Editor's pickMain Slideڪالم

ماھرنگ بلوچ: انصاف ۽ حقن لاءِ پُرامن جدوجھد ڪندڙ هڪ ”دهشتگرد ڌيءُ“

جيڪڏهن پنهنجي حقن، پنهنجي ماڻهن، پنهنجي ڌرتي ۽ انصاف لاءِ پرامن جدوجهد ڪندڙ 33 ورهين جي هڪ باشعور عورت دهشتگرد آهي، ته پوءِ شايد هوءَ واقعي “دهشتگرد” آهي. سمي دين بلوچ، صبيحا بلوچ، بيبو بلوچ ۽ انهن جهڙيون سڀئي عورتون، جيڪي پنهنجي ماڻهن، پنهنجي وسيلن، پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي حقن لاءِ بي خوف ٿي بيهن ٿيون ۽ ڪنهن به سوديبازي کان انڪار ڪن ٿيون، سي سڀ  به رياست جي نظر ۾ “مجرم” ۽ “دهشتگرد” آهن ته  برابر هو دهشتگرد آهن.

انيتا پنجاڻي

ماهرنگ ڪير آهي؟

ماهرنگ هڪ چيخ آهي، هڪ درد آهي، هڪ اهڙو ڳوڙهو آهي، جيڪو بلوچستان جي مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن جي ڳلن تان سڪي ئي نٿو. هوءَ هڪ اهڙو آواز آهي، جيڪو بلوچستان جي مظلوم ماڻهن جي درد جي گونج ۽ سندن سڏ جو پڙاڏو بڻجي ويو آهي.

ماهرنگ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

پر سوال اهو آهي ته ڇا ڪڏهن سچ کي به قيد ڪري سگهجي ٿو؟

بلوچستان جي هڪ ٻي بهادر ڌيءُ، سمي دين، ماهرنگ کي مخاطب ٿيندي چوي ٿي:

“تون ته خوشنصيب آهين، جو گهٽ ۾ گهٽ توکي پنهنجي پيءُ جو لاش ته مليو، تون سندس قبر تي ويهي روئي ته سگهين ٿي. پر مان انهن بدنصيبن مان آهيان، جيڪا سترهن سالن کان پنهنجي پيءُ کي ڳولي رهي آهيان. در در جا ڌڪا کائي رهي آهيان. ڪڏهن ڪنهن پريس ڪلب جي ٻاهران، ته ڪڏهن ڪنهن سرڪاري آفيس ۾، رڳو ان آس تي ته شايد ڪو مون کي منهنجي بابا جو ڪو اتو پتو ٻڌائي.”

ڇا اهو ئي ماهرنگ جو ڏوهه آهي، جو هوءَ سمي دين، بيبو ۽ انهن جهڙين سوين ۽ هزارين ڌيئرن، ڀينرن ۽ مائرن جي پيڙا جو آواز بڻجي وئي؟

انهن عورتن نه ڪڏهن بندوق کنئي، نه ئي هٿيار استعمال ڪيو. هنن رڳو پرامن طريقي سان انصاف جي گهر ڪئي. هنن چيو:

“اسان ٻيو ڪجهه نٿا گهرون، رڳو اسان کي پنهنجن پيارن جو اتو پتو ٻڌايو وڃي. اسان کي صرف اهو ٻڌايو وڃي ته اسان جا ڀائر ۽ پيئر ڪٿي آهن. هر شهري جي حفاظت رياست جي قانوني ذميواري آهي. جيڪڏهن هو ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث آهن ته کين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، جيئن قانون موجب انصاف ٿي سگهي.”

ڇا اها گُهر ناجائز آهي؟

ماهرنگ بلوچ 1993ع ۾ پيدا ٿي. 2009ع ۾، جڏهن هوءَ صرف 16 سالن جي هئي، سندس پيءُ عبدالغفار بلوچ، جيڪو هڪ سماجي ۽ سياسي ڪارڪن هو، لاپتا ڪيو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ سندس تشدد زده لاش مليو. 2018ع ۾ سندس سترهن ورهين جي ڀاءُ کي به کڻي وڃڻ جون خبرون آيون، جيڪو بعد ۾ واپس موٽي آيو.

ماهرنگ صرف 16 سالن جي عمر کان پنهنجي پيءُ لاءِ انصاف جي جدوجهد شروع ڪئي. احتجاج به ڪندي رهي ۽ گڏوگڏ پنهنجي تعليم به جاري رکي. هوءَ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهي. سندس ماءُ پنهنجا زيور ۽ ڪپڙا وڪڻي کيس ڊاڪٽر بڻايو، پر شايد طب جي عملي زندگي سندس نصيب ۾ نه هئي. پيءُ جي گمشدگي، سندس تشدد زده لاش، ڀاءُ جي گمشدگي ۽ ماءُ جي زخمن کيس خاموش ويهڻ نه ڏنو.

هن ڏٺو ته بلوچستان ۾ هوءَ اڪيلي نه هئي. اهڙيون بيشمار عورتون هيون، جن جا پيءُ، ڀائر يا مڙس سالن کان لاپتا هئا. خاندانن جا خاندان بي سهارا ٿي چڪا هئا ۽ اميد ۽ نااميدي جي وچ تي زندگي گذاري رهيا هئا.

آخرڪار ماهرنگ ۽ سندس ساٿين فيصلو ڪيو ته انصاف لاءِ اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪيو وڃي.

6 ڊسمبر 2023ع تي ڊاڪٽر ماهرنگ بلوچ انهن مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن سان گڏ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ شروع ڪيو ۽ سڄي بلوچستان جي عوام کي ان ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني. عورتن جو وڏو انگ هن قافلي ۾ شامل ٿيو. ڊسمبر جي سخت سردي به سندن حوصلي کي ڪمزور نه ڪري سگهي.

هي لانگ مارچ ضلعي ڪيچ کان شروع ٿيو، ڪوئٽا، سنڌ ۽ پنجاب مان گذرندو 20 ڊسمبر تي اسلام آباد پهتو. جنهن به شهر مان قافلو گذريو، اتي عام ماڻهن ان جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ڪيترائي ماڻهو ساڻن شامل ٿيندا ويا.

پر اسلام آباد پهچڻ تي رياست کين شهر اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو. مختلف رڪاوٽون بيهاريون ويون، جنهن سبب کين شهر کان ٻاهر ڪئمپون لڳائي رهڻو پيو.

ميڊيا رپورٽن ۽ انساني حقن جي تنظيمن موجب حڪومت سندن مطالبن تي ڪا سنجيده ڳالهه ٻولهه نه ڪئي. سندن سڀ کان اهم مطالبو اهو هو ته بلوچستان جي لاپتا ماڻهن کي بازياب ڪيو وڃي، ۽ جيڪڏهن هو ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث آهن ته کين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

ماهرنگ ۽ سندس ساٿين جو چوڻ هو:

“اسان ڪو وڏو مطالبو نٿا ڪريون. اسان صرف بنيادي انساني حق گهرون ٿا. اسان پنهنجن ڀائرن ۽ پيئرن جو قانوني تحفظ چاهيون ٿا، جيڪي پنهنجن خاندانن جا واحد ڪمائيندڙ هئا، ۽ جن جي گمشدگي سبب سڄا خاندان تباهه ٿي ويا.”

پر سندن ڳالهه ٻڌڻ بدران مظاهرين تي سخت سردي ۾ واٽر ڪينن هلايا ويا، لاٺي چارج ڪيو ويو ۽ احتجاج ختم ڪرائڻ لاءِ سندن ڪئمپون ڊاهي پٽ ڪيون ويون. لڳ ڀڳ 34 ڏينهن تائين احتجاج جاري رهيو. آخرڪار حڪومت احتجاج ختم ڪرائي عورتن کي زبردستي بسن ۾ ويهاري واپس بلوچستان موڪلي ڇڏيو.

انهيءَ جدوجهد دوران بلوچ يڪجهتي ڪميٽي (BYC) به هن تحريڪ جو حصو بڻجي، ۽ پوءِ ماهرنگ ۽ سندس ساٿي به ان سان لاڳاپيل ٿي ويا.

بلوچستان موٽڻ کان پوءِ به سندن جدوجهد جاري رهي. هڪ ننڍڙي قافلي مان شروع ٿيل هي تحريڪ آهستي آهستي وڏي عوامي تحريڪ ۾ تبديل ٿي وئي، جنهن جي جلسن ۾ هزارين ماڻهو شرڪت ڪرڻ لڳا، ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ماهرنگ جي قيادت هيٺ حقن جي جدوجهد جي هڪ اهم علامت بڻجي اڀري.

20 مارچ 2025ع تي ڪوئيٽا ۾ هڪ احتجاجي جلوس دوران ماهرنگ بلوچ، بيبو بلوچ ۽ ٻين ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو. مٿن دهشتگردي، قتل، بغاوت، فساد ڦهلائڻ ۽ ٻين فوجداري الزامن هيٺ ڪيس داخل ڪيا ويا.

جُون 2026ع ۾ ڪوئيٽا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت (ATC) ماهرنگ بلوچ ۽ سندس هڪ ساٿي سبغت الله کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي. عدالت موجب، هي سزا 2024ع ۾ گوادر جي هڪ احتجاج دوران هڪ رينجرز اهلڪار جي قتل، ماڻهن کي اڪسائڻ ۽ دهشتگردي سان لاڳاپيل الزامن جي بنياد تي ڏني وئي.

ماهرنگ بلوچ کي عالمي سطح تي انساني حقن ۽ امن لاءِ جدوجهد جي اعتراف ۾ ٻه ڀيرا بين الاقوامي اعزازن لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.

ٻ دفعا نوبل پرائز جي نامزده ماهرنگ بلوچ کي  عمر قيد سزا ملڻ تي  دنيا جي ڪيترين ئي انساني حقن جي تنظيمن، جن ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ پاڪستان جون انساني حقن جون تنظيمون شامل آهن، هن عدالتي فيصلي تي اعتراض ظاهر ڪيا آهن.

هاڻي سوال وري ساڳيو ئي آهي:

جيڪڏهن پنهنجي حقن، پنهنجي ماڻهن، پنهنجي ڌرتي ۽ انصاف لاءِ پرامن جدوجهد ڪندڙ 33 ورهين جي هڪ باشعور عورت دهشتگرد آهي، ته پوءِ شايد هوءَ واقعي “دهشتگرد” آهي.

۽ پوءِ سمي دين بلوچ، صبيحا بلوچ، بيبو بلوچ ۽ انهن جهڙيون سڀئي عورتون، جيڪي پنهنجي ماڻهن، پنهنجي وسيلن، پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي حقن لاءِ بي خوف ٿي بيهن ٿيون ۽ ڪنهن به سوديبازي کان انڪار ڪن ٿيون، سي سڀ  به رياست جي نظر ۾ “مجرم” ۽ “دهشتگرد” آهن ته  برابر هو دهشتگرد آهن

__________________

Anita Panjani-TheAsiaN

انيتا پنجاڻي سنڌو واس فائونڊيشن جي چيئرپرسن، ۽ وومن ايڪشن فورم ڪراچي چييپٽر جي ميمبر آهي. ھُوءَ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪراچي خواتين شاخ جي جنرل سيڪريٽري رهي چڪي آهي.  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button