Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ڇا ڪو انسان سُٺو هجڻ جو ناٽڪ ڪندي ڪندي واقعي سٺو بڻجي سگهي ٿو؟

”دي گائيڊ“ هڪ شاندار ناول آهي. هيءُ رڳو هڪ انسان جي عروج ۽ زوال جي باري ۾ ناهي پر انهن عجيب نقابن جي باري ۾ آهي جيڪي انسان پائي ٿو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو نقاب ئي انسان جو اصل چهرور بڻجي وڃي ٿو.

ھڪ ٽوئرسٽ گائيڊ جي ڪھاڻي جيڪو شدت سان پنھنجي رھنمائيءَ جي شدت سان ڳولا ۾ آھي. ھُو پنھنجي مفاد خاطر ٺڳيون ڪري ٿو ۽ نتيجا ڀوڳيندي وري اھڙو ڪردار بڻجي وڃي ٿو جو ماڻھو کيس سنت ساڌُو سمجھن ٿا.     

آر. ڪي. نارائڻ جي جڳ مشهور ناول دي گائيڊ (The Guide) جو اڀياس

انگريزي ادب جو اڀياس

دي گائيڊ (The Guide) — آر. ڪي. نارائڻ

ڀارتي راجيہ سڀا جي اڳوڻي ميمبر ۽ ڪيترن ئي مشھور ناولن جي ليکڪ آر. ڪي. نارائڻ جو ناول ”دي گائيڊ“ انهن ناياب ناولن مان هڪ آهي جيڪو هڪ سادي ڪهاڻيءَ وانگر شروع ٿئي ٿو پر آهستي آهستي وڌيڪ اونھو، عجيب ۽ اڻوسرندڙ بڻجي وڃي ٿو. ظاھر ۾ هيءَ مالگوڊي (Malgudi) نالي هڪ خيالي ڏکڻ هندستاني شهر جي هڪ دلڪش ريلوي گائيڊ، راجُوءَ جي ڪهاڻي آهي. هُو ڄاڻي ٿو ته ڪيئن ڳالهائڻو آهي، سياحن کي ڪيئن خوش ڪجي، عام آثارِ قديمه کي ڪيئن پراسرار بڻائي پيش ڪجي، ۽ هر اجنبي شخص کي هڪ پَل ۾ ڪيئن تبديل ڪجي. پر جيئن ڪهاڻي اڳتي وڌي ٿي، تيئن معلوم ٿئي ٿو ته راجُو رڳو ٻين لاءِ گائيڊ (رهنما) ناهي، پر هو هڪ اهڙو انسان آهي جيڪو پاڻ شدت سان رهنمائيءَ جي ڳولا ۾ آهي.

راجُوءَ جي زندگي تڏهن بدلجي ٿي جڏهن سندس ملاقات مارڪو (Marco) ۽ روزي (Rosie) سان ٿئي ٿي. مارڪو هڪ سرد مزاج، علمي ۽ تحقيقي ذهن رکندڙ مڙس آهي، جنهن کي پنهنجي ڀرسان ويٺل زال کان وڌيڪ قديم غارن ۽ چٽساليءَ ۾ دلچسپي آهي. روزي، هن جي زال، هڪ دٻيل جذبي سان ڀرپور عورت آهي. هوءَ هڪ تربيت يافته رقاصا آهي، پر هن جو مڙس سندس فن کي هڪ بدنامي يا عيب وانگر سمجهي ٿو. روزيءَ ۾، راجُوءَ کي خوبصورتي، اڪيلائي، صلاحيت ۽ شايد پنهنجي وجود کي پاڻ کان وڌيڪ وڏو ڪرڻ جو هڪ موقعو نظر اچي ٿو. سندن تعلق همدرديءَ سان شروع ٿئي ٿو، خواهش ۾ تبديل ٿئي ٿو ۽ آخرڪار محبت، تمنا، هڪٻئي تي ڀاڙڻ ۽ ”صرف منھنجو“ ھجڻ جي احساس جي هڪ خطرناڪ آميزش بڻجي وڃي ٿو.

هتي ئي نارائڻ جي ذهانت خاموشيءَ سان چمڪي ٿي. هُو راجُوءَ کي ڪڏهن به هڪ سادو وِلين نٿو بڻائي، ۽ نه ئي کيس هيرو بڻائي ٿو. راجُو روزيءَ سان محبت ڪري ٿو، پر هُو کيس استعمال به ڪري ٿو. هُو سندس صلاحيتن جي حوصلا افزائي ڪري ٿو، پر سندس ڪاميابيءَ تي پنهنجو حق به جتائي ٿو (قبضو چاهي ٿو). هُو کيس ”نلني“ (Nalini) جي نالي سان هڪ مشهور رقاصا بڻجڻ ۾ مدد ڪري ٿو، پر جڏهن شهرت ۽ پئسو اچي ٿو، ته راجُو پاڻ کي وڃائي ويهي ٿو. اهو انسان جيڪو ڪنھن وقت سياحن کي آثارن جا رستا ڏيکاريندو هو، هاڻي هڪ ٻئي انسان جي زندگيءَ جي رهنمائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ اهو ئي سندس اخلاقي زوال جو سبب بڻجي ٿو.

روزي، نارائڻ جي سڀ کان دلچسپ ڪردارن مان هڪ آهي. هوءَ رڳو هڪ رومانوي ڪردار ناهي. هوءَ هڪ اهڙي فنڪار آهي جيڪا هڪ اهڙي دنيا ۾ ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن کيس سمجهڻ کان اڳ ئي مٿس فتوا جاري ڪري ڇڏي هئي. سندس رقص رڳو هڪ پرفارمنس ناهي، اها سندس سڃاڻپ ۽ آزاديءَ لاءِ، ۽ ان زندگي جي خلاف بغاوت آهي جنهن کيس خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. روزيءَ جي ذريعي، نارائڻ ڏيکاري ٿو ته ڪيئن فن هڪ انسان کي بچائي سگهي ٿو، پر اها شهرت پنهنجا مسئلا به گڏ کڻي اچي ٿي. هوءَ ترقي ته ڪري ٿي، پر اها ترقي سادي خوشي ناهي. اها بدنامي، محتاجي، جذباتي اُلجهن ۽ اڪيلائيءَ جي قيمت تي ملي ٿي.

”دي گائيڊ“جي خوبصورتي سندس خاموش طنز ۾ آهي. راجُو شين کي سمجهڻ جو ناٽڪ ڪري ڪامياب ٿئي ٿو. هو سياحن، پئسن، مزاجن ۽ موقعن کي سمجهي ٿو. هو ڄاڻي ٿو ته جڏهن کيس فائدو ٿئي ته خوبصورت انداز ۾ ڪيئن ڳالهائجي. پر هو سچ کي نٿو سمجهي. هو قبضي کان پاڪ محبت کي نٿو سمجهي. هو ڪنهن جي مدد ڪرڻ ۽ کيس پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي وچ ۾ فرق کي نٿو سمجهي. تنهنڪري، سندس زوال اڻٽر محسوس ٿئي ٿو.

پنهنجي ڏوهه ۽ قيد کان پوءِ، راجُو هڪ بدليل انسان جي روپ ۾ يا گهٽ ۾ گهٽ هڪ اهڙي انسان جي روپ ۾ دنيا ۾ واپس اچي ٿو جيڪو پنهنجي پراڻي زندگيءَ کان بلڪل خالي ٿي چڪو آهي. اتفاق سان، هڪ ڳوٺ ۾ کيس غلطيءَ سان هڪ پهتل بزرگ يا ساڌو  سمجهيو وڃي ٿو. شروعات ۾، اهو منظر عجيب آهي. راجو، جيڪو ماضيءَ جو سياحتي گائيڊ هو، بنا ڪنهن ارادي جي هڪ روحاني گائيڊ بڻجي وڃي ٿو. ماڻهو مٿس ڀروسو ڪرڻ لڳن ٿا، کانئس صلاحون وٺن ٿا، کيس کائڻ لاءِ کاڌو آڻي ڏين ٿا ۽ هن جي حڪمت تي يقين رکن ٿا. هڪ ڀيرو ٻيهر، راجو هڪ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پر هن ڀيري، اهو ڪردار خود مٿس اثر انداز ٿيڻ شروع ڪري ٿو.

هيءَ تبديلي ئي هن ناول جو اصل روح آهي. نارائڻ هڪ گهرو سوال پڇي ٿو: ڇا ڪو انسان سٺو هجڻ جو ناٽڪ ڪندي ڪندي واقعي سٺو بڻجي سگهي ٿو؟ راجو شروعات هڪ ڌوڪي باز طور ڪري ٿو، پر ڳوٺاڻن جو عقيدو ۽ ايمان کيس آهستي آهستي ذميواريءَ جي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏي ٿو. جڏهن ڏڪار اچي ٿو ۽ ڳوٺاڻن کي يقين آهي ته هن جي روزي رکڻ (فاسٽنگ) سان مينهن وسندو، ته راجُوءَ کي پنهنجي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي پرفارمنس ڏانهن ڌڪيو وڃي ٿو. پر ڇا اھا صرف هڪ پرفارمنس آهي؟ يا سندس اندر ۾ ڪا سچي شيءِ بيدار ٿي چڪي آهي؟

”دي گائيڊ“جي پڄاڻي ان ڪري اثرائتي آهي ڇو ته اها هر شيءِ جي واضح وضاحت ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿي. راجُو روزو رکي ٿو، ڪمزور ٿئي ٿو ۽ نديءَ ڏانهن وڌي ٿو، کيس محسوس ٿئي ٿو ته مينهن اچي رهيو آهي. پر نارائڻ اسان کي ڪو صاف چٽو معجزو نٿو ڏيکاري. هو اسان کي واضح طور تي نٿو ٻڌائي ته ڇا راجُو واقعي ولي بڻجي ويو، ڇا مينهن سچ پچ وسيو، يا ڳوٺاڻن جو عقيدو صحيح ثابت ٿيو. ان جي بدران، هو اسان کي وهم ۽ يقين، ڌوڪي ۽ قرباني، اداڪاري ۽ سچائيءَ جي وچ واري ان پراسرار خالي جڳهه ۾ ڇڏي ڏئي ٿو.

ان ڪري ئي ”دي گائيڊ“ هڪ اهڙو شاندار ناول آهي. هيءُ رڳو هڪ انسان جي عروج ۽ زوال جي باري ۾ ناهي. هيءُ انهن عجيب نقابن جي باري ۾ آهي جيڪي انسان پائي ٿو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو نقاب ئي انسان جو اصل چهرور بڻجي وڃي ٿو. هيءُ ان محبت جي باري ۾ آهي جيڪا مالڪيءَ (قبضي) واري بڻجي وڃي ٿي، ان فن جي باري ۾ آهي جيڪو آزادي بڻجي ٿو، ان ايمان جي باري ۾ آهي جيڪو غلط فهمي مان شروع ٿئي ٿو، ۽ ان نجات جي باري ۾ آهي جيڪا شايد تڪليفن ۽ ڏکن جي ذريعي ملي ٿي.

نارائڻ جو انداز بظاهر سادو آهي. سندس ٻولي صاف، دلڪش ۽ لڳ ڀڳ بنا ڪنهن ڪوشش جي رواني واري آهي، پر ان سادگيءَ جي پويان گهري انساني بصيرت لڪيل آهي. هو پنهنجي فلسفي کي رڙيون ڪري بيان نٿو ڪري. هو عام ماڻهن، عام ڳالهين ۽ عام غلطين کي زندگيءَ جي المناڪ ڪاميڊي (Tragic comedy) کي ظاهر ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿو. مالگوڊي شهر ڀلي ننڍو محسوس ٿئي، پر ان جي اندر اٿندڙ سوال تمام وڏا آهن.

”دي گائيڊ“اڻوسرندڙ آهي ڇو ته راجو اڻوسرندڙ آهي. اسان کيس ناپسند ڪريون ٿا، مٿس رحم کائون ٿا، مٿس کلون ٿا، مٿس بي اعتمادي ڪريون ٿا، ۽ آخرڪار حيران ٿي وڃون ٿا ته ڇا هو ان کان به وڌيڪ عظيم بڻجي ويو جنهن جو کيس پاڻ به اندازو نه هو. هو ڪمزور، مغرور، چالاڪ، پيار ڪندڙ، خود غرض ۽ عجيب نموني قرباني ڏيڻ جي صلاحيت رکندڙ آهي. ٻين لفظن ۾، هو مڪمل طور تي هڪ انسان آهي.

۽ شايد اها ئي هن ناول جي دائمي طاقت آهي: هي ناول تجويز ڪري ٿو ته نجات هميشه پاڪ ۽ صاف ماڻهن کي ناهي ملندي. ڪڏهن ڪڏهن اها ناڪام، بيوقوف، سمجهوتو ڪندڙ ۽ ٽٽل ماڻهن کي به ملي ويندي آهي. اهي ماڻهو جيڪي لڳ ڀڳ اتفاق سان نيڪيءَ جي رستي تي هلي پوندا آهن.

تنهن ڪري آخري سوال اڃا به باقي آهي: ڇا راجُو سچ پچ هڪ وليءَ ۾ تبديل ٿي چڪو هو، يا هن جو آخري عمل رڳو سندس زندگيءَ جو سڀ کان خوبصورت وهم هو؟

________________

انگريزيءَ مان ترجمو: جيمناءِ

ايڊيٽنگ: نصير اعجاز

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button