Editor's pickMain Slideڪالم

موروثيت ۽ مڻيا: سنڌ ۾ ٻن گادين تي ھلندڙ جھيڙو

اڄ سنڌ ۾ ٻن گادين تي جھيڙو عروج تي آهي. ھڪ آھي مذھبي گادي ۽ ٻي آھي سياسي گادي.  موروثيت بادشاھي ۽ جاگيرداري قدر آھي جڏھن تہ مڻيا ۽ ميرٽ ھنري قدر آھي. ڪوبہ ھنر ۽ ان سان لاڳاپيل ڪار وھنوار اھليت، صلاحيت ۽ محنت بنا ترقي نٿو ڪري سگهي.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

جڳديش آهوجا

مڻيا بنا موروثيت موذي مرض ۽ پنھنجي تباھي جو سامان آھي.

جڏھن اوھان مڻيا، ميرٽ، اھليت ڏسڻ پرکڻ بنا خالي موروثيت جي بنياد تي فيصلا ڪيو ٿا تہ ماضي ۽ حال جي تاريخ ۾  اوھان کي ھزارين مثال تباهي جا ملندا. مڻيا بنا موروثيت اجتماعي خودڪشي کانسواءِ ڪجھ بہ ڪونھي. پوءِ ان جو تعلق مذھبي گادي سان ھجي، سياسي پارٽي سان ھجي يا حق حڪمراني سان ھجي.

موروثيت بادشاھي ۽ جاگيرداري قدر آھي جڏھن تہ مڻيا ۽ ميرٽ ھنري قدر آھي. ڪوبہ ھنر ۽ ان سان لاڳاپيل ڪار وھنوار اھليت، صلاحيت ۽ محنت بنا ترقي نٿو ڪري سگهي.

اڄ سنڌ ۾ ٻن گادين تي جھيڙو عروج تي آهي. ھڪ آھي مذھبي گادي ۽ ٻي آھي سياسي گادي. 

جيئي سنڌ قومي محاذ (بشير) جي چيئرمين کانپوءِ فيصلو ٿيو سندس پٽ کي چيئرمين بڻائڻ جو. ان جي پويان محرڪ جذبا ھيا: وڏي  جو احترام ۽ سندس اولاد لاءِ ھمدردي. ھمدردي ۽ مقبوليت جي جذباتي وھڪري ۾ اھو ڏسڻ پرکڻ ضروري نہ سمجھيو ويو تہ جنھن جي سر تي اھو بار ذميواري رکجي ٿو سو ان کي نڀائڻ جي ڪيتري صلاحيت رکي ٿو. نتيجا اوھان جي اکين آڏو آھن. ھي ڪو ماضي جو داستان ناھي، نہ ئي ڪنھن ھڪ سياسي پارٽي جو نقصان ٿيو آھي، ھي اڄ جي سنڌ جي قومي تحريڪ جو سڀ کان وڏو الميو آهي، جيڪو پيداوار آھي مڻيا بنا موروثيت کي اوليت ڏيڻ جو.

اڄ رھڙڪي جي درٻار بہ اھڙي ئي نازڪ موڙ تي بيٺل آھي.

سنڌ ھند جون مڙھيون، مندر ۽ ٽڪاڻا سناتن ڌرم جا سماجي، ثقافتي، مذھبي ۽ اثر رسوخ وڌي وڃڻ کانپوءِ سڌي اڻسڌي ريت سياسي اثر رسوخ جا ادارا رھيا آھن. ۽ جڏھن رياست پنهنجي سياست لاءِ مذھب ۽ مذھبي ادارن کي استعمال ڪرڻ شروع ڪندي آهي تہ عوام دوست ۽ انسان دوست  سڄاڻ فردن ۽ قوتن تي فرض ٿي پوندو آھي عوام کي ان طلسمي ڄار جي آگاھي ڏيڻ.

جڏھن ڪنھن مذھبي عبادت گھر جي ذميواري ڪنھن کي سونپڻ جو سوال ھجي تہ پوءِ ان جو معيار ڇا ھوندو آھي؟

اچو تہ تاريخي روايتن جي ڪجھ ڇنڊڇاڻ ڪيون.

قديم زماني ۾ جڏھن ڪو نيڪ انسان انفرادي توڻي اجتماعي سک دک جا ڪارڻ ۽ ان جو دارون درمل ڳولڻ چاھيندو ھو تہ  پھرين پنھنجي آسپاس موجود سياڻن سيبتن ۽ ڏاھن ماڻھن کان انھن سوالن جا جواب پڇندو ھو ۽ سندس لاءِ تسلي بخش جواب نہ ملڻ جي صورت ۾  پاڻ سفر جو سانباهو ڪري علم ۽ ڄاڻ جي جستجو ۾ گھر ٻار ۽ دنيا داري جا سڀ سک تياڳي نڪري پوندو ھو، گيان، ڌيان، تلاش ۽ جستجو جي  سفر ۾. اوھان مھاوير ۽ گوتم ٻڌ کان گرو نانڪ ۽ شاھ لطيف تائين سڀني جي حياتيءَ تي نظر وجھو اوھان کي خبر پئجي ويندي تہ سچي سنت ساڌ  ۽ انسان دوست منش جي مڻيا ڇا ٿيندي آهي. سچا سنت تہ سچ جا متلاشي ھوندا آھن ۽ انسانذات تہ ڇا ساري خلق خدا جو ڀلو چاھيندڙ ھوندا آھن.

جڏھن مادي سُکن جي طلب وڌي وڃي ٿي تہ  سچن سنتن، درويشن جو جھان ويران ٿي وڃي ٿو ۽ مذھبي عبادت گھر بہ طاقت، اختپار، ملڪيت ۽ پيري مريديءَ جا مرڪز بڻجي وڃن ٿا جيڪي ظلم ۽ استحصال تي بيٺل رياست جا ڪارائتا ٿنب ثابت ٿين ٿا.

اوائلي تاريخ ۾ اسان کي ملن ٿيون رشين، منين، سنتن جون مڙھيون ۽ رشي پاراسر کان رشي نارد مني ۽ رامائڻ جي رچناڪار رشي  والميڪي تائين، ڀڳت ڪبير ۽ تلسيداس کان سامي جي مڙھي ۽ لطيف جي تڪين جا داستان. لاھوت لامڪان کان غار حرا تائين اوھان کي ملندو جستجو جو سفر.

اسين جيڪڏهن پنھنجي ويجھي تاريخ تي بہ نظر وجھون تہ صاف ڏسي سگھون ٿا تہ ڪيئن ماتا ترپتا ۽ مھتا ڪالو جو پٽ دنيا داري جي ڪار وھنوار ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي پتني سلکشني ۽ ٻن پٽن سريچند ۽ لکميچند کي ڇڏي پنھنجي دوست مرداڻي ۽ ڀيڻ نانڪي پاران ساڻ ڏنل شيواداري ٻالي سان گڏ اڻڄاتل سفر تي نڪري ٿو پوي ۽ جڏھن ڌيان، گيان ۽ جستجو جي سفر ۾ ست سال ڪاٽي ايڪتا ۽  انسان دوستي جي پيغام جي مڻيا ماڻي موٽي ٿو تہ ڪرتار پور ۾ پيار جي  پيغام جي پرچار لاءِ ھڪ مڙھي ھڪ سنگ جو بنياد رکي ٿو ۽ جڏھن سندس وڃڻ جو وقت ٿئي ٿو تہ ھو سوچي ٿو، ‘مون کانپوءِ اھا جوتي ڪير ٻاري رکڻ جي سگھ ۽ صلاحيت رکي ٿو؟’ چون ٿا تہ ھو ان ڪسوٽيءَ تي پنهنجي ٻنھي پٽن ۽ ساٿ سنگت جي پرک لھي ٿو ۽ ڏسي ٿو تہ سندس شيواداري ڀائي لھڻو ئي سندس ان معيار تي پورو لٿو آهي تہ ھو کيس ‘انگد’ يعني پنهنجي جسم ۽ روح حصو قرار ڏئي کيس پنهنجي جانشيني جي ذميواري سونپي ٿو. تڏھن اھا ڪا جاگير نٿي ھجي پر ھڪ ڳري ذميواري ھجي ٿي. گرو انگد ديو اھا ذميواري وڏي لگن ۽ محنت سان نڀائي ٿو ۽ جيئن جيئن اثر جو دائرو وڌڻ لڳي ٿو تہ ذميواري اثاثي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي ۽ اثاثو ملڪيت ۽ موروثيت ۾.

شيوا ۽ ملڪيت جنم ڏين ٿا ٻن متضاد ڌارائن کي: شيواداري ذميداري کي ۽ ملڪيت موروثيت  کي ھٿي ڏئي ٿي. احساس ذميداري مان جنم وٺي ٿي مڻيا ۽ موروثيت بڻجي وڃي ٿي موذي مرض جيڪو ڦڏي فساد کي جنم ڏئي ٿو.

قصو مختصر، اچون ٿا رھڙڪي درٻار جي جانشيني تي پيدا ٿيل ڦڏي فساد تي. جيستائين رھڙڪي درٻار ملڪيت ۽ اثاثي بدران عبادت ۽ ذميواري جو منبر ھئي تہ شيواداري کان علاوه ڪو ان جي گديء تي ويھڻ لاءِ تيار نہ ھيو ۽ جڏھن رياست جي نظر ڪرم ان تي پئي تہ سرڪاري آفيسر کي سنت بڻائي سادي سودي درٻار کي منظم طريقي سان ھندو مذھب پرستيءَ جو ڦهلاءُ ڪيو ويو، مقصد ھيو سنڌي سماج کي مذھبي ڌارائن ۾ تقسيم ڪرڻ. پوءِ اوھان ڏسندا تہ ڪيئن ايس ايس ڊي ڌام، شڪارپوري ڌام، برھما ڪماري جا ڌام وغيره ھر ھنڌ جڙڻ لڳا. اھا آھي ڪل حقيقت.

ھاڻ شال ڪو چڱو واءُ وري ۽ رھڙڪي درٻار کي سنت سترام داس ۽ ڀڳت ڪنور رام جھڙو ڪو نيڪ، انسان دوست ۽ سچو شيواداري سنت ملي جنھن وٽ اھنڪار نہ ھجي انڪار جي سگھ ھجي، ھٺ نہ ھجي نمرتا ھجي، ڪام ڪروڌ نہ ھجي ڌيرج ۽ من جي سچائي ھجي تہ جيڪر سنڌ بہ سائي ٿي، عالم بہ آباد ٿئي.

_________________

Jagdeesh Ahuja-TheAsiaN

جڳديش آهوجا ڪراچي، سنڌ ۾ رھي ٿو.  لاڙڪاڻو سندس جنم ڀومي آھي. ھُو سياست، تاريخ، بين الاقوامي تعلقات ۽ فلسفي جو شاگرد ھجڻ سان گڏ ڪالم نگار ۽ ڪجھ ڪتابن جو ليکڪ، سنڌو واس فائونڊيشن جو باني صدر ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو اڳواڻ آھي. ھُن برٽش ڪمپني Pinch Media پاران سنڌ ۽ سنڌي ڪميونٽي تي ٺاھيل دستاويزي فلم ‘اڃان بہ قائم’ Still Standing ۾ مک ڪردار ادا ڪيو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button