Editor's pickMain Slideماحول

ماحول دوست اڏاوت: زرعي باقيات مان ٿڌيون ۽ پائيدار ڇتيون تعمير ڪريو

ترقيءَ جو نئون رستو اختيار ڪري ڪچري مان ڪارآمد تعميراتي مواد تيار ڪري اھڙيون ڇتيون اَڏيو جن سان غريب طبقي جي لوھي ٽين وارين گرم ڇتين مان جان ڇُٽي پوي

محمد عظيم حيات، لنڊن

ڪنھن شخص جڏهن پهريون ڀيرو اهو خيال پيش ڪيو ته گهرن جون ڇتيون پاٺي (ڪارڊ بورڊ) ۽ زرعي باقيات مان ٺاهي سگهجن ٿيون، ته شايد ڪيترن ئي ماڻهن ان کي هڪ ڀوڳ سمجهيو هوندو. پر هندستان جي شهر احمد آباد جي هڪ انجنيئر ان ئي خيال کي حقيقت ۾ تبديل ڪري ڏيکاريو، ۽ اڄ سندس تيار ڪيل اهي ڇتيون هزارين گهرن تائين پهچي چڪيون آهن.

مسئلو اهو هو ته گهٽ آمدنيءَ وارن علائقن ۾ لڳندڙ ٽين يا لوهي چادرن جون ڇتيون اونهاري ۾ گهرن کي تندور بڻائي ڇڏينديون آهن. برسات ۾ انهن جو گوڙ شور الڳ، ۽ وقت سان گڏ زنگ يعني ڪَٽُ لڳي وڃڻ، پاڻي سِمڻ ۽ مرمت جا خرچ الڳ عذاب هوندا آهن.

ان ئي مسئلي جو حل ڳوليندي “ModRoof” نالي هڪ نئون نظام تيار ڪيو ويو. ان ۾ استعمال ٿيل پاٺي، ناريل جي ريشن ۽ ٻئي زرعي فضلي کي هڪ خاص طريقي سان پروسيس، ڪمپريس ۽ واٽر پروف بڻائي مضبوط پينلن جي شڪل ڏني ويندي آهي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهي عام پاٺي جون چادرون ناهن هونديون. انھيءَ سموري مواد کي ڪيترن ئي مرحلن مان گذارڻ کان پوءِ هڪ اهڙو مضبوط پينل ٺاهيو ويندو آهي جيڪو گرمي گهٽائڻ، برسات کي روڪڻ ۽ وڏي عرصي تائين ڪتب اچڻ جي لائق هوندو آهي.

رپورٽن مطابق، انهن ڇتين جي ڪري گهرن جي اندر گرمي پد روايتي ٽين يا سيمينٽ جي چادرن وارين ڇتين جي مقابلي ۾ نمايان طور تي گهٽ رهندو آهي. ڪجهه تحقيقي اڀياسن مان معلوم ٿيو آهي ته ان سان گهر جو اندروني ماحول ڪيتريون ئي ڊگريون ٿڌو رهي ٿو.

هڪ ٻيو فائدو اهو آهي ته جيڪڏهن ڇت جو ڪو حصو خراب ٿي وڃي ته سڄي ڇت تبديل ڪرڻي ناهي پوندي. صرف اهو مخصوص پينل تبديل ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان خرچ به گهٽ ٿئي ٿو ۽ مرمت به آسان ٿي وڃي ٿي.

اڄ جڏهن سڄي دنيا پلاسٽڪ، پاٺي ۽ زرعي فضلي کي ضائع ڪرڻ جي مسئلي ۾ ڦاٿل آهي، اتي هڪ شخص انهن ئي ظاهر ۾ بيڪار شين کي هزارين گهرن لاءِ ڪارآمد تعميراتي مواد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.

انساني تاريخ اهڙن بيشمار واقعن سان ڀريل آهي جتي ڪنهن هڪ شخص اهڙي سوچ پيش ڪئي جنهن کي شروعات ۾ ناممڪن، غير عملي يا رڳو هڪ خيال سمجهيو ويو. پر وقت گذرڻ سان گڏ اهو ئي خيال لکين ماڻهن لاءِ فائدي وارو ثابت ٿيو. اڪثر ماڻهو چوندا آهن ته ايئن نٿو ٿي سگهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪو هڪ شخص اڳتي وڌي ڪري ڏيکاريندو آهي، ۽ پوءِ اهو ئي ڪم انسانيت لاءِ هڪ نئون رستو کولي ڇڏيندو آهي.

شايد ترقيءَ جو سفر به اهو ئي آهي ته هر نئين ۽ سٺي سوچ کي صرف ان ڪري رد نه ڪيو وڃي ته اها اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ٿي.

___________________  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button