اقتدار ڇا لاءِ؟ اقتداري سياست ۽ آدرشوادي سياست جو فرق
اقتداري ۽ آدرشوادي سياست جو تضاد انساني سماج ۽ فطرت جو بنيادي تضاد آهي جيڪو اوھان کي ھزارين شڪلين ۾ پنهنجي گھر ۽ ڪاروبار زندگي کان سياست ۽ اقتدار جي ايوانن تائين ھر ھنڌ ملندو. اھو انساني سوچ، فڪر ۽ فطرت جي ٻن ڌارائن جو تضاد آھي جيڪو ازل کان آھي ۽ ابد تائين رھندو.

جڳديش آهوجا
سياست اقتدار جي سائنس آھي.پر بنيادي سوال آهي تہ اقتدار ڇالاءِ؟
ھن موڙ تي سياست ٻن انتھائي متضاد ۽ مخالف رخن ۾ ورھائجي ٿي وڃي. آدرشوادي سياست ۽ اقتداري سياست جي صف بندي ۾ .
انھن ٻن قسمن جي سياستن جي وچ ۾ بنيادي فرق ڪھڙو آھي؟
اقتداري سياست جي منزل ئي اقتدار ھوندو آھي، ھر قيمت تي اقتدار جي حاصلات. آدرشوادي سياست لاءِ اقتدار ذريعو ھوندو آهي پنھنجي آدرشن جي حاصلات لاءِ.
اقتداري ۽ آدرشوادي سياست جو تضاد انساني سماج ۽ فطرت جو بنيادي تضاد آهي جيڪو اوھان کي ھزارين شڪلين ۾ پنهنجي گھر ۽ ڪاروبار زندگي کان سياست ۽ اقتدار جي ايوانن تائين ھر ھنڌ ملندو. اھو انساني سوچ، فڪر ۽ فطرت جي ٻن ڌارائن جو تضاد آھي جيڪو ازل کان آھي ۽ ابد تائين رھندو يعني انساني سماج جي وجود کان ان جي پڄاڻيءَ تائين، بس ان جي شڪل ۽ نوعيت تبديل ٿيندي رھندي آھي. ان جو روح آھي ذاتي مفاد ۽ اجتماعي مفاد جو تضاد.
اقتداري سياست جو محور ذاتي مفاد ھوندو آھي.
آدرشي سياست جو محور اجتماعي مفاد ھوندو آھي.
آدرشي سياست جون ٻہ فڪري ۽ عملي راھون ھونديون آھن.
اصلاح پسند ۽ انقلابي
اصلاح پسند آدرشوادي سماجي اخلاقيات، سماجي خدمتن ۽ سٺي سياست تي زور ڏيندا آهن ۽ ان جا مثالي نمونا پيش ڪندا آھن جڏھن تہ آدرشوادي انقلابي ان کي ناڪافي سمجھي موجود سڄي نظام status quo جي تڏا ويڙه لاءِ مزاحمت ۽ انقلاب جي راہ جا پانڌيئڙا ٿيندا آهن. اھي ئي انسان تاريخ جون سڀ کان وڏيون ستم ظريفيون ڀوڳيندا آهن ۽ انساني فطرت جي انتھائي شديد بيھودگين ۽ ڪم ظرفين سان مدمقابل ٿيندا آهن. ھڪ طرف ھوندا آھن حاڪم قوتن جا حملا ۽ ٻئي طرف ھوندا آھن پنھنجن جا ئي طعنا تنڪا، چٿرون ويساھ گھاتيون ۽ ڪا خاطر خواه ڪاميابي ملڻ تائين ماڻھن جي وسيع اڪثريت جي سرد مھري ۽ لاتعلقي جن لاءِ شاہ لطيف چيو آهي،
“جنين ڪاڻ مياس، ڪلھي ڪانڌي نہ ٿيا.”
پر اڏول آدرشوادي انسان وري بہ اھا ئي وراڻي ڏيندا آهن:
“جيھا ڪي تيھا، مارو مون مڃيا.”
______________

جڳديش آهوجا ڪراچي، سنڌ ۾ رھي ٿو. لاڙڪاڻو سندس جنم ڀومي آھي. ھُو سياست، تاريخ، بين الاقوامي تعلقات ۽ فلسفي جو شاگرد ھجڻ سان گڏ ڪالم نگار ۽ ڪجھ ڪتابن جو ليکڪ، سنڌو واس فائونڊيشن جو باني صدر ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو اڳواڻ آھي. ھُن برٽش ڪمپني Pinch Media پاران سنڌ ۽ سنڌي ڪميونٽي تي ٺاھيل دستاويزي فلم ‘اڃان بہ قائم’ Still Standing ۾ مک ڪردار ادا ڪيو.



