مالي شعور جي جاڳرتا: ٻارن جي مستقبل جي ڪاميابيءَ جو بنياد
مالي شعور جو مطلب صرف پئسا رکڻ يا خرچ ڪرڻ ناهي، پر ان ڳالهه کي سمجهڻ آهي ته پئسو ڪيئن ڪم ڪري ٿو. ان ۾ پئسي جي اهميت، آمدني ۽ خرچن جو حساب، بچت، بجيٽ ٺاهڻ، جائز طريقي سان ڪمائي حاصل ڪرڻ، فضول خرچي کان بچڻ ۽ ڪاروبار يا سيڙپ جي بنيادي ڄاڻ شامل آهي. هيءَ زندگيءَ جي اھڙي مهارت آهي، جيڪا ٻارن کي مستقبل ۾ خوداعتماد، ذميوار ۽ معاشي طور مضبوط بڻائي سگهي ٿي.

مالي تعليم کي اسڪولن جي نصاب جو حصو بڻائڻ گهرجي. ٻارن کي صرف ڪتابي ڄاڻ نه، پر زندگيءَ جون عملي مهارتون به سيکارڻ گهرجن. سادين سرگرمين، راندين، ڪهاڻين ۽ عملي مثالن ذريعي ٻارن کي بچت، بجيٽ ۽ ڪاروباري سوچ بابت تربيت ڏئي سگهجي ٿي.
نثار ٻانڀڻ
اڄ جي جديد دور ۾ تعليم جو مفهوم صرف ڪتابن، امتحانن ۽ درسي مضمونن تائين محدود ناهي رهيو، پر زندگيءَ جي انهن مهارتن کي به سکڻ ضروري آهي، جيڪي انسان کي عملي زندگيءَ ۾ ڪامياب بڻائين ٿيون. انهن اهم مهارتن مان هڪ مالي سمجهه (Financial Literacy) آهي، جيڪا ٻارن کي پئسي جي قدر، بچت، خرچ، ذميواري ۽ مستقبل جي منصوبابندي بابت شعور ڏئي ٿي.
اسان جي اسڪولن ۾ ٻارن کي رياضي، سائنس، ٻوليون ۽ ٻيا مضمون ته سيکاريا وڃن ٿا، پر پئسي کي سمجهڻ، آمدني ۽ خرچن جو توازن رکڻ، بچت ڪرڻ ۽ سيڙپڪاريءَ جي بنيادي ڳالهين بابت تعليم اڃا به گهٽ نظر اچي ٿي. ان جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته ڪيترائي ماڻهو وڏي عمر ۾ به مالي فيصلا ڪرڻ، قرضن کان بچڻ ۽ خرچن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏين ٿا.
مالي شعور جو مطلب صرف پئسا رکڻ يا خرچ ڪرڻ ناهي، پر ان ڳالهه کي سمجهڻ آهي ته پئسو ڪيئن ڪم ڪري ٿو. ان ۾ پئسي جي اهميت، آمدني ۽ خرچن جو حساب، بچت، بجيٽ ٺاهڻ، جائز طريقي سان ڪمائي حاصل ڪرڻ، فضول خرچي کان بچڻ ۽ ڪاروبار يا سيڙپ جي بنيادي ڄاڻ شامل آهي. هيءَ زندگيءَ جي اھڙي مهارت آهي، جيڪا ٻارن کي مستقبل ۾ خوداعتماد، ذميوار ۽ معاشي طور مضبوط بڻائي سگهي ٿي.
ٻار جڏهن ننڍپڻ کان اهو سمجهڻ شروع ڪن ٿا ته پئسو محنت، وقت ۽ صلاحيت جي بدلي ۾ حاصل ٿيندو آهي ته منجھن شين جو قدر پيدا ٿئي ٿو. هُو غير ضروري خرچن کان بچڻ ۽ ضرورتن کي ترجيح ڏيڻ سکندا آهن، مالي شعور رکندڙ ٻار وڏا ٿي قرضن، غير ضروري خريداري ۽ مالي دٻاءَ کي بهتر نموني منهن ڏئي سگهن ٿا. ان سان گڏ انهن ۾ خودمختياري ۽ فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي ٿي.اسان جي ملڪ جهڙي معاشري ۾، جتي روزگار جا مسئلا موجود آهن، مالي تعليم ٻارن ۾ ڪاروباري سوچ پيدا ڪري سگهي ٿي. هو صرف نوڪريءَ کي مستقبل جو واحد رستو نه سمجهندا، پر پنهنجي هنر، صلاحيت ۽ خيالن ذريعي نوان موقعا ڳولڻ سکندا.
مان سمجهان ٿو ته گهر ئي پهريون مالي اسڪول آهي، ٻار ڪتابن کان وڌيڪ پنهنجي والدين جي عملن مان سکندا آهن، جيڪڏهن گهر ۾ بچت، منصوبابندي ۽ ذميواراڻي خرچ جو ماحول هوندو ته ٻار به اهي عادتون اختيار ڪندا. والدين ٻارن کي مناسب کيسي خرچ ڏئي سگهن ٿا ۽ کين سيکاري سگهن ٿا ته پئسن جو هڪ حصو خرچ لاءِ، هڪ حصو بچت لاءِ ۽ هڪ حصو ٻين جي مدد لاءِ رکيو وڃي. گهر ۾ ننڍڙو “Saving Box” رکڻ به ٻارن ۾ بچت جي عادت پيدا ڪري سگهي ٿو، جنھن کي سنڌيءَ ۾ ڀانڊاري چئون ٿا . مالي ڪاميابيءَ جو هڪ اهم راز اهو آهي ته انسان ضرورت ۽ خواهش ۾ فرق سمجهي. ٻارن کي ننڍپڻ کان ٻڌائڻ گهرجي ته ضرورتون اهي آهن جيڪي زندگيءَ لاءِ ضروري آهن، جڏهن ته خواهشون اهي آهن جيڪي صرف دل جي خواهش هونديون آهن. اهو ننڍڙو فرق مستقبل ۾ وڏن مالي فيصلن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
محنت ۽ ڪمائيءَ جو تعلق پڻ سمجهڻ جي ضرورت آهي، ٻارن کي اهو سمجهائڻ ضروري آهي ته پئسو صرف نوٽ يا سڪو ناهي، پر ڪنهن انسان جي وقت، علم، هنر ۽ توانائيءَ جو نتيجو آهي. جڏهن ٻار اهو محسوس ڪندا ته ڪمائيءَ جي پٺيان محنت شامل آهي ته انهن ۾ محنت جو احترام ۽ ذميواري جو احساس پيدا ٿيندو. اڄ جي دور ۾ مالي شعور سان گڏ ڊجيٽل شعور به ضروري آهي. ٻارن کي آن لائن فراڊ، ڊجيٽل والٽ، ڪارڊ جي استعمال ۽ آن لائن خريداريءَ جي احتياط بابت به بنيادي ڄاڻ ڏيڻ گهرجي، جيئن هو مستقبل ۾ محفوظ مالي فيصلا ڪري سگهن.
ان سموري سهائتا ۽ ڪردارسازي ۾ اسڪولن جو ڪردار انتهائي اهم آهي، مالي تعليم کي اسڪولن جي نصاب جو حصو بڻائڻ گهرجي. ٻارن کي صرف ڪتابي ڄاڻ نه، پر زندگيءَ جون عملي مهارتون به سيکارڻ گهرجن. سادين سرگرمين، راندين، ڪهاڻين ۽ عملي مثالن ذريعي ٻارن کي بچت، بجيٽ ۽ ڪاروباري سوچ بابت تربيت ڏئي سگهجي ٿي.
منهنجي خيال ۾ اها مستقبل جي نسل لاءِ هڪ اهم سيڙپڪاري آهي، مالي شعور ڪنهن خاص طبقي جي ضرورت ناهي، پر هر ٻار جو حق آهي. جيڪڏهن والدين ۽ استاد گڏجي ٻارن کي مالي سمجهه ڏين ته اسان جي ايندڙ نسل وڌيڪ ذميوار، خودمختيار ۽ معاشي طور مضبوط بڻجي سگهي ٿي. هڪ باشعور ٻار صرف پنهنجي زندگي بهتر نٿو بڻائي، پر خاندان، سماج ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ به مثبت ڪردار ادا ڪري ٿو، اسان کي ٻارن کي صرف اهو نه سيکارڻ گهرجي ته پئسو ڪيئن ڪمايو وڃي، پر اهو به سيکارڻ گهرجي ته پئسي کي سمجهه، ذميواري ۽ بهتر مقصدن لاءِ ڪيئن استعمال ڪجي.
_________________

نثار ٻانڀڻ انگريزي، سنڌي ۽ اُردو ۾ ڪالم، ڪھاڻيون ۽ شاعري لکي ٿو. سندس ليک سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ شائع ٿيندا رھندا آھن



