Editor's pickMain Slideتعليم

پگهارن کان محروم استاد ۽ ٿاڻي ۾ تبديل ٿيل ڪيمپس: وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جو الميو

ٻن مهينن کان استادن کي پگهارون نه پيون ملن , چوويھ مهينن کان هائوسنگ الائونس ۽ چئن مهينن کان پينشن بند اٿن. احتجاج ڪندڙ استادن کي برطرف ڪيو وڃي ٿو. گھٽ داخلائن سبب ڪيترائي ڊپارٽمينٽ بند ٿي ويا. ھاڻي يونيورسٽيءَ اندر ٿاڻو بہ قائم ٿي ويو. سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جو حال ھڪجھڙو آھي.

انيتا پنجاڻي

ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان ميڊيڪل ائسوسيئيشن   جي هال  ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ( FUUAST ) جي استادن جي طرفان ھڪ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي . اردو وفاقي يونيورسٽي جا ٽي ڪيمپس آهن . مين برانچ اسلام آباد ۾ آهي ۽ ٻه ڪيمپس ڪراچيءَ ۾ آهن .هڪ  گلشن ڪيمپس ۽ ٻي عبدالحق اردو وفاقي يونيورسٽي ايم . اي . جناح رود تي آهي . هن يونيورسٽيءَ جو قيام 2002 ۾ ٿيو جنھن جو وائس چانسلر اسلام آباد ۾ رهندو آهي ۽  مهيني ۾ هڪ ٻن ڏينهن جي لاء ڪراچي جي ڪيمپس جو دورو ڪندو آهي .

ٻن سالن کان اردو يونيورسٽي جي استادن کان اتان جي وائس چانسلر ۽ ان سان ٻڌل  ڪجھ سينڊيڪيٽ جي پروفيسرن جون شڪايتون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون . پر ان ڏينھن جي ڪانفرنس ۾  يونيورسٽي جي استادن ۽  سينئر پروفيسرن کان جيڪي ڪجھ ٻڌڻ ۾ آيو، اهو ڏاڍو حيران ڪندڙ ۽ افسوسناڪ هيو . ڪانفرنس ۾ ٻنهي ڪيمپس جا استاد ۽ پروفيسر شامل هيا. ٻن مهينن کان استادن کي پگهارون نه پيون ملن , چوويھ مهينن کان هائوسنگ الائونس ۽ چئن مهينن کان پينشن ڪونہ پئي ملين . رٽائرمينٽ تي پينشن به ملڻ بند ٿي وئي اٿن .

استادن جو چوڻ هيو ته ھُو پنهنجي ٻارن جي اسڪول جي في نه ٿا ڀري سگهن تنهن ڪري ٻار امتحان ۾ نٿا ويهي سگهن ۽ سندن تعليم جو وڏو نقصان ٿي رهيو آهي . سندن چوڻ آهي ته ڪيترين درخواستن ، شڪايتن ۽ شاگردن ۽ استادن جي گڏيل احتجاج باوجود  وائس چانسلر ظابط خان شنوائي ڪائي ڳالھ ٻڌڻ لاء تيار ڪونهي بلڪه الٽو انتقامي ڪاروايون ڪري رهيو آهي . استادن کان زبردستيءَ رٽائرمينٽ وٺڻ ۽ جبري برطرف  ڪرڻ، خواتين  استادن  سان خاص فرقيواراڻي بڻياد تي استحصال ،  هراسان  ۽ انتقامي ڪاروايون ڪري  رهيو آهي. ڪافي شعبا گھٽ داخلائون ٿيڻ جو سبب ڄاڻائي بند ٿي رهيا آهن جنهن ۾ سنڌي، اردو   اسلاميات ۽ ٻيا ڊپارٽمينٽ به شامل آهن.  

سڀ کان وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالھ اها آهي ته يونيورسٽيءَ جي حدن جي اندر  ٻن ڪاروباري  يوناني دوا ساز ڪمپنين کي اتي ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت مليل آهي . اصغر دستي جيڪو اتان جو سينئر پروفيسر آهي، ان ھڪ خانگي ٽي وي چئنل تي  وائس چانسلر جي موجودگي ۾ هڪ انڪشاف ڪيو ته گلشن ڪيمپس ۾ عزيز ڀٽي ٿاڻي کي يونيورسٽي جي حدن اندر  منتقل ڪرڻ جي اجازت ملي آهي ۽  وائس چانسلرجو چوڻ هيو ته  جيئن ته  ٿاڻي جي ڀرسان روڊ تي پاڻي اچي ويو آهي ، تنهن ڪري عارضي طور    ان کي يونيورسٽي ۾ جڳھ ڏني وئي آهي . عجيب منطق آهي . هڪ اعلي تعليمي اداري جي اندر نوجوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا پڙهڻ لاء  داخل ثين ٿا ۽ انھي اداري جي اندر  ڏوھاري ماڻھو ۽ انھن کان پڇا ڪندڙ آفيسر به داخل ٿيندا.

جيڪڏهن ڪنهن يونيورسٽيءَ  ۾ استادن ۽ شاگردن کي مختلف طريقن سان هراسان ڪيو ويندو هجي ته  سمجهي سگهجي ٿو ته  اتان جي تعليم ۽ تربيت جو ڪهڙو حال هوندو . اتان جي شاگردن جي پڙهائي ڪيترو متاثر ٿيندي هوندي ، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي.

  جيڪڏهن هڪ استاد مالي ۽ ذهني پريشانين ۾ مبتلا رهندو ته ڇا هو پنھنجي ڊيوٽي صحيح طريقي سان انجام ڌئي سگهي ٿو ؟ ۽ ڇا ان جو اڻسڌو اثر شاگردن  جي تعليم تي  نه  پوندو ، جيڪي اسان جي ملڪ جو آئيندو آهن . پر هتان جي اڳواڻن  ، والي وارثن کي نه ملڪ جي اڄ جو فڪر آهي ۽ نه ئي آئيندي جو .

هيءَ حقيقت  صرف هڪ يونيورسٽي جي ناهي پر ذري گھٽ هر گورنمينٽ يونيورسٽي جي ڪهاڻي ٿوري گھڻي ڦير ڦار سان ساڳي آهي . ڪجھ ڏينهن اڳ ٻڌڻ ۾ آيو ته  يونيورسٽين ۾ فائرنگ جا واقعا وڌندا پيا وڃن،  انهن مان هڪ واقعو زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ ٿيو . سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ته ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هوائي فائرنگ جا  واقعا روز جو معمول آهي . ڪجھ شاگردن احتجاجي مظاهرا به ڪيا ۽ مطالبو ڪيو ته انويسٽيگيشن ڪرائي وڃي ته اهي آخر  ڪير آهن جيڪي يونيورسٽي ۽ ان جي هاسٽل ۾ هٿيار کڻي به اچڻ ٿا ۽ ان جو استعمال به ڪن ٿا . انهن کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ انهن کي گرفتار ڪيو وڃي.

ڪجهه ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ٻاهران ڪجه نوجوان جيڪي يونيورسٽي جا شاگرد ناهن اهي هاسٽل ۾ هٿيارن سان رهن ٿا ۽ اهو اطلاع يونيورسٽي جي شاگردن ، انتظاميا تائين به پهچايو آهي پر هنن ڪن لاٽار ڪئي ۽ پنهنجي مجبوري به ظاهر ڪئي آهي.

 سوال اهو آهي ته انتظاميا تي  اهڙو ڪهڙو پريشر آهي ۽ ڪهڙي مجبوري آهي جو هوءَ انهن تي ايڪشن  نه ٿي کڻي !

ڪجه شاگردن جو چوڻ آهي ته اهو سڀ ڪجهه شاگردن جي  حقن جي حاصلات لاءِ اٿندڙ آوازن ۽ احتجاج ڪندڙ شاگردن کي خاموش ڪرڻ لاء هڪ ڌمڪي آهي .

 سوال اهو به آهي ته آخرڪار شاگرد يونين ڇو نه ٿيون بحال ٿين ۽ آخرڪار ڪڏهن بحال ٿينديون؟

شاگرد يونين جي ذريعي شاگردن ۾ شعور ايندو آهي ، گڏجي ڪم ڪرڻ جو ، مفامھت سان هلڻ جو ، پنهنجي حقن سان گڏوگڏ ٻين جي حقن کي به سڃاڻڻ جو به.

سموري دنيا جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ شاگرد يونينون آهن ۽ اتان جي نوجوانن ۾ ،  نئين سوچ  ، نوان نظريا ، نوان اتحاد ۽ نئين ليڊر شپ اڀري ٿي جيڪي پنهنجي حقن ۽ فرضن کي سڃاڻن ٿا ۽ نئين تبديلي آڻڻ لاء ڪوشش ڪن ٿا. ويجهڙائپ ۾ پهرين بنگلاديش ۾ پوءِ برما ۾ ۽ هاڻي جو نئون ۽  تازو مثال آهي ڪاڪروچ جنتا پارٽي جو وجود ۾ اچڻ  ، جنھن نه صرف هندوستان جي ڪروڙين نوجوانن کي پاڻ ڏي مائل ڪيو آهي پر پوري دنيا کي به ان تي ڳالهائڻ لاء مجبور ڪيو آهي ۽ جنهن ھندوستان جي انصاف جي وڏي ۾ وڏي اداري ۽ اعلي قيادت کي چيلينج ڪيو آهي .

سياست جي  اصل معني آهي خدمت  . عوام جي  خدمت ڪرڻ ، انسانيت جي خدمت ڪرڻ. ۽ تعليم جو مفهوم آهي شعور حاصل ڪرڻ . پر اسان جي قابض ۽ چالاڪ اڳواڻن  تعليم  ۽  سياست جي اصل روح جو قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جي اصل مقصد کان هٽي ڪري  ان کي ذاتي ۽ مالي  مقصدن لاء استعمال ڪن ٿا.

جڏهن يونيورسٽي ليول جي تعليمي ادارن ۾ به تعليم ۽ سياست جو صحيح مفهوم ۽ مقصد جي راہ نه ڏيکاري ويندي ته  تعليم ۽ سياست ، ٻئي ويڪائو مال بڻجي وڃن ٿا .

___________________

Anita Panjani-TheAsiaN

انيتا پنجاڻي سنڌو واس فائونڊيشن جي چيئرپرسن، ۽ وومن ايڪشن فورم ڪراچي چييپٽر جي ميمبر آهي. ھُوءَ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪراچي خواتين شاخ جي جنرل سيڪريٽري رهي چڪي آهي.  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button