تاريخن ۽ تاريخدانن جو ڇيد: تاريخ، ماضيءَ جو آئينو يا ڪُوڙ جو ڄار؟
پاڻ کي ويڪائو تاريخدانن جون آڳاٽيون توڙي ويجهي ماضيء ۾ لکيل جيڪي به تاريخون ۽ تخليقون پڙهڻ لاء مليون آهن يا انهن ۾ وقت سان گڏ جيترا به واڌارا ٿيندا رهيا آهن، اصل ۾ اهي به جيئن جو تيئن لکيل ناهن، انهن ۾ تمام گهڻيون گهٽ وڌايون لڪل آهن۔ تاريخي حوالي سان اڄ به ڪيترائي تاريخدان ڄاڻائيءَ يا اڻڄاڻائيءَ ۾ اصل حقيقتن تي پردا وجهي، تاريخي علم کي ڪنهن پاڪ بيبيءَ وانگر پردن ۾ لڪائي “بيبي ڀلي ڍڪي ڀلي” قرار ڏئي، ان ۾ موجود خرابين کي لڪائي، وڏا وڏا ڏوهه ڪري رهيا آهن۔

روايتي ۽ درٻاري تاريخ جي ڪُوڙن داستانن جو هڪ بيباڪ تجزيو، جنهن ۾ ليکڪ علم، ادب ۽ صحافت کي ذاتي، فرقيوار ۽ حڪمران طبقن جي مفادن مان آزاد ڪري نج سچائيءَ جي بنياد تي بيهارڻ جو هڪ سگهارو سڏ ڏنو آهي
حميد منگي
چوندا آهن ته، تاريخون، ماضيء جا آئينا هونديون آهن، جن ۾ جهاتيون پائي، وچور ڪڍي، هلندڙ حال ۽ ايندڙ آئيندي جي بهتريء لاء رٿابنديون ڪندي، انسان ذات لاء ڪجهه آسانيون پيدا ڪري سگهجن ٿيون، پر شرط اهو آهي ته اهي تاريخون حقيقتن تي ٻڌل ۽ سچائيء جي بنياد تي لکيل هجن۔ جيڪڏهن تاريخن ۾ ڪٿي به ڪو ڪوڙ بدوڙ شامل هوندو، ان سان نه ته ماڻهن جو حال سڌرندو, نه ئي سندن مستقبل ۾ ڪو ڀلو ٿيندو۔ ويتر ڪوڙ تي ٻڌل تاريخن تي ڪيل رٿابندين سان حال، اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خراب ۽ آئيندي بابت اڳڪٿيون به ابتيون ثابت ٿينديون، وري جيڪڏهن تاريخون هونديون ئي حقيقتن جي ابتڙ ته، انهن سان نسلن جا نقصان برداشت ڪرڻا پوندا آهن۔ مٿان وري تاريخ جا ڄاڻو به جيڪڏهن لڪير جا فقير هوندا ته، نسلن جون تقديرون تبديل ٿيڻ بدران، وڌيڪ بگڙجڻ لڳنديون۔
انساني تاريخن ذريعي، مختلف تهذيبن, ٻولين، اٿڻين ويهڻين، ڪمن ڪارين، ثقافتن، ريتن، رسمن، ڪاروبارن توڙي سماجن بابت جيڪا ڄاڻ, پاڻ کي اڳ ۾ ملندي رهي آهي يا هاڻي به مختلف حوالن سان ملندي رهي ٿي، اها گهڻو تڻو ڏند ڪٿائن تي مبني، ڏنڊي جي زور تي لکيل، پگهارن ۽ سهوليتن جي آڌار ۽ عالمن جي اندازن وارن علم جي بنياد تي مبني رهي آهي۔ هيل تائين پاڻ وٽ پهتل علم، ڀلي تاريخ تي مبني هجي يا ٻين شعبن بابت، اصل ۾ اهو انسان، انساني سماجن، انساني عقل ۽ هنرن جيترو جهونو ناهي۔ اهو انهن سڀني کان تمام گهڻو پوء وجود ۾ آيو آهي، پر انهيء حقيقت کي به ضرور مڃبو ته، هاڻي اهو علم ايتري اهميت ضرور اختيار ڪري ويو آهي جو، ان اڀري سڀري علم بنا، دنيا جي تيز ترقيء وارو تصور ڌنڌلو ٿو لڳي۔ جڏهن ته اهو ساڳيو ئي علم، عقل ۽ مڙني هنرن سان همراهي ڪندي به نظر اچي ٿو۔ پر اهو قطعي طور نه وسارڻ گهرجي ته سمورو علم کڻي نه پر تاريخي علم جا کوڙ سارن پاسا ڪيترين ئي کوٽن سان اڄ تائين موجود آهن، جن کي درست ڪرڻ جي به سخت ضرورت آهي۔
پاڻ کي اها ڳالهه هرگز نه وسارڻ گهرجي ته، علم اڄ به عقل ۽ مختلف هنرن ۽ انساني تجربن جو محتاج آهي ۽ انهن ٻنهي جي ساٿ بنا هو ڍڳي پير پيران جيان هلي ته سگهي ٿو، اڳتي وڌي نه ٿو سگهي ۽ اهو تيسيتائين انهن ٻنهي جو محتاج رهندو، جيسيتائين علم وڏو ڇال ڏئي، انهن هٿن مان نه نڪرندو، جيڪي کيس مختلف مذهبن، فرقيواريتن، نسلن، سرحدي لڪيرن، طبقاتي گروهه بندين، فڪرن، سوچن، فلسفن، ذاتين پاتين، اوچ نيچ ۽ ٻين فرقن ۾ ڦاسائي ويٺا آهن۔ ڪجهه ماڻهن جي خيال ۾، علم اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻي تمام گهڻي ترقي ڪري ويو آهي، بلڪي ڪجهه ماڻهن کي ته اڄ تائين جو سرجيل علم، سمنڊ ٿو سجهي، پر حقيقت جي نظر سان ڏسبو ته، اصل ۾ اهو علم بيٺل پاڻيء جو پراڻو دٻو بڻيل آهي، ان مان بدبوء ڀڀڪا ڏئي نڪري پئي، جنهن کي پاڻ چڱيء طرح سنگهي، خوشبوء جو پتڪڙو واس به وجهي ناهيون سگهيا، جيئن ان جي بدبوء ۾ ڪا ڪمي اچي سگهي۔ ها ان مان ايتري ڳالهه ضرور سمجهي ويا آهيون ته اڪثر تاريخ بابت علم اڌوري کان به تمام گهڻو گهٽ آهي۔
جيڪي ماڻهو هاڻي تائين جي علم کي وڏي اڳڀرائي سمجهن ٿا، اصل ۾ ان تاريخي قصن، ڪهاڻين ۽ داستانن مان ترقي ڪندي علمي، ادبي گهاڙيٽن مان گذرندي، مختلف شعبن تائين ڦهلاء ضرور ڪيو آهي، پر ان ۾ گهرائيء جي کوٽ، اڄ به صاف ظاهر ٿئي پئي ۽ پڻ ان ۾ وڏي پيماني تي بادشاهي نظام جي ڀاڙي تي رکيل تاريخدانن جا وڏا وڏا داستان ۽ قصا توڙي مختلف مذهبن، فرقيواريتن، صنفي ۽ طبقاتي فرقن، ذات پات، اوچ نيچ، نظرياتي، نسلي ۽ فڪري بغض به شامل آهن۔ مطلب ته هن وقت تائين جيڪو به علم تخليق ٿيو يا ڪيو ويو آهي، ان مختلف معاشرن ۾ مختلف قسمن جون غلط فهميون ۽ خوش فهميون پيدا ڪري ڇڏيون آهن، نتيجي ۾ پوري دنيا جو انسان هڪٻئي کان تمام پري بيٺل يا بيزار نظر اچي ٿو، جڏهن ته اهڙي علم جي واڌ مذهبن، فرقن، نسلن ۽ طبقن جي بنياد تي ماڻهن وچ ۾ ڳڻپ کان وڌيڪ بداعتماديون پيدا ڪيون آهن۔
منهنجي خيال ۾ اڄ تائين جو سرجيل علم، ڪنهن ننڍڙي ٻار جيان بانبڙا پيو پائي، اڃا پير، پير ۾ وجهي، گهمڻ به ناهي سکيو، ان کي جوان ٿيڻ ۾ اڃا ڪافي وقت گهربل آهي۔ اهو علم تڏهن جوان ليکبو، جڏهن هو صدين پراڻين ڪوڙين تاريخن جون پاڙون اکيڙي، لکارين کي ايندڙ دئور ۾ انهيء سچ کي لکڻ تي مجبور ڪندو، جنهن کي اڪثر مٿيان طبقا ڏوهه سمجهڻ تي مجبور آهن۔ اصل ۾ هيل تائين جي علم سان الف ليلائي، حاتم طائي، ليلي مجنون، سامري جادوگرن، نالي ڪٺن رحمدل بادشاهن کان وٺي، عمرو جي عيارين، عمران سيريز کان علمي ۽ ادبي ڪتابن کان ٿيندي، موجوده ميڊيائي خبرن ۽ رپورٽن تائين جي دنيائي تاريخن سان جيڪا مذاق ۽ هٿ چراند ٿيندي رهي آهي، اها علم کي اڳتي وٺي وڃڻ بدران، پوئتي ڌڪي رهي آهي۔
علم جي شروع وارين تخليقن کان هاڻي تائين اڪثر تاريخدانن، اديبن ۽ عالمن ان علم کي، مختلف وقتن تي اهڙي نموني گنجرائي، وڌائي توڙي گهٽائي پيش ڪيو آهي، جو علم کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاء به وري ڪنهن ٺوڳي ۽ جڳاڙي عالم، اديب يا تاريخدان جي بيساکين جي ضرورت پوي ٿي۔ بهرحال انهيء باوجود به اهو يقين ضرور آهي ته، مختلف مذهبي، نسلي، قبيلائي، قومي ۽ فڪري بيمارين ۾ ورتل ۽ وڪوڙيل اهڙو علم، هڪ نه هڪ ڏينهن پنهنجين اهڙين خراب حالتن مان نڪري، انسان آڏو نوبنو ٿي ضرور ظاهر ٿيندو۔ منهنجي خيال ۾ علم پنهنجي اصل منزل تڏهن ماڻيندو، جڏهن اڪثر لکاري کيس پنهنجي مفاد ۾ لکڻ بدران نج سچائين ۽ حقيقتن جي بنياد تي لکڻ شروع ڪندا۔
ايندڙ دور جو علم نه رڳو، عام پڙهندڙن کان اڳوڻن بيرحم بادشاهن جي ڪوڙن رحمدلي قصن گهڙڻ وارن تاريخدانن جي حمايتين کان معافيون وٺرائيندو، گڏوگڏ علم کي مذهبي، نسلي، فرقيواريتي، طبقاتي، نسلي، قومي ۽ لساني گروهه بندين جي راڳن مان آزادي ڏياري، ٺوڳي لکارين جي انهن سمورين لکڻين کي رد ڪري، تاريخ جون سموريون لڪل سچايون، عام ماڻهن تائين پهچائڻ کان وٺي، انهن کي هضم ڪرائڻ تائين جي به، طاقت حاصل ڪندو۔ ڇو ته اڳوڻا ۽ هاڻوڪا اڪثر عالم، حڪمرانن جي موچڙن کان ڊڄندي يا خرچ پاڻي بند ٿيڻ جي خوف کان، ڪوڙا يا اڌ سچ ۽ اڌ ڪوڙ تي ٻڌل قصا گهڙي، حڪمران طبقن جون هروڀرو واريون تعريفون ۽ سچن، کرن يا انمول ڪردارن جي ڪردار ڪشيء ڪري، عوام کان اصل حقيقتون لڪائي، کين سالن ۽ صدين تائين رڃ ۾ روليو آهي۔
پاڻ کي ويڪائو تاريخدانن جون آڳاٽيون توڙي ويجهي ماضيء ۾ لکيل جيڪي به تاريخون ۽ تخليقون پڙهڻ لاء مليون آهن يا انهن ۾ وقت سان گڏ جيترا به واڌارا ٿيندا رهيا آهن، اصل ۾ اهي به جيئن جو تيئن لکيل ناهن، انهن ۾ تمام گهڻيون گهٽ وڌايون لڪل آهن۔ تاريخي حوالي سان اڄ به ڪيترائي تاريخدان ڄاڻائيءَ يا اڻڄاڻائيءَ ۾ اصل حقيقتن تي پردا وجهي، تاريخي علم کي ڪنهن پاڪ بيبيءَ وانگر پردن ۾ لڪائي “بيبي ڀلي ڍڪي ڀلي” قرار ڏئي، ان ۾ موجود خرابين کي لڪائي، وڏا وڏا ڏوهه ڪري رهيا آهن۔ هتي ڄاڻو ماڻهن پاران ڄاڻي ٻجهي حقيقتن تي پردا وجهڻ واري ڳالهه ان ڪري ڪئي اٿم، جو سڀ لکاري کڻي نه به پر تاريخدانن جون ڪئي کيپون ۽ مافيائون، پنهنجن لاڳاپيل مذهبن، فرقيواريتن، طبقن، نسلن، فڪرن، فنن، سوچن ۽ فلسفن سان واسطي ۾ ضرور رهيون آهن يا انهن لاء نرم گوشو رکندي، سڄي ڪوڙ ۾ ٿورڙو ۽ معمولي سچ ملائي، ماڻهن کي اهڙيون ته علم جون ابتيون پٽيون پڙهائي يا ڀنگون گهوٽي پيئاريون آهن، جو انهن مان دنيا جو اڪثر عوام ٻاهر نڪري ناهي سگهيو۔ وڏي افسوس جي ڳالهه ته اها به آهي جو، اهڙين لکڻين ۽ تاريخن ۾ ڪي ٿوريون گهڻيون گهٽتايون نه پر اڃا به وڏا وڏا واڌارا ٿي رهيا آهن۔
اهڙن تاريخدانن هٿان، جيڪي به تاريخون لکجي چڪيون آهن، اهي ننڍا وڏا موڙ ڪاٽي، ليکڪن جي لاڳاپيل مذهبي، نسلي، قومي، لساني ۽ فرقيواراڻين سوچن تي دنگ ڪندي ۽ ضد ڪندي بيٺل نظر اينديون رهيون آهن يا انهن جي ذاتي ۽ گروهي خيالن، مقصدن ۽ مطلبن جو اپٽار ڪندي، ماڻهن کي پاڻ ۾ ملائڻ بدران، ڇڙوڇڙ ڪنديون رهن ٿيون۔ منهنجي خيال ۾ علم ۽ ادب جي ڪنهن به صنف جي ليکڪ کان وٺي صحافيء تائين، معاشري جي نبض تي هٿ رکندڙ ان طبيب يا ويڄ جيان هجڻ گهرجي، جنهن مٿان اهو فرض هوندو آهي ته، هو رڳو مرض جو علاج نه ڪندو، مرض جي پاڙ تائين پهچي، مريض کي باقي حياتي يا ڊگهي عرصي تائين چاڪ به رکندو۔ بلڪل اهڙيء طرح هر تاريخدان، ليکڪ توڙي صحافيء کي رڳو معاشري جي خرابين کي اجاگر ڪرڻ واري ڪم تي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي پر، اهي خرابيون ڪيئن ۽ ڇو ٿيون پيدا ٿين، انهن جون پاڙون کوٽي وس وارن جو ڌيان، انهن ڏانهن ڇڪرائي ۽ پڻ عام عوام کي به ٻڌائي ته، اهي برائيون ڪهڙن سببن ڪري ۽ ڪنهن جي غفلتن سبب پکڙجن ٿيون، انهن جا تدارڪ ڪهڙا ٿي سگهن ٿا۔ جيڪڏهن ڪو ليکڪ، تاريخدان يا صحافي ايئن نه ٿو ڪري، سمجهو ته اهو عام ماڻهن کان نه رڳو، سچ لڪائي ٿو پر حڪمرانن سان ٻٽ ٿي ناانصافيء جي جهان کي وڏو ويڪرو به ڪري ٿو۔ جڏهن ته اهڙين ناانصافين جا مرتڪب، ڪنهن به حوالي سان معافي لائق ناهن هوندا۔
جڏهن ته، ڪنهن به ليکڪ خاص طور تي تاريخي علم تخليق ڪندڙ کي، ڪنهن هڪ طبقي، قوم، مذهب توڙي فرقي جو پاسو کڻي، لکڻ کان اڳ اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته، انهيء نسل، طبقي، ڌر يا فرقي ۾ به ڪي ڦير ٿي سگهن ٿا يا اهڙا ڦير گهير کائنس ڪو ٻيو غلط اطلاع ڏئي ڪرائي سگهي ٿو۔ اصل ۾ دنيا جو حڪمران طبقو، جيڪو بادشاهن مان ڦري آمريت پسند ٿيو، هاڻي جمهوريت جو چئمپين پيو سڏائي، اهو ڪهڙين حرفتن ذريعي پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيندو رهيو آهي، ان جو ٿورو ڪي گهڻو شعور رکندڙ هر ماڻهوء کي خبر آهي۔ ليکڪ تاريخدان هجي، ڪهاڻيڪار، شاعر، مضمون نگار يا صحافي کڻي ڇو نه هجي، کيس ڪنهن خاص ڌر کان مٿانهون ٿي سچ لکڻ گهرجي، نه ڪي ڪنهن حڪمران، مذهب، فرقي، پارٽيء، نسل، سوچ ۽ فن توڙي فڪر جي ترجماني ڪرڻ گهرجي۔ دنيا جي اڪثر تاريخدانن، عالمن، اديبن ۽ صحافين الائي ته ڇو، علم جهڙي انمول شئي کي اهڙين سوچن ۽ فڪرن تحت ورهائي ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي۔
انهيء ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته، هر قسم جو ليکڪ، حالتن کان متاثر ٿي، هانو جي باهه، پنهنجي قلم سان ڪڍي، ڪاڳر ڪارا ڪندا يا ڪتابن جا ڍير لڳائي ڇڏيندا آهن، پر لکارين کي لکڻ کان اڳ تنهن وقت جي حڪمرانن، درٻارين، انهن جي ترڪتالي ٻولڙن ۽ سندن تاريخي ڪرتوتن کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي، جيڪي حالتن کي هر وقت پنهنجن مخصوص مفادن ڏانهن موڙڻ لاء، توڙي مسڪين ماڻهن جا مٿا ڦيرڻ کانسواء، ليکڪ لڏي کي لالچائي، ڊيڄاري، منجهائي، ايوارڊن ۽ انعامن جي لالچ ۽ سهوليتن جا آسرا ڏئي، کانئن ڪوڙ ۽ سچ جي ملاوٽي ڦڪي ٺهرائي، عوام کان هضم ڪرائي، اصل ۽ نج حقيقتن کي لڪائي، پنهنجي مطلب ۽ مقصد واريون هٿراڌو لکڻيون لکڻ تي مجبور ڪندا رهيا آهن ۽ اڄ تائين به کين ساڳئي نموني هيرائڻ ۾ مشغول رکندا پيا اچن۔
منهنجي لکڻ جو مطلب اهو هرگز ناهي ته، ليکڪ هروڀرو فرعون، شداد، هلاڪو، هٽلر چنگيز ۽ ميسولني جهڙن جلادن مان چڱايون ڳولهي کين چڱو مڙس ثابت ڪن، پر مان اها ڳالهه چوڻ چاهيان ٿو ته، آخر شاهه عنايت، هيمون ڪالاڻي، مائي بختاور، روپلو ڪولهي، مخدوم بلاول، دولهه دريا خان، هوشو شيدي، ۽ شهيد الله بخش سومرو يا تازو قربانيون ڏئي ۽ ڊگهي جدوجهد ڪري سوڀ ماڻيندڙ مائي جندو جي جدوجهدن ۾ ڪهڙيون کوٽون خاميون هيون يا آهن، جو انهن جون تاريخون لکجڻ کان رهجي يا رهايون ويون آهن۔ ڳائڻي سرمد سنڌيء تي ڪتاب لکي سگهجي ٿو ته، ڪنور ڀڳت آخر ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو، ڪو به ليکڪ ان تي ڪتاب نه ٿو لکي، جڏهن ته ڪنور ڀڳت جو نه رڳو بنا مت ڀيد واريء شاعريء تي فوڪس رهيو، پر سنڌي گائڪي ۾ نئون روح ڦوڪڻ سان گڏ هو وڏو سماجي ڪارڪن ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي به هئو۔
جڏهن ته اهڙا ٻيا به کوڙ سارا ڪردار آهن، جن تي اسان جي اڪثر ننڍن وڏن ليکڪن، محققن ۽ تاريخدانن اڃا تائين هڪ اکر به ناهي لکيو۔ جيڪڏهن ڪنهن انهن تي کڻي قلم کنيو به هوندو ته، ڄڻ رڳو ميار ئي لاٿي هوندي۔ وڏي ڳالهه ته اسان جا نقاد سڳورا، جيڪي سدائين ڇريون تيز ڪيو ويٺا هوندا آهن، اهي سڀني تي نه پر پنهنجي سوچ جي مخصوص مخالف ليکڪن جي ڪردارن ۽ ڪتابن جي ايئن کل لاهيندا آهن، ڄڻ اهي نقاد نه ڪاسائي هجن۔ جڏهن ته اهي ئي نقاد تاريخي علمن بابت تاڃي پيٽي تي ايئن چپ هوندا آهن، ڄڻ اهي توبهه نعوذ بالله قرآني آيتون هجن، انهن سان ڪابه ڇيڙخاني جائز ئي نه هجي۔ تاريخ بابت سرجندڙ علم سان هڪ الميو اهو به رهيو آهي ته، ڪجهه تاريخدان وقت جي حالتن جو نقشو ته درست ڪڍندا آهن پر، حالتن جي ذميوارن جون نشاندهيون، انهيء ڪري ناهن ڪندا، جو انهن کي اهو ڊپ هوندو آهي ته، ان عمل سان سندن حقو پاڻي بند ٿيندو يا ڏنڊو گهمڻ کان پوء سندن هڏ گڏ ڀڄي پوندا۔
هتي اها حقيقت به لکڻ جي ضرورت پئي ٿي، اڳئين دئور جي حالتن جي ته خبر گهٽ آهي پر، هلندڙ دئور جا ڪجهه لکاري، پنهنجا اعليٰ يا اتم قلم، انهيء وقت سنڀاريندا آهن، جڏهن واقعا ٿي ويندا ۽ انهن جا خراب نتيجا نڪرڻ شروع ٿي چڪا هوندا آهن، ان کان اڳ هو يا ته اگهور ننڊ ۾ ستل هوندا آهن يا ڄاڻي ٻجهي خاموش ٿي ويٺل هوندا آهن، ڇو ته انهن مان اڪثر پاڻ ڪنهن مخصوص سوچ ۽ فڪر کان متاثر ٿيل يا ڏنڊو گهمڻ جي خوف ۾ چپ يا وري، ٻين کي تاثر ڏيڻ جي ڪوششن ۾ ماٺ ڪري ويٺل هوندا آهن۔ هتي اها ڳالهه به رد نه ٿي ڪجي، ڪنهن به لکڻيء جو تاثر تڏهن ئي قائم ٿيندو آهي، جڏهن ليکڪ ڪنهن فرد، گروهه، سماج، نظام، سوچ، واقعي يا حالتن کان متاثر ٿيندو آهي پر حقيقت جو حال، درست حوالن سان بيان ڪرڻ به ته ان جي ذميواريء ۾ شامل ٿئي ٿو۔
جيڪڏهن علم جو سفر ايئن ئي هلندو رهيو، خاص ڪري تاريخي علم سان دلچسپي رکندڙ عالم، تاريخ جهڙي اهم تخليق کي پنهنجين مخصوص سوچن ۽ فڪرن خاطر استعمال ۾ آڻيندا رهيا، تاريخون درست ڪٿان ٿينديون ۽ علم ڪيئن آزاد ٿي مڃتا ماڻي سگهندو۔ تاريخدانن، ليکڪن، عالمن ۽ صحافين مٿان جتي مثبت سوچ واريون لکڻيون لکڻ جون ذميواريون هونديون آهن، انهن مٿان هڪ ذميواري اها به هوندي آهي ته هو علم جو استعمال پنهنجي ذاتي سوچ، گروهي يا نسلي مفادن خاطر نه پر، سموري انسانذات ۽ انهن جي حق ۽ سچ لاء ڪرڻ گهرجي، تڏهن وڃي علم آزاد به ٿيندو ۽ سڀني انسانن جي ڀلائيء ۾ ڪتب به اچي سگهندو، نه ته علم ايئن ئي سدا جيان مذهب پرستي، نسل پرستي، طبقاتي فرقن سميت مختلف ماڻهن وچ ۾ وڇوٽين جو هڪ وڏو سبب بڻيل رهندو ۽ پڻ حڪمرانن پاران عوام خلاف، هٿيار طور استعال به ٿيندو رهندو۔
هڪ افسوس جي ڳالهه اها به آهي ته، هن جديد آئيڊياز ۽ ٽيڪنالاجيء واري دئور ۾، پراڻن دئورن جي اکين کان نابين عشق وارا ناول، ڪهاڻيون ۽ شاعريون وڏي ڌوم ڌام سان لکجن ۽ ڇپجن پيون، جڏهن ته لکڻ ۽ ڇاپڻ وارن کي اها به خبر آهي ته، هاڻي اهڙي علم ۽ ادب کي نه ته دل سان پڙهيو وڃي ٿو ۽ نه ئي اهو وڪامجي به ٿو، پوء به ليکڪن جي هڻ هڻان لڳي پئي آهي ۽ تجزئي ڪندڙن جي واهه واهه کٽي ئي نه ٿي۔ مٿان وري وڏو ظلم اهو به آهي ته، علم ۽ ادڀ ۾ شل نه ڪو نئون موضوع اچي، ان مان سوين غلطيون ڪڍي، لکندڙن جا ارواح ئي کڻايا وڃن ٿا۔ اسان جي ليکڪن، عالمن، اڪابرن ۽ خاص ڪري نقادن جا اهي ئي رويا رهيا ته، پاڻ وٽ ڪتابن جي ٽڪي جي قيمت به نه رهندي ۽ ايئن ئي مفت ۾ ۽ اعزازي ڪاپين ذريعي ڪتاب ورهايا ويندا، نه ته ڪو پئسا ڀري وٺڻ وارو رهندو ۽ نه مفت ۾ مليل ڪتابن کي ڪو پڙهڻ وارو هوندو۔
انهيء سلسلي ۾ ٻيو ذڪر اهو به ڪجي ٿو ته، ويجهي توڙي ڏور ماضيء ۾ جيڪي به تاريخون لکيون ويون آهن، اهي طاقتورن، ڌارين حمله آورن جي حوارين ۽ بادشاهن توڙي حڪمرانن جي مرضيء ۽ منشا مطابق لکيون وينديون رهيون آهن۔ ڇو ته علم جي شروعات واري دئور کان، اڄ تائين جا اڪثر عالم پگهاردار، ويڪائو ۽ ڊڄڻا رهيا آهن، مان ته اهو به لکڻ تي مجبور آهيان، هن موجوده ترقيء واري دئور ۾ به جيڪو علم ۽ ادب لکجي پيو، آرٽ، فن ۽ فڪر سرجن پيا يا جهڙي نموني جي صحافت ٿئي پئي، اها به اڪثر وقت جي والين ۽ انهن جي ماتحت ڪم ڪندڙ ادارن جي عملدارن جي حڪمن جي غلام آهي۔ جنهن جو هڪ وڏو مثال، دنيا جي مڙني ملڪن ۾ سينسرشپ وارو قانون آهي، جنهن تحت ڪنهن به فلم، ڊرامي، ڪتاب، رسالي، اخبار يا ڪنهن ٻي مواد تي ڪڏهن به پابندي لڳي سگهي ٿي، جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته، علم اڃا تائين وڪامجي به رهيو آهي ۽ ڊپ ۾ مبتلا ٿي ٻڙڪ به ٻاهر نه ٿو ڪڍي۔
انهيء سڄي بحث مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته، اسان جا اڪثر ليکڪ، عالم خاص طور تي تاريخدان يا انهن جون ٻٽاڪي تخليقون عام پڙهندڙن کي ڀٽڪائي، ٿڪائي، پراڻ پسنديء ڏانهن ڌڪي حڪمران طبقي جو کاڄ بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ٿيون ڇڏين۔ جيسيتائين اسان جون تاريخي تحقيقون ۽ تخليقون سڌي رستي تي نه ٿيون اچن يا هاڻوڪي دئور جون لکڻيون، جدت پسنديء سان سنمک نه ٿيون ٿين، تيسيتائين پاڙهو به انهن مان مقصد واري ڳر نه ڪڍڻ ڪري پنهنجين منزلن کان ڏور ئي رهندا۔
___________________

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي جو سرگرم ساٿي آهي ، ء سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو




حميد منگي صاحب سدائين اسانکي ساڃاه واري سوچ سان منور ڪيو آهي، ھي ليک تاريخ کي سمجھڻ جي حوالي سان بھترين ڇيد ٿيل آهي