ڊِنگ لِنگ: چين ۾ عورتن جي سياسي حقن، جنسي ۽ شخصي آزاديءَ جي حامي باغي ليکڪا
ڊنگ لنگ، پنھنجي حياتيءَ ۾ جيل ۽ ٻيون سختيون بہ ڀوڳيون. چيني ادب جي تاريخ ۾ اهو هڪ اهڙو ڪردار آهي جنهن جي قلم کي نه جيل جون ديوارون روڪي سگهيون ۽ نه ئي وقت جا سياسي دٻاءَ ڪمزور ڪري سگهيا. ھُوءَ ويهين صديءَ جي هڪ اهڙي ليکڪا هئي، جنهن نه صرف لکيو پر پنهنجي عملي زندگيءَ سان به سماج کي بہ للڪاريو.
هوءَ اهڙي فولادي عورت هئي، جو ويھ ورھين جي قيد بند مان آزاد ٿي جڏهن ٻيهر منظرِ عام تي آئي، ته سندس قلم ۾ اُها ئي طاقت ۽ سچائي هئي. هن چيو: “مون کان منهنجي آزادي کسي سگهجي ٿي، پر منهنجي سوچ نه.” سندس چوڻ ھو تہ ”قيد خانو صرف ديوارن جو نالو آهي، پر جڏهن انسان سوچڻ ڇڏي ڏئي، ته اصل قيد تڏهن شروع ٿيندو آهي.”
قيد بند مان پنھنجي پُٽ کي موڪليل خط ۾ ھُن لکيو: ”منهنجا پٽ! توکي لڳندو هوندو ته تنهنجي ماءُ انهن چئن ديوارن جي پٺيان بيوس آهي. پر ياد رکجانءِ، قيدي اهو ناهي جنهن جا هٿ پير ٻڌل هجن، پر قيدي اهو آهي جنهن جي سوچ کي زنجيرون پيل هجن. مان هتي جسماني طور قيد آهيان، پر منهنجو روح اڄ به انهن کليل ميدانن ۾ گهمي رهيو آهي جتي اسان گڏ هئاسين. تون ڪڏهن به پنهنجي ماءُ جي ڪري ڪنڌ نه جهڪائجانءِ، ڇو ته سچ جي واٽ ۾ جيل وڃڻ هڪ اعزاز آهي.”

نصير اعجاز
ڪجھ ورھين کان چين جي ھمعصر شاعرن سان آن لائين لاڳاپن ۽ سندن شاعري پڙھڻ ۽ پاڻ وٽ شائع ڪرڻ ۽ ويجھڙائيءَ ۾ دوست يوسف سنڌيءَ جي چين جي سفرنامي ۾ ڪجھ چونڊ چيني اديبن ۽ ادب بابت پڙھڻ جي نتيجي ۾ منھنجو چيني ادب جي پراڻن ليکڪن ۽ ليکڪائن کي اڃان وڌيڪ ڄاڻڻ جو شوق پيدا ٿيو. انھيءَ جُستجوءَ ۾ مون ڏٺو تہ پُراڻي چيني ادب ۾ عورتن جو بہ اھم ڪردار رھيو آھي. منھنجي آڏو کوڙ اھڙا نالا آيا جن جي نظمن توڙي نثر چيني سماج تي وڏو اثر ڇڏيو ھو. انھيءَ کوج ۾ ھڪ ليکڪا ڊِنگ لِنگ بابت مواد ملي ويو جنھن جو جنم 12 آڪٽوبر 1904 تي ٿيو ۽4 مارچ 1986 تي وفات ڪري وئي.
ڊِنگ لِنگ (Ding Ling) ويهين صديءَ جي چين جي اها باغي ليکڪا ھئي جنهن عورتن جي جنسي آزادي ۽ سياسي حقن تي لکي سماج کي ڌوڏي ڇڏيو ھو. ھُن عورتن جي آزادي، نفسيات ۽ سماجي حقن تي وڏي دليريءَ سان لکيو. سندس لکڻيون اڄ به چيني فيمينسٽ ادب جو بنياد سمجهيون وڃن ٿيون.
ڊنگ لنگ، پنھنجي حياتيءَ ۾ جيل ۽ ٻيون سختيون بہ ڀوڳيون. چيني ادب جي تاريخ ۾ اهو هڪ اهڙو ڪردار آهي جنهن جي قلم کي نه جيل جون ديوارون روڪي سگهيون ۽ نه ئي وقت جا سياسي دٻاءَ ڪمزور ڪري سگهيا. ھُوءَ ويهين صديءَ جي هڪ اهڙي ليکڪا هئي، جنهن نه صرف لکيو پر پنهنجي عملي زندگيءَ سان به سماج کي بہ للڪاريو.

هوءَ صرف هڪ ڪھاڻيڪار نه، پر هڪ انقلابي عورت به هئي. هُن چيني انقلاب دوران عورتن کي پنهنجي حقن لاءِ سجاڳ ڪيو. سندس چوڻ هو ته: “عورتن جي آزادي تڏهن ممڪن آهي جڏهن هو معاشي ۽ ذهني طور تي آزاد هجن.” سندس لکڻين ۾ چين جي پورهيت عورتن، ٻهراڙيءَ جي مائرن ۽ شهر جي پڙهيل لکيل عورتن جي ڏکن ۽ پِيڙا جو ذڪر ملي ٿو.
ڊِنگ لِنگ جو اصل نالوجيانگ بنگ زي هو. هوءَ هڪ باغي طبيعت واري عورت هئي. سندس حياتيءُ ۾ ڪجھ اھڙا واقعا ٿيا جن مٿس وڏو اثر وڌو ۽ هن باغي ليکڪا کي جنم ڏنو. ڊِنگ لِنگ هڪ اهڙي دور ۾ پيدا ٿي جڏهن چين ۾ عورتن جا پير ٻڌڻ (Foot Binding) جي ظالماڻي رسم عام هئي. جڏهن هوءَ ننڍي هئي، ته سندس خاندان کيس اها رسم مڃڻ لاءِ مجبور ڪيو، پر ھُن ٺُپ انڪار ڪيو. اها سندس زندگيءَ جي پهرين سوڀ هئي، جنهن کيس سيکاريو ته سماجي دٻاءَ اڳيان ڪيئن بيهڻو آهي.
ڊِنگ لِنگ جي ماءُ نھايت روشن خيال عورت هئي. مڙس جي وفات کان پوءِ، هن پنهنجي ڌيءُ کي پاڻ پڙهايو ۽ کيس سيکاريو ته عورت کي ڪنهن مرد جي سهاري جي ضرورت ناهي. هن پنهنجي ماءُ کان آزاديءَ جو سبق پرايو، جيڪو اڳتي هلي سندس لکڻين جو بنياد بڻيو.
ڊِنگ لِنگ جڏهن شنگهائيءَ وئي، ته اتي سندس ملاقات ان دور جي ترقي پسند شاعرن ۽ اديبن سان ٿي. هن هڪ شاعر هُو يپنگ (Hu Yepeng) سان محبت ڪئي ۽ ڪنهن رسمي شاديءَ بنان ساڻس گڏ رهڻ لڳي. اهو ان وقت جي چيني سماج ۾ هڪ تمام وڏو قدم هو.
سال1931 ۾ چين جي حڪومت (Kuomintang) سندس محبوب هُو يپنگ کي سياسي سرگرمين جي ڏوهه ۾ گولي هڻي ماري ڇڏيو. ان وقت ڊِنگ لِنگ جي هنج ۾ سندس ننڍڙو پٽ هو. هن واقعي کيس صدمي ۾ وجهڻ جي بجاءِ وڌيڪ سگھارو بڻايو. هن پنهنجي قلم کي تلوار بڻايو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شامل ٿي وئي.

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جنهن انقلاب لاءِ ڊِنگ لِنگ وڙهي هئي، انهيءَ انقلاب جي ڪجهه سالن کان پوءِ کيس ثقافتي انقلاب دوران پنهنجي ئي پارٽيءَ جي تنقيد جو نشانو بڻجڻو پيو. کيس جيل موڪليو ويو ۽ ٻهراڙيءَ ۾ پورهيو ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. پر هن ڪڏهن به معافي نه گهري. نہ جُهڪڻ واري سندس اِھا خاصيت اڄ به چيني عورتن لاءِ مشعلِ راهه آهي.
ڊِنگ لِنگ جهڙيون شخصيتون تاريخ ۾ روز روز پيدا نه ٿينديون آهن. مان تہ سندس حياتيءَ جو احوال، جدوجھد، ادبي پورهئي ۽ شخصيت بابت پڙھي حيران ٿي ويس. ھتي مان اُھي ڳالھيون ونڊيندس جيڪي کيس دنيا جي ٻين اديبن کان منفرد بڻائين ٿيون. سندس زندگيءَ کي ٽن وڏن دورن ۾ ورهائي سگهھجي ٿو، جيڪي سندس فڪري تبديليءَ کي ظاهر ڪن ٿا.
رومانوي ۽ باغي دور
هن دور ۾ هُن “مِس صوفيا جي ڊائري” جهڙيون تحريرون لکيون. سندس سمورو ڌيان ذاتي آزاديءَ تي هو. هوءَ چاهي پئي ته عورت پنهنجي مرضيءَ سان پيار ڪري، پنهنجي مرضيءَ سان زندگي گذاري ۽ سماجي زنجيرن کي ٽوڙي ڇڏي. ان وقت هوءَ هڪ اهڙي شهري عورت هئي جيڪا پنهنجي روح جي گهرائين ۾ جهاتي پائي رهي هئي.
انقلابي ۽ سماجي دور
جڏهن سندس محبوب هُو يپنگ کي قتل ڪيو ويو، ته ڊِنگ لِنگ جي لکڻين جو انداز بدلجي ويو. هاڻي هوءَ صرف پنهنجي ذات بابت نه، پر سموري سماج بابت لکڻ لڳي. هُن محسوس ڪيو ته جيسين سمورو ملڪ آزاد نه ٿيندو، تيسين عورت آزاد نه ٿي سگهندي. هُن چين جي اترين علائقن ۾ وڃي عام هارين ۽ پورهيت عورتن سان گڏ وقت گذاريو. سندس مشهور ناول “سانگان نديءَ تي سج جي روشنيThe Sun Shines over Sanggan River انهيءَ دور جي پيداوار آهي، جنهن ۾ هن ڏيکاريو ته ڪيئن عام ماڻهو پنهنجي زمين ۽ حقن لاءِ وڙهن ٿا.
آزمائش ۽ ثابت قدميءَ جو دور
انقلاب اچڻ کان پوءِ، جڏهن ڪميونسٽ پارٽي اقتدار ۾ آئي، ته ڊِنگ لِنگ کي پنهنجي ئي پارٽيءَ اندر سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. مٿس الزام مڙهيا ويا ته هوءَ انفراديت پسنديءَ (Individualism) جي قائل آهي. کيس 20 سالن تائين ادبي منظر تان هٽايو ويو. کيس جيل ۾ رکيو ويو ۽ ٻني ٻاري جو ڪم ڪرڻ لاءِ ٻھراڙيءَ ۾ موڪليو ويو. پر هوءَ اهڙي فولادي عورت هئي، جو جڏهن ٻيهر منظرِ عام تي آئي، ته سندس قلم ۾ اُها ئي طاقت ۽ سچائي هئي. هن چيو: “مون کان منهنجي آزادي کسي سگهجي ٿي، پر منهنجي سوچ نه.”
سندس وڏي خوبي اها هئي ته هن عورت کي ڪڏهن به مقدس يا ديوي بڻائي پيش نه ڪيو. هن ڏيکاريو ته: عورت ۾ به حسد، ساڙ، خواهش ۽ غصو هوندو آهي؛ عورت به غلط فيصلا ڪري سگهي ٿي ۽ عورت جي ڪاميابي رڳو شادي ڪرڻ ۾ ناهي.
ڊِنگ لِنگ جو هيءُ قول سندس زندگيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو:
“مان چاهيان ٿي ته مان ايئن لکان، جو ماڻهو منهنجي لفظن مان رت جي بُوءِ محسوس ڪن، ڇو ته سچ هميشه دردناڪ هوندو آهي.”
ڊِنگ لِنگ جي جيل واري زندگي سندس صبر، همت ۽ بي باڪيءَ جو هڪ عجيب داستان آهي. هن پنهنجي زندگيءَ جو هڪ وڏو حصو يا ته جيل ۾ گذاريو يا وري نظر بندي ۽ سخت پورهئي جي ڪيمپن ۾. سندس جيل واري زندگيءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
ڪومنتانگ جو جيل (1933ع – 1936ع)
جڏهن ڊنگ لنگ کي ان دور جي حاڪم پارٽي (ڪومنتانگ) پاران گرفتار ڪيو ويو، ته اها سندس پهرين وڏي آزمائش هئي. کيس اغوا ڪري هڪ ڳجهي جاءِ تي قيد ڪيو ويو. دنيا کي لڳو ته شايد کيس قتل ڪيو ويو آهي، جنهن تي عالمي سطح تي احتجاج ٿيو. جيل ۾ مٿس دٻاءُ وڌو ويو ته هوءَ پنهنجي انقلابي سوچ تان ھٿ کڻي وڃي. پر هن جيل جي تنهائيءَ کي پنهنجي لکڻين جو ذريعو بڻايو. هن چيو هو ته: “اڪيلائي هڪ لکندڙ لاءِ عذاب به آهي ته نعمت به.”
سال1936 ۾ هوءَ وڏي هوشياريءَ سان قيد مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ۽ ويس مٽائي ڪميونسٽن جي مرڪز ‘يانان’ پهتي، جتي مائو زي تنگ پاڻ سندس استقبال ڪيو. چيو وڃي ٿو تہ چيئرمن مائوزيتنگ سان سندس گھڻي ويجھڙائپ ھئي. ھڪ جنرل پينگ دو ھوءِ سان بہ سندس افيئر ھليو.
ثقافتي انقلاب ۽ ٻيو جيل وارو دور
هي دور ڊِنگ لِنگ لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ هو، ڇو ته هن ڀيري کيس انهن ئي ماڻهن قيد ڪيو هو، جن جي انقلاب لاءِ هن پنهنجي جواني قربان ڪئي هئي. سال 1955 ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پاليسين تي تنقيد سبب کيس ساڄي ڌر جو عنصر قرار ڏئي پارٽيءَ مان خارج ڪري جيل موڪليو ويو. کيس بيجنگ کان پري هيلونگ جيانگ جي ٿڌن علائقن ۾ فارم تي سخت پورهيو ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. هڪ وڏي ليکڪا، جنهن جا ناول دنيا ۾ مشهور هئا، اها جيل ۾ ڪڪڙن جي فارم تي صفائي ڪندي هئي ۽ کين داڻو پاڻي وجهندي هئي. پر هن اتي به همت نه هاري. هوءَ ان دور جي باري ۾ چوي ٿي ته: “مون اتي عام ماڻهن سان گڏ رهي زندگيءَ جو اصل سچ سکيو.”
ثقافتي انقلاب دوران کيس پنجن سالن تائين هڪ اهڙي اونداهي ڪمري ۾ رکيو ويو جتي ڪو به ساڻس ڳالهائڻ وارو نه هو. هوءَ پنهنجي ذهن ۾ ڪهاڻيون ٺاهيندي هئي ته جيئن چري نه ٿي وڃي. ڊنگ لنگ جيل ۾ هوندي به لڪي لڪي لکندي هئي. جڏهن کيس ڪاغذ نه ملندو هو، ته هوءَ پنهنجي ذهن ۾ تحريرون ياد ڪندي هئي. سندس جيل واري دور جي لکڻين ۾ صبر ۽ انساني وقار جو ذڪر تمام گهڻو ملي ٿو. هن لکيو:
“قيد خانو صرف ديوارن جو نالو آهي، پر جڏهن انسان سوچڻ ڇڏي ڏئي، ته اصل قيد تڏهن شروع ٿيندو آهي.”
جڏهن هوءَ 1975 سالن جي عمر ۾ آزاد ٿي، ته سندس وار اڇا ٿي چڪا هئا ۽ صحت جواب ڏئي چڪي هئي، پر سندس قلم اڃا به جوان هو. سال 1979 ۾ سندس پارٽيءَ جي ميمبرشپ بحال ڪئي وئي، پر ھاڻ جڏھن هوءَ ٻيهر ادبي دنيا ۾ آئي ۽ ثابت ڪيائين ته سچو اديب جيل جي ديوارن اندر قيد ڪرڻ سان ختم نٿو ٿي سگهي.
ڊِنگ لِنگ جي جيل واري زندگي صرف هڪ درد ۽ پِيڙا جو داستان ناهي، پر اهو عورت جي نہ جهڪڻ يا آڻ نہ مڃڻ واري جذبي جو مثال آهي.
ڊِنگ لِنگ جڏهن جيل ۾ هئي ۽ پنهنجي پٽ کان پري هئي، تڏهن سندس لکيل خط ۽ نظم رڳو هڪ ماءُ جا جذبا نه هئا، پر اهي هڪ اهڙي انسان جو آواز هئا جيڪو پنهنجي ايندڙ نسل کي همت جو سبق ڏيڻ چاهي پيو.
ڊنگ لنگ جيل مان پنهنجي پٽ ڏانهن جيڪي خط ۽ نظم لکي موڪليا، انھن جو روح آزاديءَ جو اصل مفھوم سمجھائڻ ھو.
هڪ ڀيري هن جيل جي اڪيلائيءَ ۾ لکيو:
“منهنجا پٽ! شايد توکي لڳندو هوندو ته تنهنجي ماءُ انهن چئن ديوارن جي پٺيان بيوس آهي. پر ياد رکجانءِ، قيدي اهو ناهي جنهن جا هٿ پير ٻڌل هجن، پر قيدي اهو آهي جنهن جي سوچ کي زنجيرون پيل هجن. مان هتي جسماني طور قيد آهيان، پر منهنجو روح اڄ به انهن کليل ميدانن ۾ گهمي رهيو آهي جتي اسان گڏ هئاسين. تون ڪڏهن به پنهنجي ماءُ جي ڪري ڪنڌ نه جهڪائجانءِ، ڇو ته سچ جي واٽ ۾ جيل وڃڻ هڪ اعزاز آهي.”
ھڪ ٻئي خط نما نظم ۾ هن پنهنجي پٽ کي مخاطب ٿيندي چيو ته هُو زندگيءَ جي سختين کان نه گهٻرائي:
“جيڪڏهن توکي لڳي ته رستو اونداهو آهي،
ته پنهنجي اندر جي ڏيئي کي روشن ڪر.
مون توکي پنهنجي لڙڪن سان نه، پر پنهنجي رت سان لکڻ سيکاريو آهي.
اڄ جيڪي زنجيرون منهنجي پيرن ۾ آهن،
اهي سڀاڻي تنهنجي آزاديءَ جو گيت بڻجنديون.”
جيل ۾ هوندي هن پنهنجي پٽ کي همت ۽ سچائيءَ جا جيڪي خط لکيا، اڄ به پڙهندڙن جي اکين ۾ لڙڪ آڻي ڇڏيندا آهن.
ڊنگ لنگ جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ هڪ تمام اھم ڳالهه ڪئي هئي، جيڪا اسان سڀني لاءِ سبق آهي:
“جيل منهنجي قلم کي وڌيڪ تکو ڪري ڇڏيو. جڏهن توهان وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪو بہ ڪونہ هوندو آهي، تڏهن توهان پنهنجي اندر جي خاموشيءَ کي ٻڌڻ لڳندا آهيو. جيل مونکي ٻڌايو ته هڪ اديب لاءِ سڀ کان وڏي طاقت ‘سچ’ آهي.”
ڊِنگ لِنگ چيني ادب جي اها فولادي عورت هئي جنهن پيار ڪيو ته بنا ڪنهن ڊپ جي: بغاوت ڪئي ته پراڻي سماج سان؛ انقلاب آندو ته پنهنجي قلم سان ۽ جيل ڪاٽيو ته پنهنجي اصولن خاطر. اھو چوڻ بيجا نہ ٿيندو تہ ڊِنگ لِنگ بغاوت جو ٻيو نالو آھي.

ادبي پورھئي تي ھڪ نظر
ڊنگ لنگ هڪ اهڙي طاقتور شخصيت آهي، جنهن عورت جي وجود کي نئين معني ڏني. سندس مشهور تخليق “مس صوفيا جي ڊائري” چيني سماج ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت جي اندروني سچائي، جسماني خواهش ۽ نفسياتي ڇڪتاڻ کي بي باڪيءَ سان بيان ڪيو. هن ثابت ڪيو ته عورت صرف هڪ روايتي ڪردار ناهي، پر هوءَ هڪ آزاد سوچ رکندڙ انسان آهي.
1927ع ۾ هن ڊائريءَ جي شڪل ۾ مشهور ناڳل مِس صوفيا جي ڊائري (Miss Sophie’s Diary) لکيو جنھن چيني سماج ۾ زلزلو آڻي ڇڏيو، ڇو ته ان ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت جي جذباتي، نفسياتي ۽ جنسي خواهشن کي کلئي عام بيان ڪيو ويو هو. ڪهاڻي صوفيا نالي هڪ نوجوان عورت جي چوڌاري ڦري ٿي، جيڪا سِلھ جي مريض آهي. هوءَ بيجنگ جي هڪ سرد ۽ اڪيلي ڪمري ۾ رهي ٿي. صوفيا هڪ اهڙي دور جي نمائندگي ڪري ٿي جتي چين قديم روايتن مان نڪري جديديت ڏانهن وڌي رهيو هو، پر عورت اڃا تائين ذهني طور آزاد نه هئي. هوءَ پنهنجي دور جي روايتي عورت ناهي، پر هڪ اهڙي عورت آهي جيڪا پنهنجي روح ۽ جسم جي آزادي چاهي ٿي.
صوفيا پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکي ٿي ته هوءَ ان وقت جي سماج جي ٻن قسمن جي مردن جي وچ ۾ ڦاٿل آهي. هڪ اُهو جيڪو ساڻس سچي محبت ڪري ٿو پر صوفيا کي اهو ڪمزور لڳي ٿو، ۽ ٻيو هڪ خوبصورت پر خودغرض مرد آهي جنهن ڏانهن هوءَ رڳو جسماني طور ڇڪجي ٿي.
صوفيا پنهنجي جذبن کي لڪائڻ جي بجاءِ کلئي عام بيان ڪري ٿي. هوءَ لکي ٿي ته: “مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته عورت کي پنهنجي پسند جو اظهار ڪرڻ کان ڇو روڪيو وڃي ٿو؟”
ڪهاڻيءَ ۾ صوفيا جي بيماري رڳو جسماني ناهي، پر اها سماج جي ان گُهٽَ ٻُوسٽ جي علامت آهي جيڪا هڪ آزاد خيال عورت کي ساھ کڻڻ نٿي ڏئي.

هن ڪهاڻيءَ کان اڳ چيني ادب ۾ عورت کي صرف هڪ وفادار زال يا بيوس ڌيءَ طور پيش ڪيو ويندو هو. ڊنگ لنگ پهريون ڀيرو هڪ اهڙو ڪردار پيش ڪيو جيڪو غلطيون ڪري ٿو، سوچي ٿو ۽ پنهنجي مرضيءَ سان جيئي ٿو. سندس اھا تخليق چيني ادب ۾ هڪ اهڙو موڙ هئي جنهن پراڻي سماج جا بنياد لوڏي ڇڏيا. هيءَ ڪهاڻي صرف هڪ ڇوڪريءَ جي روزاني جي معمولات ناهي، پر اها هڪ عورت جي روح جي بغاوت آهي.
صوفيا جي ڊائريءَ ۾ اسان کي سندس شخصيت جا ٽي وڏا رخ نظر اچن ٿا:
بيزاري ۽ اڪيلائي: صوفيا پنهنجي زندگيءَ، بيماريءَ ۽ چوڌاري موجود ماڻهن جي منافقت کان بيزار آهي. هوءَ پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکي ٿي ته هوءَ پيار چاهي ٿي، پر اهڙو پيار نه جيڪو کيس نازڪ شئي سمجهي، پر اهڙو جيڪو سندس وجود کي تسليم ڪري.
جذباتي تضاد: صوفيا ٻن مردن جي وچ ۾ ڦاٿل آهي: وي دي (Wei Di) جيڪو ساڻس سچو پيار ڪري ٿو، پر صوفيا کي هو ٻاراڻي طبيعت وارو ۽ ڪمزور لڳي ٿو. هوءَ کيس پسند نٿي ڪري ڇو ته هو سندس اڳيان روئي ٿو. ٻيو لنگ جي يي (Ling Jishi) هڪ قدآور، خوبصورت ۽ پُرڪشش مرد، جنهن ڏانهن صوفيا رڳو جسماني طور ڇڪجي ٿي، جيتوڻيڪ کيس خبر آهي ته هو اندران کوکلو ۽ عام سوچ جو مالڪ آهي.
عورت جي خواهش جو اظهار: هن ڪهاڻيءَ جي سڀ کان وڏي ڳالهه اها هئي ته ان ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت پنهنجي جسماني ۽ رومانوي خواهشن کي بنا ڪنهن خوف جي بيان ڪيو. اهو ان دور جي چيني سماج لاءِ تمام وڏو صدمو هو.
ڪهاڻيءَ جا اهم موضوع
ھن ناول ۾ بيماري ھڪ علامت طور ڏيکاريل آھي. صوفيا جي ٽي بي رڳو بيماري ناهي، پر اهو سماجي گُهٽَ ۽ اڪيلائيءَ جو اُھڃاڻ آهي. ٻيو تہ صوفيا پراڻي زماني جي شريف عورت جي معيارن کي رد ڪري ٿي. هوءَ مردن جي ان سوچ کي چئلينج ڪري ٿي ته عورت صرف هڪ محبوبه يا زال آهي.
ڪهاڻيءَ جي آخر ۾ صوفيا کي پنهنجي پسند (لنگ جي يي) مان مايوسي ملي ٿي. هوءَ محسوس ڪري ٿي ته هو رڳو هڪ خوبصورت چهرو هو، پر سندس روح سان هن جو ڪو رشتو نه هو. هوءَ پاڻ کي ملامت ڪري ٿي ۽ بيجنگ ڇڏي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ٿي. سندس ڊائريءَ جا آخري لفظ تمام تڪليف ڏيندڙ آهن، جتي هوءَ پنهنجي اڪيلائيءَ کي تسليم ڪري ٿي.
ڊنگ لنگ هن ڪهاڻيءَ ذريعي ثابت ڪيو ته عورت جو پنهنجي هڪ آزاد شخصيت (Self) آهي. هن ڪهاڻيءَ کان پوءِ چيني ادب ۾ “فيمينزم” جو بنياد پيو. نقادن جو چوڻ آهي ته صوفيا صرف هڪ ڪردار ناهي، پر اهو ويهين صديءَ جي ان تبديل ٿيندڙ چين جو آواز آهي، جيڪو آزاديءَ لاءِ تڙپي رهيو هو.
ڊنگ لنگ جي هن شاهڪار ڪهاڻيءَ مان ڪجهه اهم پيراگراف صوفيا جي ذهني ڪيفيت، سندس بغاوت ۽ سماج بابت سندس نقطه نظر کي واضح ڪن ٿا.
صوفيا پنهنجي ڊائريءَ جي شروعات هن ريت ڪري ٿي:
”اڄ وري مونکي بخار آهي. هيءَ اڪيلائي ڪنهن زهر وانگر منهنجي رڳن ۾ پکڙجي رهي آهي. هن ڪمري جون چار ئي ديوارون مونکي کائڻ لاءِ اچن ٿيون. ماڻهو چون ٿا ته مان بيمار آهيان، پر کين ڪهڙي خبر ته منهنجي اصلي بيماري هيءَ ٽي بي ناهي، پر اهو احساس آهي ته مان هن دنيا ۾ بلڪل اڪيلي آهيان. مان چاهيان ٿي ته ڪو مونکي سمجهي، پر هتي هرڪو صرف پنهنجي مصلحتن جو غلام آهي.“
جڏهن سندس دوست ‘وي دي’ (Wei Di) کيس پرچائڻ لاءِ روئي ٿو، ته صوفيا پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکي ٿي:
”وي دي اڄ وري منهنجي اڳيان روئي پيو. کيس لڳي ٿو ته پيار ۾ لڙڪ وهائڻ سان هُو منهنجي دل کٽي سگهندو. پر مونکي اهڙا مرد پسند ناهن جيڪي عورت جي اڳيان ٻارن وانگر سڏڪا ڀرين. مونکي هڪ اهڙو مرد کپي جيڪو طاقتور هجي، جنهن جي اکين ۾ هڪ عجيب چمڪ هجي، ڀلي هُو ظالم ئي ڇو نه هجي. مان سندس وفاداريءَ مان بيزار ٿي چڪي آهيان.“
جڏهن هوءَ لنگ جي يي (Ling Jishi) سان ملي ٿي، جيڪو تمام خوبصورت آهي پر ذهني طور کوکلو آهي، تڏھن لکي ٿي:
”جڏهن هن مونکي ڏٺو، ته منهنجو ساهه بيھي ويو. سندس قدآور جسم ۽ چپن جي مرڪ مونکي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهي هئي. پر جيئن ئي هن ڳالهائڻ شروع ڪيو، منهنجي اندر جو خواب ٽٽي پيو. هو ڪيترو نه عاميانه آهي! سندس ذهن ۾ صرف پئسو ۽ سماجي رتبو آهي. مان هڪ اهڙي باهه ۾ جلي رهي آهيان، جتي منهنجو جسم هڪ طرف ڇڪجي ٿو ۽ روح ٻئي طرف.”
صوفيا سماج جي منافقت کي هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿي:
”هيءَ دنيا هڪ وڏو ناٽڪ آهي. اسان سڀ هڪ ٻئي کي خوش ڪرڻ لاءِ نقاب پائي گهمون ٿا. جيڪڏهن مان پنهنجي دل جي ڳالهه کلئي عام چوان ته هي سڀ مونکي بدڪردار چوندا. پر ڇا اهي پاڻ سچا آهن؟ مان گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ڊائريءَ ۾ ته سچي آهيان. مان پنهنجي گناهن ۽ پنهنجي خواهشن کي تسليم ڪريان ٿي.“
ڊنگ لنگ صوفيا جي ڪردار ذريعي ان دور جي عورت جي ان اندروني جنگ کي بيان ڪيو جيڪا هوءَ پنهنجي جذبن ۽ سماجي پابندين جي وچ ۾ وڙهي رهي هئي. صوفيا جو ڪردار اسان کي ٻڌائي ٿو ته:
عورت صرف جذباتي ناهي، هوءَ منطقي ۽ تنقيدي سوچ به رکي ٿ؛ هوءَ رڳو پيار نٿي چاهي، پر پنهنجي شخصيت جي مڃتا چاهي ٿي، ۽ بيماري ۽ موت جو خوف کيس سچ ڳالهائڻ کان نٿو روڪي سگهي.
ڊنگ لنگ جي پنهنجي زندگي ڪنهن فلمي داستان يا هڪ باغي ناول کان گهٽ نه هئي. صوفيا جي ڪردار ۾ جيڪا تڙپ ۽ بي باڪي نظر اچي ٿي، اها اصل ۾ ڊنگ لنگ جي پنهنجي زندگيءَ جي تجربن جو نچوڙ هئي.
کيس ”مس صوفيا جي ڊائري“ لکڻ جي ضرورت انھيءَ ڪري محسوس ٿي جو ڊنگ لنگ جڏهن بيجنگ ۽ شنگهائي جي تعليم يافته عورتن کي ڏٺو، ته هن محسوس ڪيو ته اهي عورتون ٻاهران ته جديد لڳن ٿيون، پر اندران اڃا تائين اڪيلائيءَ ۽ سماجي پابندين جو شڪار آهن. هوءَ چاهي پئي ته دنيا کي خبر پوي ته عورت صرف هڪ مٽيءَ جي مورتي ناهي، جنهن کي سڏڻ تي ھوءَ لبيڪ چوي، پر ان جي اندر به جذبات جو طوفان هوندو آهي.

ان دور تائين چيني ادب ۾ عورت کي صرف مظلوم طور پيش ڪيو ويندو هو. ڊنگ لنگ صوفيا ذريعي پهريون ڀيرو اهڙي عورت متعارف ڪرائي جيڪا سوال ڪري ٿي ۽ ناپسند جو اظهار ڪري ٿي.
ڊنگ لنگ جي زندگي اسان کي ٻڌائي ٿي ته اديب صرف ڪهاڻيون ناهي لکندو، پر هو پنهنجي رت سان انهن ڪهاڻين ۾ روح ڦوڪيندو آهي. جيڪڏهن ڊنگ لنگ پنهنجي زندگيءَ ۾ اهي تڪليفون نه ڏسي ها، ته شايد اسان کي صوفيا جهڙو جيئرو جاڳندو ڪردار ڪڏهن به نه ملي ها.
”سانگان نديءَ تي سج جي روشني“ بہ سندس شاھڪار ناولن مان ھڪ ھو جنھن کي عالمي سطح تي مڃيو ويو. ھيءُ ناول بہ نہ رُڳو تمام گهڻو مشهور ٿيو، پر انھيءَ تي کيس 1951ع ۾ سوويت يونين پاران “اسٽالن انعام” ڏنو ويو. هن ناول جا موضوع اڪثر ڪري پورهيت عورتون، هارين جا مسئلا ۽ عورتن جي سماجي آزادي هئا.
سندس آزاديءَ واري دور جي لکڻين ۾ ڪيترائي تنقيدي مضمون، ڪھاڻيون ۽ ڊگھا افسانا شامل آهن. سندس لکڻين جا چونڊ حصا انگريزيءَ ۾ “Miss Sophie’s Diary and Other Stories” (1985ع) ۽ “I Myself Am a Woman” (1989ع) جي نالن سان شايع ٿيا.
(ھيءُ مضمون مختلف ويب سائيٽن تي موجود مواد جي مدد سان لکيو ويو)
____________

نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.



