موئن جو دڙوُ: ٻُڌ اسٽوپا جي اُوچائيءَ کان سنڌوءَ جي خشڪ پيٽ تائين هڪ جائزو
هيءُ باب موئن جو دڙو جي دريافت ڪندڙ ماهر آر. ڊي. بينرجيءَ جي ان تحقيق جو هڪ اهم دستاويز آهي، جيڪو قديم آثارن سان گڏوگڏ سنڌ جي قديم جاگرافيائي بيهڪ تان پڻ پردو کڻي ٿو. هن رپورٽ ۾ رکلداس موئن جي دڙي جي سڀ کان اوچي ماڳ يعني ٻي صدي عيسويءَ جي ٻُڌ اسٽوپا جي چوٽيءَ تان بيهي، ماضيءَ جي ان نظاري جو جائزو ورتو آھي جتي صديون اڳ سنڌو نديءَ جا وهڪرا، خشڪ پيٽ (ڍنڍ)، ۽ قدرتي ٻيٽ موجود هئا. ١٩٢٢-٢٣ع جي هن پهرين سائنسي سروي ذريعي بينرجي نه صرف سنڌوءَ جي بدلجندڙ رستي ۽ قديم شهر جي شاهي رستي کي چِٽو ڪري ٿو، پر هتي پهريون ڀيرو هڙپا جهڙيون تاريخي مُهرون هٿ اچڻ جو اهو سڄو احوال پڻ بيان ڪري ٿو، جنهن سنڌ جي تاريخ کي هڪ نئون موڙ ڏنو.

سنڌيڪار نصير اعجاز
مون موئن جي دڙي جي کوٽائيءَ جو ڪم ١٩٢١–٢٢ع جي ٿڌڪار واري موسم جي بلڪل آخر ۾ شروع ڪيو هو. هن ماڳ تي منهنجو ٽيون چڪر ڊسمبر ١٩٢٢ع ۾ ٿيو. منهنجي گذارش تي، سنڌ جي ڪمشنر محترم جي. ايل. ريو (Mr. J. L. Rieu, I.C.S) مھرباني ڪندي، آرڊر نمبر 321-AHR. D، تاريخي ١٠ جنوري ١٩٢٣ع تحت آثار قديمه جي کاتي کي کنڊرات تي ٻڌل سڄو علائقو حوالي ڪري ڇڏيو. سنڌ ۾ ٻيلن جي ڊپٽي ڪنزرويٽر جي هڪ اسسٽنٽ باقاعدي طور تي هيءُ ماڳ منهنجي حوالي ڪيو. ان کان پوءِ، کنڊرات جو احتياط سان سروي ڪيو ويو ۽ ڪنٽور نقشا (contour maps) تيار ڪيا ويا. اها سروي بمبئي P.W.D جي هڪ اپر سب آرڊينيٽ محترم وي. وي. ڪارنديڪر (Mr. V. V. Karandikar) ڪئي. کيس آثار قديمه کاتي جي اُلھندي سرڪل (Western Circle) سان لاڳاپيل بمبئي P.W.D جي چئن لوئر سب آرڊينيٽس: اين. ايس. چڪٽي، بي. جي. پنسي، ڌرماجي شرما، ۽ دولت رام بيلي رام راجپوت مدد ڪئي.
ڪنٽور سروي جو ڪم ڊسمبر ١٩٢٢ع جي وچ ڌاري شروع ٿيو ۽ مارچ ١٩٢٣ع جي آخر تائين مڪمل ٿيو. ٻن سئو ايڪڙن کان وڌيڪ ايراضيءَ تي پکڙيل کنڊرات جو تفصيلي سروي ڪيو ويو، ۽ ان علائقي اندر موجود هر دڙي جي صحيح اوچائي درستگيءَ سان معلوم ڪئي وئي.
سروي دوران، مون کي اندازو ٿيو ته هيءُ قديم شهر سنڌو نديءَ جي هڪ پراڻي وهڪري (چينل) جي ڏاکڻي ڪناري تي آباد ڪيو ويو هو. سنڌ جا عظيم قديم شهر هميشه نديءَ جي ڪنارن تي ئي ٻڌل هوندا هئا. موئن جي دڙي جي کنڊرات کان ٿورو ئي پري سنڌو نديءَ جو هي ڇڏيل وهڪرو موجود هو. اهو اُلهندي نارا (Western Nara) کان بلڪل الڳ هو. موجوده ڏوڪري شهر اُلهندي نارا جي ساڄي ڪناري تي ٻڌل آهي. ڏوڪريءَ کان موئن جي دڙي ويندڙ رستو کنڊرات تائين پهچڻ کان اڳ سنڌو نديءَ جي هن خشڪ ٿيل پيٽ کي پار ڪري ٿو. نديءَ جو هڪ ٻيو قديم وهڪرو ٻٻر جي وڻن (Acacia arabica) ۽ جهنگلي لئي (ڪنڊي دار ٻوٽن، Tamarix indica) جي گهاٽن جهنگلن سان گهيريل زمين جي چوڌاري ڦرندو، موئن جي دڙي جي قديم کنڊرات کي گهيري ۾ آڻي ٿو. نديءَ جي هن ٻئي پيٽ کي اڄ به “ڍنڍ” چيو ويندو آهي، جنهن جو مقامي سنڌي ٻوليءَ ۾ مطلب آهي سُڪي ويل نديءَ جو وهڪرو. هن خشڪ وهڪري جي ڪنارن تي هڪ ننڍي وسندي پڻ آهي، جنهن کي پڻ “ڍنڍ” سڏيو وڃي ٿو، جتي رڳو ڪجهه ئي خاندان رھن ٿا.
موئن جي دڙي جي کنڊرات جي اُتر ۾ هڪ محفوظ ٿيل گهاٽو ٻيلو آهي، ۽ ان جي اتر-اوڀر واري ڇيڙي تي نديءَ جو هيُ ٻيو خشڪ وهڪرو ڪجهه وڌيڪ ويڪرو ٿئي ٿو. هتي ان کي “لانيارو” ڪوٺيو وڃي ٿو. لانيارو ۾ ڪيتريون ئي اونهيون کڏون آهن جن ۾ سڄو سال پاڻي رهي ٿو، ۽ اهڙي ئي هڪ کڏ ۾ سڄو سال وڏي تعداد ۾ جهنگلي ڪُڪڙ (jungle fowl) ڏسي سگهجن ٿا. لانيارو جي کاٻي ڪناري واري علائقي جو اڃا تائين صحيح نموني سروي ناهي ڪيو ويو، تنهنڪري اسان کي اها خبر ناهي ته قديم شهر جو ڪو حصو يا گهٽ ۾ گهٽ ڪو پسگردائيءَ وارو علائقو ڪڏهن هن نديءَ جي اترئين ڪناري تي موجود هو يا نه. سائٽ نمبر ١ تي موجود ٻي صدي عيسويءَ جي ٻُڌ اسٽوپا جي مٽيءَ جي پڪي ٿنڀي جي چوٽيءَ تان موئن جي دڙي کي گهيريندڙ اهي قديم نديءَ جا وهڪرا آسانيءَ سان ڏسي سگهجن ٿا. (رکلداس جي کوٽائيءَ دوران موئن جي دڙي ويجهو نديءَ جا وهڪرا — بشڪريه: ماڊرن ريويو)
شهر جي اندر، نديءَ جي ڏاکڻي ڪناري جي ويجهو، ڪيترائي ننڍا ۽ وڏا ٻيٽ آهن. شهر جي رهواسين پنهنجا مندر يا عبادتگاهون انهن ئي ٻيٽن تي اڏيون هيون. پوءِ وارن دورن ۾، سڀ کان اهم عبادتگاهون اهڙن ٻيٽن جي هڪ جھڳٽي تي اڏيون ويون، ۽ ٻي صديءَ ۾ آخري مندر سائٽ نمبر ١ تي تعمير ڪيو ويو. ڀيٽ جي طور تي، اسان اتر سنڌ ۾ سکر، بکر ۽ روهڙي جي بيهڪ تي غور ڪري سگهون ٿا. سکر ۽ روهڙيءَ جي شهرن جي وچ ۾ سنڌو نديءَ ۾ ڪيترائي وڏا ٻيٽ آهن، جن مان هڪ بکر آهي. بکر جي ويجهو هڪ ٻيو وڏو ٻيٽ آهي جنهن کي “حاجيءَ جي تائو” چيو وڃي ٿو، جتي ڊبليو. ٽي. بلينفورڊ (W. T. Blanford) کي ڪيترا ئي پٿر جا اوزار ٺاهڻ وارا ڳوڙها مليا هئا. اهي بلڪل اهڙا ئي هئا جهڙا مون موئن جي دڙي مان ھٿ ڪيا هئا. هن ٻيٽ تي هڪ مسلمان درگاهه آهي جيڪا “خواجه خضر” يا “زنده پير” سان منسوب آهي. هڪ ٽئين ٻيٽ تي “ساڌ ٻيلو” نالي هڪ هندو مندر پڻ آهي. هڪ ٻئي ٻيٽ تي ڪافي حد تائين جديد درگاهه آهي، جيڪا سيوھڻ جي لال شهباز يا حيدرآباد (سنڌ) جي اڏيري لال جي مقبرن وانگر آهي، جنهن کي “ستين جو ٿان” يا “ست ڀيڻ” (“ست ڀائر/ڀينر”) چيو ويندو آهي. حقيقت ۾، اهو ناٿ پنٿي فرقي جو هڪ اکر جوت (Eternal Fire) جو مندر آهي، جن کي ڪن ڦاٽا جوگي به چيو ويندو آهي. (درگاهه جي هيٺان هڪ حجري ۾، متولي جي خاندان جي عورتن جي مدد سان، اها مڙهيءَ جي جوت اڃا تائين ٻري رهي آهي.) اهڙي صورتحال سنڌ جي ڊيلٽائي ۽ اترين ضلعن ۾ بار بار سامهون آئي آهي.
١٩٢٢–٢٣ع جي ٿڌي موسم دوران انهن ئي ٽنهي ٻيٽن تي کوٽائي ڪئي وئي. سائٽ نمبر ١ جي سامهون، نديءَ جي ڏاکڻي ڪناري تي، قديم شهر جو هڪ ويڪرو پڪو شاهي رستو (royal road) نديءَ جي ڪناري تائين ويندو هو. هن شاهراهه قديم شهر کي ٻن اڻبرابر حصن ۾ ورهايو ٿي ۽ اهو ڏکڻ-اوڀر واري رخ ۾ وڃي ٿو. ننڍو حصو رستي جي اولهه ۾ هو، جڏهن ته جنهن جاءِ تي رستو نديءَ تائين پهچندو هو، اتي سڄي علائقي جو سڀ کان وڏو دڙو موجود هو، جيڪو ظاهر طور تي ڪو شاهي محل معلوم ٿئي ٿو. تنهن هوندي به، اوچائيءَ ۾ اهو دڙو انهن وڏن اڏاوتن کان ڪجهه گهٽ هو، جن تي بعد ۾ سائٽ نمبر ١ ۽ ٢ جي طور تي بحث ڪيو ويو آهي. ١٩٢٣–٢٤ع جي ٿڌي موسم دوران، رستي جي ٻئي پاسي کوٽائي جو ڪم پنڊت ماڌو سوروپ واٽس، ايم. اي (Pandit Madho Swarup Vats, M.A) ڪرايو هو.
هن قديم شهر جا اڪثر گهر ۽ عمارتون هن شاهي رستي ۽ سنڌو نديءَ جي پراڻي وهڪري جي وچ ۾ موجود پٽي (tract) ۾ اڏيون ويون هيون. موئن جي دڙي جي منهنجي بلڪل پهرين چڪر کان وٺي، منهنجو ڌيان مٽيءَ جي ڪچين سِرُن مان ٺهيل هڪ اوچي برج (lofty pinnacle) ڏانهن ڇڪجي ويو هو، جيڪو ڪيترن ئي ميلن جي مفاصلي تان پڻ پڌرو نظر ايندو هو. اڄ به، هيءَ پوري اڏاوت پراڻي نديءَ جي پيٽ کان ٦٥ فٽ اوچي، ۽ کنڊرات جي چوڌاري موجود آباد ٻنين کان ٧٠ فٽن کان وڌيڪ اوچي بيٺي آهي. ڊسمبر ١٩٢٢ع جي پهرين کوٽائي سائٽ نمبر ١ ۽ ٢ جي وچ ۾ موجود هيٺاهين علائقي (depressed area) کان شروع ٿي، جيڪو لڳي پيو ته ڪڏهن ڪو کارِي، کاڙي (creek) يا پاڻيءَ جو لنگهه هو، جيڪو ٻن اوچن ٻيٽن جهڙن دڙن جي وچ مان لنگهندو هو. مان هڪ عظيم الشان ڏاڪڻ جي پهرين لينڊنگ کي ڳولي رهيو هوس، جيڪا ڪڏهن هن اڏاوت جي چوٽيءَ تائين مٿي ويندي هوندي. نسلن کان، ڀرپاسي جي ٻهراڙيءَ جا ڳوٺاڻا هن ماڳ تان سِرُون کڻي ويندا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ مون کي اهڙي ڪنهن ڏاڪڻ جو ڪو نشان نه ملي سگهيو.
پوءِ مون پنهنجو ڌيان سائٽ نمبر ١ جي چوٽيءَ ڏانهن يا وڌيڪ صحيح طور تي، اسٽوپا جي چوڌاري واري علائقي ڏانهن ڦيرائي ڇڏيو. ڊسمبر ١٩١٩ع ۾ منهنجي پهرين چڪر دوران، مٽيءَ جي سِرُن واري بُرجيءَ جو رڳو هڪ ننڍو حصو چوڌاري پکڙيل ڀڳل سِرُن جي ڍيرن جي وچ ۾ نظر اچي رهيو هو. اسان سڀ کان اڳ مٽيءَ جي سِرُن جي هن بُرجيءَ يا اسٽوپا جي چوڌاري صفائي جو ڪم شروع ڪيو. ان سان گڏوگڏ، هڪ ٻي ٽيم ان پليٽ فارم (دِڪي) جي اوڀر واري پاسي واري بچاءُ واري ديوار (retaining wall) جي هيٺان تان گند ڪچرو هٽائڻ تي لڳائي وئي، جنهن تي اسٽوپا اڏيل هو. هن اوڀر واري بچاءُ واري ديوار جي ڪناري سان ڪيل کوٽائيءَ جا غير معمولي نتيجا نڪتا. اتي خندق جي کوٽائي (trench excavations) ڪندڙ ٽيم جي اڳواڻي محترم اين. ايس. چڪٽي ڪري رهيو هو، ۽ انهن جي هٿان ئي پهرين اهم دريافت ٿي. هي ٻه اهڙيون مُهرون (seals) هيون جن تي تصويري خط يا نشانيون (pictograms or ideograms) اڪريل هيون، بلڪل اهڙيون مهرون جيڪي ان وقت تائين رڳو پنجاب جي ملتان ڊويزن جي منٽگومري ضلعي ۾ واقع هڙپا مان مليون هيون.
ڊسمبر ١٩١٩ع ۾، مون سائٽ نمبر ١ جي اوڀر واري لاهيءَ تي ڪم ڪيو هو. اهو هڪ انتهائي اهم علائقو هو، ۽ خوش قسمتيءَ سان مان اوڀر واري پاسي کان سڄي دڙي جي هڪ تصوير ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هوس. ان وقت کنڊرات جي اها لاهي ان کان وڌيڪ عمودي (steeper) هئي، جهڙي مون کي ڊسمبر ١٩٢٢ع ۾ نظر آئي. گهڻو پوءِ مون کي اندازو ٿيو ته منهنجي ٻنهي چڪرن جي وچ واري عرصي ۾، ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن رڳو ان هڪ جاءِ تان ئي وڏي تعداد ۾ سِرون هٽائي ڇڏيون هيون.
هڪ ئي قديم آثارن واري ماڳ جي ٻن الڳ الڳ نقطن تي هڪ ئي وقت ڪيل کوٽائي مان هيٺيون ڳالهيون ثابت ٿيون:
(الف) سائٽ نمبر ١ جي هي غيرمتوقع اوچائي اصل ۾ مختلف دورن جي گڏ ٿيل ملبي جو نتيجو هئي، جيڪو ٻي صدي عيسويءَ جيتري دير تائين هڪ نسبتاً ننڍي علائقي ۾ هڪ ٻئي جي مٿان تھه در تھه گڏ ٿيندو رهيو هو.
(ب) قديم شهر جي ڪا اهم اڏاوت سدائين هتي يعني ان ئي مخصوص جاءِ تي، يا وڌيڪ صحيح طور تي، هن ٻيٽ تي مختلف دورن ۾ مسلسل تعمير ۽ ٻيهر تعمير ٿيندي رهي هئي.
(ج) شهر جي ڇڏي وڃڻ کان پوءِ به هتي عبادت ۽ مذهبي رسمن جو سلسلو جاري رهيو هو.
(د) هتي اڏيل آخري ٻئي اڏاوتون ٻُڌ اسٽوپا هئا. انهن مان پهريون اسٽوپا باهه لڳڻ سبب تباهه ٿي ويو هو، جنهن کان پوءِ ان جي مٿان هڪ ٻيو اندروني طور تي خال وارو اسٽوپا (garbha-chaitya) تعمير ڪيو ويو، جيڪو پڪل سِرُن جو نه پر مٽيءَ جي ڪچين سِرُن مان ٺهيل هو. ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان دور تائين قديم شهر جا عام ماڻهو ڪافي غريب ٿي چڪا هئا.
(هه) هن ماڳ تي آخري اڏاوت مٽيءَ جي ڪچين سِرُن مان ٺهيل اهو خال وارو اسٽوپا هو، جيڪو ٻي صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري تعمير ڪيو ويو هو.
١٩٢٢–٢٣ع جي کوٽائيءَ کان پوءِ، اهو واضح ٿي ويو ته سائٽ نمبر ١ اصل ۾ هڪ اوچو پليٽ فارم يا مٿانهون ٽاور هو، جيڪو چئني طرفن کان بچاءُ وارين ديوارن سان گهيريل هو. ان جي مٿان هڪ مستطيل (rectangular) سڌي سطح هئي. ڪيتريون ئي عمارتون هن علائقي تي اڏيل هيون، ۽ ان جي وچ ۾ سِرُن جو هڪ پڪو کليل اڱڻ هو، جيڪو چئني طرفن کان ڪوٺين جي قطارن سان گهيريل هو. اڱڻ جي بلڪل وچ ۾ پڪل سِرُن مان ٺهيل هڪ مضبوط، وڏو ۽ ٿَلهي جهڙو پليٽ فارم هو، جنهن جي مٿان ٻي صديءَ جو اهو خال وارو اسٽوپا اڏيو ويو هو. اڱڻ جي هر پاسي ڪوٺيون هيون: اتر ۾ ٻه قطارون ۽ باقي ٻين پاسن کان هڪ هڪ قطار هئي.
ان بنيادي پليٽ فارم جي بچاءَ وارين ديوارن مان، جيڪي اسٽوپا جي مستطيل دِڪي کي سهارو ڏين ٿيون، اڄ رڳو ڏاکڻيون ۽ اُڀرنديون ديوارون ئي نظر اچن ٿيون. هر ديوار پراڻي نديءَ جي پيٽ کان ذري گھٽ چاليهه فُٽن جي اوچائيءَ تائين مٿي وڃي ٿي. اڄ به، اوڀر واري بچاءَ واري ديوار جي ٻاهرين پاسي سهارو ڏيڻ لاءِ ٺاهيل پٺا (buttresses) ڏسي سگهجن ٿا. هن اوڀر واري بچاءَ ديوار جي پٺيان گهٽ ۾ گهٽ ٻه متوازي يعني پُورَوِڇوٽ ديوارون هليون ٿيون. پهرين ديوار کليل جاءِ جي مٿان اڱڻ جي چوڌاري ٺهيل ڪوٺين جي ٻاهرين حد جي ديوار هئي، جڏهن ته ٻي ديوار ان کان به قديم دور جي هڪجهڙائيءَ ۾ ٻڌل عمارتن جي سلسلي سان لاڳاپيل هئي.
ڪو به شخص جيڪو ڪڏهن ڪڏهن جهنگ سان گهيريل نديءَ جي هن خشڪ پيٽ مان لنگهندو، ان جو ڌيان سڀ کان اڳ مٽيءَ جي ان ٽاور يعني ڪچين سِرُن واري اسٽوپا ڏانهن ويندو، جيڪو سائٽ نمبر ١ جي بنيادي پليٽ فارم جي چوٽيءَ تي بيٺو آهي. مٽيءَ جي هيءَ بُرجي، يا خال وارو اسٽوپا، هر طرف کان چار يا پنج ميل پري کان به ڏسي سگهجي ٿو. سڄي سنڌ ۾، مختلف دورن جا اسٽوپا ڪيترن ئي هنڌن تان دريافت ٿيا آهن، پر ڪو به اسٽوپا اهڙي اوچائيءَ تي ناهي مليو. شروع ۾، منهنجو خيال هو ته سائٽ نمبر ١ جي چوٽيءَ وارو اسٽوپا هڪ هٿرادو طور تي اڏيل اوچي دڙي تي تعمير ڪيو ويو هو. پر کوٽائيءَ هڪ مختلف حقيقت ظاهر ڪئي. اسٽوپا پڪل سِرُن جي هڪ پليٽ فارم تي تعمير ڪيو ويو هو، ۽ ان پليٽ فارم جي هيٺان جيڪو دڙو هو، اهو صديون پراڻين اڏاوتن جي ڊهڻ سبب گڏ ٿيل ملبي تي ٻڌل هو.
سائٽ نمبر ٣ تي موجود مندر سان مشابھت جي بنياد تي، اهو فرض ڪري سگهجي ٿو ته اصل مندر پڻ هڪ ڪجهه گهٽ هٿرادو مٿانهين دڙي تي تعمير ڪيو ويو هو. پڪل سِرُن جون متوازي بچاءُ ديوارون اڏيون ويون هيون، ۽ انهن جي وچ ۾ موجود خالي جاءِ کي ڪچين سِرُن سان ڀريو ويو هو. ان کان پوءِ مٿاهين سطح کي سڌو ڪري سِرُن سان پڪو ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ پليٽ فارم تي مندر يا اسٽوپا تعمير ڪيو ويو. بلڪل اهڙي ئي قسم جي اڏاوت سائٽ نمبر ٣ مان دريافت ٿي هئي. پر ڪنهن اڻڄاتل سبب جي ڪري، اتي تعميراتي ڪم روڪيو ويو، جڏهن ته سائٽ نمبر ١ ۽ ٢ تي اهو سلسلو بغير ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهيو.
ٽنهي ٻيٽن تي ١٩٢٢–٢٣ع جي کوٽائي دوران ظاهر ٿيندڙ يادگارن کي صحيح نموني تڏهن ئي سمجهي سگهجي ٿو، جڏهن انهن جي چوڌاري موجود پوري نظاري (panoramic landscape) کي ڏٺو وڃي. سنڌ جي تباهي ڪندڙ ٻوڏن کان انهن ماڳن کي بچائڻ لاءِ، عمارتون اڏڻ کان اڳ ٽنهي هنڌن تي زمين کي هٿرادو طور تي مٿي کنيو ويو هو. ماڳن جي وچ مان نديءَ جون شاخون يا کاڙيون لنگهنديون هيون، جن کي زائرين يقيني طور تي عمارتن تائين پهچڻ لاءِ آبي رستن طور استعمال ڪندا هئا. اهڙو ئي هڪ وهڪرو اڃا تائين سائٽ نمبر ١ ۽ ٢ جي وچ ۾ ڏسي سگهجي ٿو. بنيادي شهر ۽ سائٽ نمبر ١ جي وچ ۾ موجود نديءَ جو هي ڇڏيل پيٽ هاڻي رڳو هڪ وڏو ريگستاني پٽ آهي. بعد ۾ ٿيل کوٽائيءَ مان معلوم ٿيو ته نديءَ جي هن وهڪري ڪڏهن شهر جي هڪ وڏي حصي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته نديءَ جي وهڪري جي تبديلين هن علائقي کي پاڻيءَ هيٺ ٻوڙي ڇڏيو هو. (ھلندڙ)
_________________

نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.



