Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

موئن جو دڙو: وقت جي دز ۾ گُم ٿيل اصل نالو ۽ ھڪ ڀارتي محقق جي مفروضي جو جائزو 

ڪُڪَڙن جو شهر (Rooster City) مفروضو: ايرواٿم مهاديون جي نظر ۾ موئن جي دڙي جي اصل نالي جي نئين سر پرک

ُمهاديون جو مفروضو دلچسپ ضرور آهي، پر اڃا تائين رڳو هڪ گمان جي حد تائين آهي. آثار قديمه مان اڃا تائين اهڙو ڪو پختو ثبوت نه مليو آهي جيڪو ڪُڪڙ کي سڌي طرح شهر جي سرڪاري سڃاڻپ سان ڳنڍي سگهي.

جيستائين سنڌو لکت (Indus Script) جو حتمي فيصلو نه ٿيندو، تيستائين موئن جي دڙي جو اصل نالو لِڪل ئي رهندو.

مسيني ڏاھپ سان ٺاھيل خاڪو

تحرير: ديباشري چڪرورتي

سنڌو تهذيب جي ڪيترن ئي رازن ۾، قديم شهر موئن جو دڙو سڀ کان وڌيڪ پراسرار حيثيت رکي ٿو. موجوده سنڌ، پاڪستان ۾ 2500 ق.م جي لڳ ڀڳ آباد هي شهر شهري رٿابندي، صفائي جي نظام ۽ سماجي تنظيم جو هڪ شاندار مثال آهي. پر ڪيترن ئي ڏهاڪن جي کوٽائي ۽ مطالعي جي باوجود، هڪ بنيادي ڳالهه اڃا تائين نامعلوم آهي: هن شهر جو اصل نالو.

تحريري رڪارڊ جي اڻاٺ سبب محققن کي آثار قديمه، لسانيات ۽ علامتي تشريحن جهڙن اڻ سڌن طريقن تي ڀاڙڻو پوي ٿو ته جيئن ان جي سڃاڻپ جي ڪڙين کي ڳنڍي سگهجي. هن گم ٿيل نالي کي ڳولڻ جي هڪ اهم ڪوشش سنڌو لکت جي ماهر ايرواٿم مهاديون ڪئي هئي، جنهن “ڪڪتارما” (Kukkutarma) نالو تجويز ڪيو هو، جنهن جي معنيٰ آهي “ڪُڪڙن جو شهر”.

مهاڊيون جي لساني بصيرت

مهاديون جو هي مفروضو علمِ ڪتبہ (Epigraphy) ۽ دراوڙي لسانيات جي ميلاپ تي ٻڌل آهي. هن تجويز ڪيل لفظ کي ٻن حصن ۾ ورهايو:

kukkuta  جي معنيٰ ڪيترن ئي هند-آريائي ۽ دراوڙي ٻولين ۾ “ڪڪڙ” يا “مرغ” آهي.

-rmaجنهن کي ڪنهن جڳهه، شهر يا وسنديءَ جي سڃاڻپ طور ورتو ويو آهي.

اھي لفظ گڏجي “ڪڪتارما” بڻجن ٿا، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته موهن جو دڙو ڪنهن زماني ۾ ڪُڪڙ سان منسوب شهر طور سڃاتو ويندو هو. هي نالو رڳو اندازو نه هو، بلڪه مهاڊيون “ريبس اصول” (Rebus Principle) جي مدد ورتي هئي جيڪو هڪ اهڙو طريقو آھي جنھن ۾ علامتون سڌي تصوير جي بجاءِ آوازن يا لفظن جي نمائندگي ڪن ٿيون.

ريبس اصول ۽ سنڌو لکت

سنڌو لکت، جيڪا مهرن، ٿانون ۽ تختين تي ملي ٿي، سوين نشانين تي مشتمل آهي. ڪنهن بہ لساني لکت (جهڙوڪ روزيٽا اسٽون) جي غير موجودگي ۾ ان کي پڙهڻ هڪ چيلنج بڻيل آهي. مهاڊيون ۽ ٻين عالمن جو خيال آهي ته ڪيتريون ئي علامتون “ريبس” طور ڪم ڪن ٿيون، جتي هڪ تصوير جو مطلب اها تصوير ناهي، پر ان سان ملندڙ جلندڙ آواز وارو ڪو ٻيو لفظ هوندو آهي. مثال طور، ڪُڪڙ وانگر نظر ايندڙ نشان جو مطلب شايد ڪو اهڙو تصور هجي جيڪو قديم دراوڙي ٻوليءَ ۾ ڪُڪڙ جي نالي سان مشابهت رکندو هجي.

ڪُڪڙ جي ثقافتي اهميت

جيڪڏهن موئن جو دڙو واقعي “ڪُڪڙن جو شهر” هو، ته ان جا گهرا مطلب ٿي سگهن ٿا. ڪيترين ئي قديم تهذيبن ۾ ڪُڪڙ کي علامت طور استعمال ڪيو ويندو هو:

صبح ۽ بيداري: اونداهي تي روشني جي فتح جو اعلان.

تحفظ: يقين ڪيو ويندو هو ته هي بدروحن کي ڀڄائي ٿو.

قرباني ۽ رسمون: مذهبي تقريبن ۾ استعمال.

زرخيزي ۽ توانائي: زندگي جي چڪر ۽ تجديد جي علامت.

سنڌو سڀيتا جي حوالي سان، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪُڪڙ رڳو خوراڪ لاءِ نه هئا، پر شايد سماجي رسمن يا علامتي نظام ۾ به سندن وڏو مقام هو.

آثار قديمه جا اشارا ۽ حدون

جيتوڻيڪ سنڌو لکت ۾ جانورن (خاص ڪري هڪ سڱي گهوڙي يا يونِي ڪورن) جون مهرون عام آهن، پر ڪڪڙ جي تصويرن جي موجودگي تي اڃا بحث جاري آهي. مهاڊيون جو مفروضو دلچسپ ضرور آهي، پر اڃا تائين رڳو هڪ گمان جي حد تائين آهي. آثار قديمه مان اڃا تائين اهڙو ڪو پختو ثبوت نه مليو آهي جيڪو ڪڪڙ کي سڌي طرح شهر جي سرڪاري سڃاڻپ سان ڳنڍي سگهي.

مفروضن ۽ ثبوتن جي وچ ۾

مهاديون جو “ڪڪتارما” وارو مفروضو علمي تخيل ۽ حقيقي ثبوتن جي وچ ۾ توازن جو هڪ مثال آهي. هي اسان کي مجبور ڪري ٿو ته اسين موئن جي دڙي کي رڳو سرن ۽ رستن جو شهر نه، پر هڪ جيئري جاڳندڙ ثقافت طور ڏسون، جيڪا نشانين ۽ مقدس عقيدن سان ڀرپور هئي.

نتيجو: اڻ ڄاتل کي نالو ڏيڻ

اهو خيال ته موئن جو دڙو ڪنهن زماني ۾ “ڪڪتارما” سڏبو هوندو، هن عظيم شهر جي تاريخ ۾ هڪ شاعراڻو ۽ علامتي رنگ ڀري ٿو. هي مفروضو ثابت ٿئي يا نه، پر مهاڊيون جي هن تجويز بحث جا نوان در کولي ڇڏيا آهن. جيستائين سنڌو لکت پڙهي نه ويندي، تيستائين ان جو اصل نالو لڪيل رهندو، پر اهڙن مفروضن ذريعي اسين ان وساريل آواز کي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري سگهون ٿا، جنهن شايد ڪڏهن هن عظيم شهر کي ڪنهن ٻئي نالي سان پڪاريو هجي.

_______________

دييباشري چڪرورتي بنگالي ٻوليءَ جي هڪ مشهور ناول نگار آهي. ڪولڪتا، اولهه بنگال (ڀارت) سان تعلق رکندڙ هن اديبا ڪولڪتا يونيورسٽيءَ مان جديد تاريخ ۾ ماسٽرز ڪئي آهي. هن اٽڪل ٽيهه ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ اڪثريت تاريخي تناظر ۽ موضوعن تي ٻڌل ناولن جي آهي. سندس ناول ’مهاراجا ڏاهر‘، جيڪو سنڌ جي تاريخ جي ان دور کي سميٽي ٿو جڏهن 662ع ۾ عرب فوجن سنڌ تي پهريون حملو ڪيو هو، سال 2024 ۾ شايع ٿيو. هن اهم تاريخي ناول جو سنڌي ترجمو نصير اعجاز ڪيو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

4 رايا

  1. زبردست ،اسان کي پنھنجي تھذيبي آثارِن لاءِ گھڻ رخي تحقيق ڪرڻي پوندي

  2. آئون سمجهان ٿو تَ ھي ليک تاريخ جي محققن لاءِ نوان لاڙا پيدا ڪري سگهي ٿو.

  3. نصیر اعجاز کی گھررجی تہ درست ترجمون کری۔ مون اھو آرٹیکل انگریزی م پڑھیو آھی ء سنبھالی رکیو آھی ۔

    1. ترجمو مون ڪونہ ڪيو آھي. ڪا غلطي ھجي تہ نشاندھي ڪريو. ايئن ھوائي ڳالھ کان پاسو ڪريو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button