Editor's pickMain Slideسياست

سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وجود جي بقا جي جنگ وڙهڻ لاءِ تيار آهن  

ابراھيم حيدري ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل گڏجاڻيءَ ۾  سياسي ڪارڪنن جو اعلان . سنڌ نيشنل فرنٽ بدران هڪ متفقه پليٽ فارم جوڙيو ويندو، جيڪو ڪنفيڊريشن جي اصولن تحت سنڌ جي وحدت ۽ وجود جي بقا خلاف ٿيندڙ سمورين سازشن جي مخالفت ڪندڙ نڊر ساٿين تي مشتمل هوندو.

ڪراچي

سنڌ جي سينيئر سياسي ڪارڪنن، اڳوڻي سنڌ نيشنل فرنٽ جي مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن گڏيل اتفاقِ راءِ سان وچن ڪيو آهي ته سنڌ جي وحدت سندن ريڊ لائن آهي ۽ جيڪو به ان ريڊ لائن سان هٿ چراند ڪندو، ان کي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ آخري انجام تائين پهچائي دم پٽيندا. ”سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وجود جي بقا جي جنگ وڙهڻ لاءِ تيار آهن.“

 سنڌ جي سينيئر سياسي ڪارڪنن جي گڏجاڻي گذريل ڏينهن ڪالم نگار ۽ اڳوڻي سنڌ نيشنل فرنٽ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جي ميمبر سيد يوسف شاهه جي ميزبانيءَ هيٺ، سندس رهائشگاهه ابراهيم حيدري ۾، فيض احمد فيض جي حافظ ايوب خاصخيلي جي صدارت هيٺ ٿي. اجلاس ۾ اڳوڻي سنڌ نيشنل فرنٽ جي مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن لطيف راولاني، ظهير حسين حيدري، غلام نبي مگسي، غلام محمد قريشي، شمس جويو، حبيب الله ڀٽو، معشوق چانڊيو، رجب علي ڀنڊ ۽ سيد وقار علي شاهه شرڪت ڪئي.

 اجلاس ۾ فيصلو ويو ته سنڌ نيشنل فرنٽ بدران هڪ متفقه پليٽ فارم جوڙيو ويندو، جيڪو ڪنفيڊريشن جي اصولن تحت سنڌ جي وحدت ۽ وجود جي بقا خلاف ٿيندڙ سمورين سازشن جي مخالفت ڪندڙ نڊر ساٿين تي مشتمل هوندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ نيشنل فرنٽ کي خود ان جو باني سردار ممتاز علي ڀٽو ختم ڪري ويو آهي۔

ان موقعي تي سيد يوسف شاهه چيو ته سنڌ جي برباديءَ جا ذميوار مفادپرست سيد ۽ وڏيرا آهن. هن چيو ته پيپلزپارٽي اقتدار خاطر انهن قوتن سان اندروني طور مليل آهي، جيڪي سنڌ خلاف سازشون ڪنديون رهيون آهن. هن چيو ته جيتوڻيڪ اسان کي موجوده آئين تي به اعتماد ناهي، پر جيڪي 1973ع جي آئين جو راڳ آلاپين ٿا، اهي ان تي عمل ڪندي نون صوبن جي قيام لاءِ آئيني طريقيڪار اختيار ڪن. جيڪڏهن اها ئي روش جاري رهي ته پيپلزپارٽيءَ جو حشر شايد ايوب کهڙي کان به خراب ٿيندو.

يوسف شاهه چيو ته اسٽيبلشمينٽ نه ته 1940ع جي قرارداد کي مڃي ٿي ۽ نه ئي 1973ع جي آئين کي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو گذريل ٻن سئو سالن کان براہ راست غلام آهن، جنهن ۾ هڪ سئو سال انگريزن جو دور به شامل آهي. هن چيو ته سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي ته پوءِ اهڙي مزاحمتي تحريڪ شروع ٿيندي، جو دنيا حر تحريڪ، ايم آر ڊي تحريڪ ۽ ٻٻرلوءِ ڌرڻي کي وساري ڇڏيندي. اسان جو نظريو ۽ فڪر هاڻي صرف سنڌ آهي. هن چيو ته اردو ڳالهائيندڙ به هن تحريڪ جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار آهن ۽ انهن پنهنجن مفادپرست اڳواڻن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

ظهير حسين حيدري چيو ته نواز شريف معافيون وٺي واپس آيو آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري جا بيان به واضح ناهن. ڪنفيڊريشن ۾ فوج، ماليات ۽ پرڏيهي معاملن ۾ برابريءَ جو منشور آهي، پر هاڻي معاملا ان کان به اڳتي نڪري چڪا آهن. سنڌ سماجي سٿ جي چيئرمين غلام نبي مگسي چيو ته افغانن کي روڪڻ لاءِ رنجيت سنگهه جيڪا گيريزن اسٽيٽ قائم ڪئي هئي، پنجاب اڄ به انگريزن جي اختيار ڪيل مارشل ريس واري پاليسيءَ تي عمل پيرا آهي. هاڻي سنڌ ۽ سچ سان گڏ بيهڻ جو وقت اچي ويو آهي. متحد ٿي ئي بچي سگهجي ٿو.

معشوق چانڊيو چيو ته نئين سماجي معاهدي ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسٽيبلشمينٽ سنڌ ۽ بلوچستان تي مڪمل قبضو ڪري رکيو آهي. هاڻي يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف پاڪستان قائم ڪيو وڃي.

ايوب خاصخيلي پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته سنڌ ڪو حلوو ناهي، جو ان کي آسانيءَ سان هڙپ ڪري سگهجي. هن چيو ته پنجابي جنرل صوبن جو شوشو ڇڏي سنڌ جي ماڻهن جو موڊ ڏسڻ چاهين ٿا. هن چيو ته سنڌ جي آواز کي دٻائڻ لاءِ اياز لطيف پليجو ۽ ٻين سياسي ڪارڪنن کي نيشنل سائبر انويسٽيگيشن اٿارٽي طرفان گهرايو پيو وڃي.

ان موقعي تي حبيب الله ڀٽو، غلام محمد قريشي، لطيف راولاڻي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ اظهارِ خيال ڪيو ۽ سنڌ جي ورهاڱي ۽ نون صوبن کي رد ڪري ڇڏيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر ٻيهر اجلاس گهرائي فورم جو نالو تجويز ڪيو ويندو ۽ هڪ آرگنائيزنگ ڪميٽي پڻ جوڙي ويندي. جڏهن ته سردار ممتاز علي ڀٽو جي پنجين ورسيءَ جي موقعي تي کيس خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو. ان سان گڏ فرنٽ جي اڳوڻي اڳواڻ مظفر سهتي جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ويو۔ (پريس رليز)

______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button