هاءِ ڙي جنگ! انساني رت جي قيمت تيل جي قيمت کان بہ گهٽجي وئي آهي
اڄوڪي دور جو سڀ کان وڏو الميو اها بي حسي آهي، جيڪا بارود جي بوءِ کان به وڌيڪ زهريلي ۽ خطرناڪ بڻجي چڪي آهي. عالمي طاقتن جي پھرين ترجيح ايراني نار جي حفاظت ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ جو استحڪام هوندي آهي.
حڪمران طبقو انساني جانين جي زيان تي ايترو پريشان ناهي ٿيندو، جيترو کيس ڊالر جي اڏام ۽ تيل جي اگهن جي ڳڻتي هوندي آهي. جنگ اڄ جي دور جي فرعونن لاءِ رڳو هٿيار وڪڻڻ جو هڪ منافعي بخش ڪاروبار بڻجي چڪي آهي، جتي مظلومن جون دانھون ۽ آهون جديد ميزائلن جي گونج ۾ دٻجي دم ٽوڙي ڇڏين ٿيون.

ساڀيان سانگي
اڄوڪي دور جو سڀ کان وڏو الميو اها بي حسي آهي، جيڪا بارود جي بوءِ کان به وڌيڪ زهريلي ۽ خطرناڪ بڻجي چڪي آهي. جنگ رڳو هٿيارن جي ٽڪراءَ جو نالو ناهي، پر هيءُ ته زندگيءَ جي سونھن کي رَک ڪري ڇڏڻ جو هڪ وحشياڻو عمل آهي. جڏهن به اُڀ تي جنگ جا ڪارا ڪڪر ڪاھي ٿا پون تڏهن انسانيت سوز عذابن تي ڳوڙها ڳاڙڻ بدران، دنيا کي اها ڳڻتي وڌيڪ کائي ٿي ته مھانگائيءَ جو طوفان ايندو، يورپ ۽ وچ اوڀر جي معيشت لڏي ويندي ۽ تيل جي فراهمي متاثر ٿيندي.
افسوس! جو اڄ جو انسان ايترو ماديت پرست ٿي ويو آهي، جو کيس بمباريءَ جي گونج ۽ ميزائيلن جي وسڪاري سان نشانو بڻايل پنھنجي ڪاميابي ته ڳڻائڻ اچي ٿي، پر انهن هيبتناڪ آوازن جي پويان انسانن جي ذهنن ۽ دلين تي لڳندڙ گھرن زخمن جو ڪو احساس نٿو ٿئي.
اڄوڪي دنيا جو سڀ کان ڏکوئيندڙ پاسو اهو ئي آهي ته انساني رت جي قيمت تيل جي قيمت کان گهٽجي وئي آهي. جڏهن ايران يا ان جي ڀرپاسي واري خطي ۾ جنگي صورتحال پيدا ٿئي ٿي، ته عالمي طاقتن جي پھرين ترجيح ايراني نارStrait of Hormuz جي حفاظت ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ جو استحڪام هوندي آهي.
انسان مرن ٿا!
بمباري، ميزائلن ۽ جنگي آوازن جو انسانن جي ذهنن ۽ دلين تي ڪھڙو اثر پوندو هوندو؟ ڪيئن ماڻهن جون دليون دهلجي وينديون هونديون؟ ڪيئن ڌماڪن جا آواز ٻڌي ٻار ڪيھاٽ ڪندا هوندا؟ ڪيئن مائن جي جهولين ۾ پناهه وٺندا هوندا؟
ڪيئن پيئرن ۾ لڪندا ھوندا ۽ ڪيئن ڪي هندورن ۽ هنجن مان ڇڄي لھو لھو ٿيندا هوندا؟
ايراني نار جي ڳڻتي آهي، تيل ڍوئيندڙ سامونڊي جھازن جو فڪر آهي، معيشت جي ڳڻتي آهي، پر انساني زندگيءَ جي ڪا ڳڻ ڳوت ناهي. بس، ھڪ طرف ڳالهيون آھن جنگ بنديء جون، ته ٻئي طرف بنا دير دوکي سان وري وري حملن جي تيزي آھي، پر معصوم زندگين سان راند کيڏڻ جي ريت کي ٻنجو ناھي.
ھي موت ۽ ڏهڪاءُ جا نفسياتي اثر ، خوفائتا آواز ،
اجڙندڙ گهر، ڳوٺ، شھر،انسانن جا ٽڪرا، رت جا ريلا…..
ڇا اهو سڀ ثانوي آهي؟
انسان جي زندگي، ان جو رت، سڀ بي معني آهي ؟
حڪمران طبقو انساني جانين جي زيان تي ايترو پريشان ناهي ٿيندو، جيترو کيس ڊالر جي اڏام ۽ تيل جي اگهن جي ڳڻتي هوندي آهي. جنگ اڄ جي دور جي فرعونن لاءِ رڳو هٿيار وڪڻڻ جو هڪ منافعي بخش ڪاروبار بڻجي چڪي آهي، جتي مظلومن جون دانھون ۽ آهون جديد ميزائلن جي گونج ۾ دٻجي دم ٽوڙي ڇڏين ٿيون.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته انهن هيبتناڪ ڌماڪن جا آواز ٻڌي ٻارن جي معصوم دلين تي ڪھڙي قيامت گذرندي هوندي؟
جنگ رڳو جسم کي نٿي ماري، اها روح جو به قتل عام ڪري ٿي. ٻارن جي ذهنن تي اهڙا خوفناڪ نقش ڇڏي ٿي، جيڪي سڄي عمر مٽجي نٿا سگهن.
جيڪي ٻار سڌو سنئون ميدانِ جنگ ۾ موجود ناهن، اهي به سوشل ميڊيا جي ذريعي اها تباهي ڏسي گڏيل صدمي (Collective Trauma) جو شڪار ٿي رهيا آهن. مختلف ڌماڪن جي گونج معصوم لاشعور ۾ اهڙي طرح گهر ڪري وڃي ٿي، جو کين عام زندگيءَ جا معمولي آواز به دهشت ۽ وحشت ۾ ويڙھي وڃن ٿا.
اڄ ”انسانيت“ جا نعرا ته ڏاڍا بلند آهن، پر عملي طور تي عالمي حڪمران پنھنجن مادي مفادن جا غلام بڻيل آهن. هڪ پاسي امن جون ڳالهيون ۽ جنگ بنديءَ جا دلاسا آهن، ته ٻئي پاسي منافقيءَ سان حملن ۾ تيزي آندي وڃي ٿي. ڪجهه حڪمران دوستيءَ جي اوٽ ۾، دشمنن جي ئي مدد پيا ڪن، پاڻ وڻائڻ جي چڪر ۾ پنھنجن جو ئي نقصان پيا ڪن.
هڪڙا ظاهري ظالم ۽ ٻيا رحمدليءَ جو ڪوٽ پائي، کاٽ ھڻندڙ دشمن جي کيسن کي سنگهي ھٿ ٻڌي بيٺل!
اها بي حسيءَ جي انتھا آهي ته جڏهن هڪ قوم عذاب جي باهه ۾ سڙي رهي هجي، تڏهن باقي دنيا پنھنجي پنھنجي سياسي ۽ معاشي مفادن جي نشي ۾ مست هجي.
ايران هجي يا فلسطين، يمن هجي يا يوڪرين، جتي به انساني رت وهي ٿو، اتي پوري انسانيت جو قتل ٿئي ٿو. جنگي سوچ رڳو عمارتون ناهي ڪيرائيندي، پر اها انساني اخلاقيات جي پاڙن کي به پٽي ڇڏيندي آھي.
ڪاش! اسان انسانن کي ڪک پن سمجهڻ بدران انسان سمجهون، ان جي اھميت ۽ درد کي سمجهي سگهون.
جنگيون ڇڏي امن جا ڳيچ ڳايون! ڀٽائيءَ جي دعا کي ڪائنات جي چپي چپي تي چھچ ساون وڻن جيئن پوکيون، جو ان جي ڇانوَ مان به ان جو ساءُ اچي ته ھوا گهلڻ سان ان جي سڳنڌ مان به اھا سرھائي ملي ته
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
___________

شاعر ۽ اديب ساڀيان سانگي ڪراچيءَ جي ھڪ سرڪاري ڪاليج ۾ پروفيسر آھي. سندس شاعريءَ جا ٻہ مجموعا ڇپجي چُڪا آھن




تجزيو پُر اَثر آھي سوچ جي گھرائيءَ سان لکيل تحرير آھي ساڀيان سانگي آخر تہ شاعرہ آھي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي تہ شاعر پنهنجي دور جي تاريخ لکندا آھن
ساڀيان جا لفظ دل جي گهراين مان نڪتل لڳن ٿا—۽ سچ پچ، اڄ جي عالمي سياست جو سڀ کان وڏو الميو به اهو ئي آهي: نعرا انسانيت جا، عمل مفادن جا.