خاموش گليءَ جي لائبريري _ انڊيا مان ھڪ مختصر سنڌي ڪھاڻي
خاموش گھٽين جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ ننڍڙي پر پُراسرار عمارت بيٺل هئي، جنهن کي ‘سرسوتي لائبريري’ چيو ويندو هو. هتي وقت ڄڻ تہ ساڪن ٿي ويو هجي. پراڻي پلستر جا نشان، زنگ لڳل دروازن تي لٽڪندڙ تالا، ۽ هر هنڌ وساريل زماني جو ڏيک محسوس ٿيندي هئي. هر رستو جنهن تان ماڻهو لنگھي، ڪنهن اڻ ڏٺل ماضيءَ جي ڪهاڻيءَ ڏانهن وٺي ويندو هو، ۽ اها لائبريري ڄڻ خاموشيءَ ۾ دفن ٿيل يادگيرين جو خزانو هجي.
هر ڪهاڻي ڪتابن ۾ لکيل نه هوندي آهي. ڪجهه ڪهاڻيون انسان جي اکين ۾، ڪجهه خاموشيءَ ۾ ۽ ڪجهه دل جي اونھائيءَ ۾ لڪل درد ۾ لکيل هونديون آهن

ليکڪا: سنڌيا چندر ڪندناڻي
شهر جي پراڻي حصي ۾ گھٽين جو هڪ پيچيده ڄار پکڙيل هو، جتي هر موڙ ماضيءَ جي ڪنهن وساريل ڪهاڻي ڏانهن وٺي ويندو هو. انهن ئي خاموش گھٽين جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ ننڍڙي پر پُراسرار عمارت بيٺل هئي، جنهن کي ‘سرسوتي لائبريري’ چيو ويندو هو. هتي وقت ڄڻ تہ ساڪن ٿي ويو هجي. پراڻي پلستر جا نشان، زنگ لڳل دروازن تي لٽڪندڙ تالا، ۽ هر هنڌ وساريل زماني جو ڏيک محسوس ٿيندي هئي. هر رستو جنهن تان ماڻهو لنگھي، ڪنهن اڻ ڏٺل ماضيءَ جي ڪهاڻيءَ ڏانهن وٺي ويندو هو، ۽ اها لائبريري ڄڻ خاموشيءَ ۾ دفن ٿيل يادگيرين جو خزانو هجي.
ٻاهران اها ڪا خاص عمارت نه لڳندي هئي، نه شيشي جون وڏيون دريون، نه جديد روشنيون، نه چمڪندڙ بورڊ. فقط هڪ پراڻو ڪاٺ جو دروازو، جنهن تي اڌ مٽيل رنگ ۾ لکيل هو: ‘سرسوتي لائبريري’.
پر جيڪو به اندر ويندو هو، اهو محسوس ڪندو هو ته هُو ڪنهن ٻي دنيا ۾ داخل ٿي ويو هجي. هڪ اهڙي دنيا جتي خاموشي به ڳالهائيندي هئي. انيتا هڪ عام وچولي طبقي جي گهر جي ڇوڪري هئي. ٻاهران سندس زندگي سادي هئي؛ ڪالج، گهر، ڪم ۽ وري ساڳيو دهراءُ. پر اندر ئي اندر هوءَ سوالن سان ڀريل هڪ اهڙو درياه هئي، جيڪا ڪنهن به ڪناري تي بيهڻ نه ڄاڻندي هئي.
هوءَ روز شام جو ڪاليج کان پوءِ سڌو لائبريريءَ اچي پهچندي هئي. اهو سفر هن لاءِ فقط فاصلو طئہ ڪرڻ نه هو، پر پنهنجي اندر جي ڪنهن اڻڄاتل آواز ڏانهن وڌڻ هو. پهرين ڏينهن جڏهن هوءَ اندر آئي هئي ته کيس لڳو هو ته ڄڻ هوءَ وقت کان ٻاهر نڪري آئي هجي. ڪتابن جي خوشبو، ڪاٺ جي المارين جي خاموشي، ۽ پڙهندڙن جون جهڪيل نگاهون سڀ ڪجهه سندس دل ۾ لهي ويون.
”هوءَ ڪتاب پڙهڻ لاءِ نه ايندي هئي…”
هوءَ پاڻ کي ڳولڻ لاءِ ايندي هئي.
لائبريريءَ جو سنڀاليندڙ رامچندر هڪ پوڙهو ماڻهو هو، جنهن جي اکين ۾ پڙهيل ڪتابن جو اڀياس هو. هُو گھٽ ڳالهائيندو هو، پر ماڻهن کي بنا لفظن جي سمجهندو هو. هن انيتا کي پهرين ڏينهن کان ئي سڃاتو. هوءَ ٻين کان مختلف هئي؛ هوءَ پڙهندي نه هئي پر ڪتابن سان ڳالهائيندي هئي. هڪ ڏينهن رامچندر کان رهيو نه ٿيو، هن آهستي چيو:
“پُٽ، تون روز ايندي آهين… پر لڳي ٿو ته تون ڪتابن ۾ نه، ڪنهن ٻيءَ دنيا ۾ گم آهين.”
انيتا هلڪي مرڪ ڏني، پر ان مرڪ ۾ اُداسي هئي.
“بابا… مان ڪتاب نه، پاڻ کي ڳولڻ ايندي آهيان.”
رامچندر خاموش ٿي ويو. اهو جملو سندس ڪيترن ئي سالن جي خاموشيءَ کي ڇهي ويو. انيتا جي زندگيءَ ۾ ظاهري طور تي ڪا وڏي تڪليف نه هئي، پر اندر هڪ خال هو جنهن کي هوءَ لفظن ۾ بيان نه ڪري سگهندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن لڳندو هو ته هوءَ ڪنهن اڻ لکيل ڪهاڻيءَ جو حصو آهي. راتين ۾ هوءَ جاڳندي هئي. سوال سندس ذهن ۾ هلندا هئا؛ ڪڏهن تيز، ڪڏهن خاموش. هڪ ڏينهن هن رامچندر کان پڇيو:
“بابا، ڇا هر ماڻهوءَ جي ڪا الڳ ڪهاڻي هوندي آهي؟”
رامچندر ٿورو ماٺ رهي پوءِ چيو:
“ها… پر هر ڪهاڻي ڪتابن ۾ لکيل نه هوندي آهي. ڪجهه ڪهاڻيون انسان جي اکين ۾، ڪجهه خاموشيءَ ۾ ۽ ڪجهه دل جي اونھائيءَ ۾ لڪل درد ۾ لکيل هونديون آهن.”
هڪ ڏينهن تيز برسات پئي هئي، لائبريريءَ جي اندر خاموشي وڌيڪ گهري ٿي وئي هئي. ٻاهر مينهن جا قطرا ڄڻ پراڻيون يادون ڌوئي رهيا هئا. رامچندر هڪ پراڻو، دز سان ڍڪيل ڪتاب کڻي آيو. هن آهستي چيو:
“هي ڪتاب رجسٽر ۾ درج ٿيل ناهي… پر شايد هي تنهنجي اندر جي ڳالهه سمجهي سگهي.”
انيتا ڪتاب کوليو. اندر هڪ ڇوڪري ‘ارونا’ جون ڊائريون هيون. ڊائريءَ جا لفظ:
“مان ڪير آهيان؟”
“ڇو مونکي لڳي ٿو ته مان هن وقت جي ناهيان؟”
“ڇا منهنجا سوال به ڪنهن لاءِ اهم آهن؟”

انيتا پڙهندي رهي… ۽ آهستي آهستي کيس لڳو ته اهي لفظ سندس پنهنجا هئا. “هي ته… منهنجيون ئي سوچون آهن…” هن آهستي چيو. ان رات انيتا دير تائين لائبريريءَ ۾ ويٺي رهي. ڪتاب سندس هٿن ۾ هو، پر اصل ۾ هُو ان جي اندر گهڙي چڪو هو.
هاڻي هوءَ فقط پڙهندڙ نه رهي هئي، پر هڪ لکندڙ بڻجي وئي هئي. هڪ صفحو… ٻيو صفحو… ۽ آهستي آهستي هڪ نئين انيتا پيدا ٿيڻ لڳي. رامچندر ڏٺو ته انيتا بدلجي رهي آهي. هڪ ڏينهن هن مُرڪندي پڇيو: “هاڻي تون ڇا ڳولين پئي، ڌيءُ؟”
انيتا مُرڪندي چيو: “نه بابا… هاڻي مونکي ملي ويو آهي.”
“ڇا؟”
“پاڻ.”
رامچندر جي اکين ۾ پهريون ڀيرو خوشيءَ جا لڙڪ آيا. سرسوتي لائبريري هاڻي فقط ڪتابن جو هنڌ نه رهي هئي، اها سوالن، سوچن ۽ نئين آواز جو مرڪز بڻجي وئي هئي. انيتا هاڻي انهن سڀني خاموش آوازن جي زبان بڻجي چڪي هئي، جيڪي صدين کان اندر ۾ دٻيل هئا.
هڪ شام جڏهن سج لهڻ لڳو… آسمان تي ڳاڙهي روشني ڪنهن پراڻي زخم وانگر نظر اچي رهي هئي، انيتا لائبريريءَ جي در تي بيٺي هئي. اندر خاموشي هئي… پر اها خالي نه هئي، اها خاموشي معني سان پريل هڪ زنده طوفان هئي. هن آخري ڀيرو اندر نهاري چيو:
“شايد ڪهاڻيون ڪڏهن به ختم ناهن ٿينديون… اهي اسان جي اندر پنهنجو پاڻ کي لکي ڇڏينديون آهن.”
هوءَ هلي وئي… پر انيتا جي وڃڻ سان اها خاموشي نه رهي، پر هڪ گونج رهجي وئي. سرسوتي لائبريري هاڻي فقط هڪ عمارت نه هئي… اها هڪ اهڙو سوال بڻجي چڪي هئي جنهن جو جواب هر دل ۾ گونجندو آهي. ۽ پوءِ اهو احساس هر ڪنهن کي ٿيو ته خاموشي ڪڏهن ادب نه هوندي آهي، خاموشي ڪڏهن انقلاب هوندي آهي.
(ممبئيءَ مان شائع ٿيندڙ ھفتيوار سنڌي مئگزين ھندواسي جي ٿورن سان)
______________________

ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪُندناني ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۽ بورڊ آف اسٽڊيز جي ڪوآرڊينيٽر هجڻ سان گڏ هڪ نامور محقق، نقاد ۽ شاعرہ آهي. پاڻ مرڪزي ساهتيه اڪادمي، ڪي ڪي برلا فائونڊيشن ۽ مهاراشٽر سنڌي ساهتيه اڪادمي جي اڳوڻي ميمبر رهي چڪي آهي. ان کان علاوه، هوءَ UPSC جي امتحانن ۾ سنڌي مضمون جي ماهر طور شاگردن جي رهنمائي پڻ ڪندي رهي آهي. ڊاڪٽر سنڌيا جي تحقيقي ۽ ادبي پورهئي ۾ 33 ڪتاب ۽ 150 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا شامل آهن، جيڪي ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي شايع ٿي چڪا آهن. هوءَ سنڌي ٻولي، ڪارونجهر ۽ ڪليچ جهڙن تحقيقي رسالن جي انتظامي بورڊن سان پڻ لاڳاپيل آهي. سندس ادبي خدمتن عيوض کيس ساهتيه اڪادمي ترجمو ايوارڊ (2020)، مهاراشٽر رياست اڪادمي ايوارڊ ۽ ڊاڪٽر راڌا ڪرشنن گولڊ ميڊل سميت ڪيترائي اعزاز ملي چڪا آهن. پاڻ مختلف ادارن جي سهڪار سان لڳ ڀڳ 95 قومي ۽ بين الاقوامي سيمينار ۽ ثقافتي پروگرام پڻ منعقد ڪرائي چڪي آهي.



