هلندو؟

ڪنهن به ثقافتي اداري لاءِ مالي شفافيت بنيادي حيثيت رکي ٿي. بئنڪ اڪائونٽ، باقاعده اڪائونٽس، آڊٽ ۽ مالي رپورٽون ان جي ادارتي اعتبار جا اهم حصا آهن.

تنهن ڪري شڪارپور آرٽس ڪائونسل جي معاملي ۾ هي سوال به اهم آهي ته:

ادارو جيڪڏهن مالي طور آپريشنل ئي نه آهي ته پوءِ ان کي عملي ۽ فعال آرٽس ڪائونسل ڪيئن تصور ڪيو وڃي؟

نوٽيفڪيشن

شڪارپور آرٽس ڪائونسل جي حوالي سان ماضيءَ ۾ ڊپٽي ڪمشنر حسن رضا شاهه طرفان ٻه نوٽيفڪيشن پڻ جاري ٿيڻ جو رڪارڊ ملي ٿو، پر اهي به عملي صورت اختيار نه ڪري سگهيا.

ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي سربراهه عبدالحميد آخوند، ڊپٽي ڪمشنر حسن رضا شاهه، ايڊووڪيٽ شهاب اوستو، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا جي نمائندن جي موجودگيءَ ۾ اجرڪ ڪلب، پراڻي مختيارڪار آفيس ۾ هڪ اهم اجلاس ڪوٺائي اهو فيصلو ڪيو ھو ته پراڻي مختيارڪاريءَ جون ٻئي عمارتون شڪارپور آرٽس ڪائونسل لاءِ استعمال ڪيون وينديون.

انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ طرفان ان مقصد لاءِ ڪروڙين رپين جي بجيٽ جو اعلان پڻ ڪيو ويو.

پر سوال اڄ به ساڳيو آهي:

اهي عمارتون ڪھڙي حال ۾ آهن؟

اعلان ڪيل بجيٽ ڪٿي آهي؟

منصوبي جي منظوري ڪٿي آهي؟

۽ آرٽس ڪائونسل اڃا تائين عملي طور وجود ۾ ڇو نه اچي سگهي آهي؟

اعلان ۽ ادارو، ٻنهي ۾ وڏو فرق هوندو آهي. ثقافتي ادارا تقريرن سان نه، پر قانوني ڍانچي، عمارت، بجيٽ، ميمبرشپ، چونڊيل باڊي ۽ مسلسل سرگرمين سان زنده رهندا آھن.

ٽن سالن جي غيرفعاليت جو سڀ کان وڏو نقصان ڪنهن فرد يا باڊي جو نه، پر شڪارپور جي ثقافتي زندگيءَ جو ٿيو آهي.

هن عرصي دوران شڪارپور ۾ سوين ادبي ويهڪون، ڪتابن جون مهورتون، مشاعرا، موسيقي جون محفلون، ڊراما، مصوريءَ جون نمائشون، نوجوان فنڪارن جا پروگرام، ثقافتي سيمينار ۽ تاريخي ورثي بابت تحقيقاتي سرگرميون ٿي سگهيون ٿي.

پر هڪ اهڙي اداري جي غير موجودگي، جنهن کي انهن سرگرمين لاءِ مستقل پليٽ فارم بڻجڻو هو، ثقافتي تسلسل کي متاثر ڪيو.

شڪارپور جهڙي تاريخي شهر ۾ آرٽس ڪائونسل رڳو هڪ اوطاق  يا سياسي ادارو نه هئڻ گهرجي؛ اها شهر جي اجتماعي ثقافتي يادگيري، تخليقي قوت ۽ نئين نسل جي فني تربيت جو مرڪز هجڻ گهرجي.

ٽن سالن کان پوءِ شڪارپور آرٽس ڪائونسل بابت هاڻي وضاحت ضروري آهي.

هوم ڊپارٽمينٽ کي ٻڌائڻ گهرجي ته 2023ع جي مشروط رجسٽريشن جي موجوده قانوني حيثيت ڇا آهي؟

رجسٽريشن جا سمورا شرط مڪمل ٿي چڪا آهن يا نه؟

ميمبرسازي ڇو شروع نه ٿي آھي؟

چونڊون ڇو نه ٿيون آھن؟

بئنڪ اڪائونٽ ڇو نه کلي سگهيو آھي؟

سنڌ حڪومت جي بجيٽ ۾ شڪارپور آرٽس ڪائونسل لاءِ رقم جو نه رکجي سگھڻ ڪنھن جي نااهلي آھي ؟

پراڻي مختيارڪاريءَ جون عمارتون آرٽس ڪائونسل حوالي ڪرڻ وارو فيصلو پنھنجي منطقي پڄاڻي ڇو پسي نه سگھيو؟

انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ طرفان اعلان ڪيل رقم جو ڇا ٿيو؟

۽ سڀ کان اهم سوال:

جيڪڏهن موجوده ڍانچو قانوني ۽ انتظامي گهرجون مڪمل نه ٿو ڪري ته پوءِ شڪارپور آرٽس ڪائونسل جو مستقبل ڇا آهي؟

حل ڇا آهي؟

شڪارپور آرٽس ڪائونسل کي ڪنهن فرد، گروهه يا شخصيت جي ذاتي منصوبي بدران شهر جي اجتماعي ثقافتي اداري طور ڏسڻ جي ضرورت آهي.

پهريون قدم اهو هجڻ گهرجي ته  ھوم ڊپارٽمينٽ ۽ لاڳاپيل رجسٽريشن اٿارٽي موجوده رجسٽريشن جي قانوني حيثيت واضح ڪن.

ٻيو، عهديدارن جي تصديق ۽ ڪليئرنس بابت حتمي حقیقت  سامهون آندي وڃي.

ٽيون، قانون ۽ تنظيم جي آئين موجب ميمبرسازي جو شفاف عمل شروع ڪيو وڃي.

چوٿون، جنرل باڊي قائم ڪري باقاعده ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن.

پنجون، تنظيم جي نالي سان بئنڪ اڪائونٽ کوليو وڃي، مالي نظام قائم ڪيو وڃي ۽ آڊٽ جو باقاعده بندوبست ڪيو وڃي.

ڇهون، پراڻي مختيارڪاري جي عمارتن بابت اڳوڻن فيصلن ۽ اعلانن تي عملدرآمد لاءِ واضح ٽائيم  موقف يا متبادل ڏنو وڃي.

۽ ستين ڳالهه، سنڌ حڪومت کي شڪارپور جي تاريخي ۽ ثقافتي حيثيت کي نظر ۾ رکندي آرٽس ڪائونسل لاءِ باقاعده بجيٽ رکڻ گهرجي.

شڪارپور وٽ تاريخ آهي، ادب آهي، شاعر آهن، اديب آهن، فنڪار آهن، موسيقار آهن، صحافي آهن، محقق آهن ۽ هڪ اهڙو ثقافتي ورثو آهي جنهن تي پوري سنڌ فخر ڪري  ٿي.

ضرورت رڳو ايتري آهي ته ان سموري تخليقي توانائيءَ کي هڪ شفاف، قانوني، جمهوري ۽ فعال ادارتي پليٽ فارم ڏنو وڃي.

ٽن سالن جي خاموشيءَ کانپوءِ هاڻي وڌيڪ خاموش نه رهڻ گهرجي.

شڪارپور آرٽس ڪائونسل جي سوال جو جواب ڪن  شخصن کان نه، پر سرڪاري رڪارڊ، قانون، شفافيت ۽ عملي ڪارڪردگيءَ کان وٺڻ گهرجي.

ڇو ته ثقافت جا ادارا جيڪڏهن ڪاغذن تي زنده ۽ عملي زندگيءَ ۾ مئل هجن ته نقصان رڳو هڪ تنظيم جو نه ٿيندو آهي؛ پوري شهر جي ثقافتي مستقبل جو ٿيندو آهي.

۽ شڪارپور جهڙي تاريخي شهر کي اهڙي ثقافتي خاموشي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آھي.

____________

Naseem Bukhari-The AsiaN

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button