طوفاني هوائن جا خطرا: شهري خطرن جي نوعيت تبديل ٿي چُڪي آهي
شهري خطرا هاڻي رڳو پاڻيءَ جي سطح تائين محدود ناهن رهيا، پر هوائن جي شدت ۽ غير محفوظ شهري ڍانچن جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپو جاني ۽ مالي نقصان جو اهم ڪارڻ بڻجي رهيو آهي
ڪراچيءَ ۾ تازو اشتهاري بورڊ، سولر پينل، ڪمزور بنيادن واريون عمارتون، ديوارون ۽ عارضي ڍانچا شديد متاثر ٿيا۔ ماڙيپور ۾ گهٽ برسات جي باوجود بجلي جا ٿنڀا ڪرڻ ۽ ڇتين جي اڏامڻ جهڙا واقعا پيش آيا

محمد احسان لغاري
ڪراچيءَ ۾ تاريخي طور تي چؤماسي دوران شهري ٻوڏن کي نيڪالِ آب جي نظام جي ناڪامي سان ڳنڍيو ويندو رهيو آهي، پر 18 مارچ 2026 جي موسمياتي واقعي هڪ اهم ۽ سنجيده حقيقت کي اجاگر ڪيو آهي۔ هن مختصر مگر اثرائتي طوفان اهو ثابت ڪيو آهي ته شهري خطرا هاڻي رڳو پاڻيءَ جي سطح تائين محدود ناهن رهيا، پر هوائن جي شدت ۽ غير محفوظ شهري ڍانچن جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپو جاني ۽ مالي نقصان جو اهم ڪارڻ بڻجي رهيو آهي۔
ٿوري وقت لاءِ آيل مينهن، تيز هوائن ۽ گجگوڙ اسان کي واضح طور تي اهو سمجهايو آهي ته اسان جا اڏاوتي ڍانچا، انتظامي نظام، طرزِ حڪمراني ۽ عوامي رويا گڏجي شهري غيرمحفوظيت کي وڌائي رهيا آهن۔ ان پسمنظر ۾ شهري رٿا بندي ۽ تعميراتي نظام ۾ هوا جي اثر يا ايروڊائينامڪس کي نئين سر سمجهڻ ضروري ٿي چڪو آهي۔ ساڳئي وقت، روايتي ”ري ايڪٽ اينڊ فارگيٽ“ يعني آفت کانپوءِ عارضي قدم کڻڻ ۽ پوءِ وساري ڇڏڻ واري طرزِ عمل کي ختم ڪرڻ به وقت جي اهم گهرج آهي۔
طوفاني شدت ۽ علائقائي اثرن جو تجزيو
ارڙھين مارچ جي طوفان دوران حاصل ٿيل انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته تباهي جو بنيادي سبب وڌيڪ برسات نه، پر تيز رفتار هوائون هيون، جيڪي شهر جي عام اڏاوتي برداشت کان وڌيڪ هيون۔ صدر ۾ صرف 9 ملي ميٽر ۽ گلستانِ جوهر ۾ 13 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي، جڏهن ته هوائن جي رفتار ماڙيپور ۾ 97 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ۽ شاهراهه فيصل تي 90 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين پهتي۔
انهن حالتن ۾ اشتهاري بورڊ، سولر پينل، ڪمزور بنيادن واريون عمارتون، ديوارون ۽ عارضي ڍانچا شديد متاثر ٿيا۔ ماڙيپور ۾ گهٽ برسات جي باوجود بجلي جا ٿنڀا ڪرڻ ۽ ڇتين جي اڏامڻ جهڙا واقعا پيش آيا، جڏهن ته بلديا ٽائون جي مواڇ ڳوٺ ۾ هڪ عمارت جي ڇت ڪرڻ سبب 13 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا۔ اهي حقيقتون واضح ڪن ٿيون ته شهر جي غيرمحفوظيت هاڻي رڳو برساتي نالن تائين محدود ناهي رهي، پر هر ان هنڌ تائين پکڙجي وئي آهي جتي غيرمحفوظ اُڀا يا مٿانهان ڍانچا موجود آهن۔

سولر توانائي ۽ اسٽيل جي معيار جا فني چئلينج
سولر توانائي جو وڌندڙ استعمال هڪ هاڪاري ترقي آهي، پر ان سان گڏ انجنيئرنگ جي معيارن کي نظرانداز ڪرڻ نوان خطرا پيدا ڪري رهيو آهي۔ پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو سولر ڍانچا 14گيج مائلڊ اسٽيل مان تيار ڪيا وڃن ٿا، جيڪي بلڊنگ ڪوڊ مطابق گهربل 120 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي هوائن جي برداشت تي پورا نٿا لهن۔
هتي هڪ بنيادي فني ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته اسٽيل گيج جي ماپ ۾ “گهٽ گيج نمبر” جو مطلب “وڌيڪ ٿلهو ۽ مضبوط اسٽيل” هوندو آهي۔ يعني 12گييج اسٽيل، 14گييج کان وڌيڪ مضبوط هوندو آهي۔ موجوده صورتحال ۾ 14گييج ڍانچا تقريبن 80 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار تي مڙڻ شروع ڪن ٿا ۽ 110 ڪلوميٽر رفتار تي ناڪام ٿي سگهن ٿا، جيڪو واضح طور تي خطري جي حد اندر اچي ٿو۔
جڏهن اهڙا ڍانچا ناڪام ٿين ٿا، ته 20 کان 30 ڪلو وزني سولر پينل تيز هوائن ۾ خطرناڪ شين ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا۔ تنهن ڪري توانائي پاليسي سان گڏ تعميراتي ضابطن جي هم آهنگي، معياري ڊيزائن، ۽ 12گييج يا ان کان بھتر اسٽيل جو استعمال لازمي بڻائڻ ضروري آهي۔
اشتهاري بورڊ ۽ انتظامي ڪمزوريون
ڪراچيءَ ۾ اشتهاري بل بورڊن جو مسئلو رڳو انجنيئرنگ جو نه، پر انتظامي ڪمزوريءَ جو به عڪاس آهي۔ جيڪڏهن انهن ڍانچن ۾ هوا جي گذر لاءِ مناسب جڳهه نه هجي، ته اهي پاڻ “شهري سڙه” (urban sails) بڻجي وڃن ٿا، جيڪي هوا جي دٻاءَ کي روڪي خطرناڪ اپ لفٽ ۽ پاسن واريون قوتون / فورسز پيدا ڪن ٿا۔
پنجھترفُٽن جي اوچائي تي لڳل هڪ بل بورڊ تي 97 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان لڳندڙ هوا جو دٻاءُ ان جي بنيادن جي برداشت کان گهڻو وڌيڪ ٿي سگهي ٿو، خاص طور تي جڏهن اهي بنياد انجنيئرنگ معيارن مطابق نه هجن۔ نتيجي طور اهي ڍانچا ڪرڻ، جهڪڻ يا ٽٽڻ جو سبب بڻجن ٿا۔
ان کان علاوه، ڪيترن ئي واقعن ۾ اشتهاري ڪپڙو يا ڍانچو ڊرائيورن جي نظر کي متاثر ڪري ٿو، جنهن سان روڊ حادثن جو خطرو وڌي وڃي ٿو۔ بجلي جي تارن تي ڪرڻ يا روڊن تي اوچتو ڪرڻ جهڙا واقعا به ان سان ڳنڍيل آهن۔ عدالتن جي واضح هدايتن باوجود اهڙيون اڏاوتون اڃا تائين شهر ۾ موجود آهن، جيڪي انتظامي ڪمزوريءَ کي ظاهر ڪن ٿيون۔
انتظامي پهلو ۽ ادارتي سھڪار
شهري لچڪ صرف انجنيئرنگ سان حاصل نٿي ٿي سگهي، پر ان لاءِ موثر طرزِ حڪمراني ضروري آهي۔ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي وٽ سوين عمارتون “خطرناڪ” قرار ڏنل آهن، پر قانوني ۽ سماجي رڪاوٽن سبب انهن تي عملدرآمد محدود آهي۔ غير قانوني واڌايل ۽ اضافي منزلون پڻ اڏاوتي ڪمزوري وڌائن ٿيون۔ ادارن، خاص طور تي موسميات کاتي ۽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي وچ ۾ رابطي جي کوٽ، فيصلا سازي کي متاثر ڪري ٿي۔ ان لاءِ هڪ گڏيل ادارتي فريم ورڪ، ڊيٽا شيئرنگ ۽ واضح جوابدهي جو نظام ضروري آهي۔
اطلاع ۽ هنگامي رابطي جو جديد نظام
شهري خطري جي انتظام ۾ اطلاع جو نظام مرڪزي حيثيت رکي ٿو۔ ڪراچي ۾ موجوده ايس ايم ايس بنياد تي الرٽ نظام محدود اثرائتو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو نه تيز آهي ۽ نه ئي جاگرافيائي حدبندي جي صلاحيت رکي ٿو۔
ان لاءِ “سيل براڊ ڪاسٽ” جهڙي ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ ضروري آهي، جيڪا مخصوص علائقن ۾ فوري طور تي سڀني موبائيل فونن تائين اطلاع پهچائي سگهي ٿي۔ ساڳئي وقت هڪ گهڻ-چينل نظام، جنهن ۾ سوشل ميڊيا، ريڊيو، موبائيل ايپس، مسجدن جا لاوڊ اسپيڪر ۽ ڪميونٽي نيٽ ورڪ شامل هجن، لازمي آهي۔
اطلاع کي صرف خبرداري نه، پر واضح هدايتن تي ٻڌل هجڻ گهرجي، جيئن ماڻهن کي فوري ۽ صحيح عمل ڪرڻ ۾ مدد ملي۔
عالمي تجربن مان سکڻ
ميامي ۽ هانگ ڪانگ کان علاوه ٻيا سامونڊي شهر پڻ اهم سبق ڏين ٿا۔ ٽوڪيو ۾ عمارتن لاءِ سخت هوا ۽ زلزلي جا گڏيل معيار لاڳو ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سنگاپور ۾ عمارتن جي ٻاهرين ڍانچن ۽ اشتهاري بورڊن لاءِ باقاعده انسپيڪشن لازمي آهي۔ دبئي ۾ تيزهوائن ۽ ريگستاني حالتن کي نظر ۾ رکندي اعلي معيار جي مواد ۽ ڊيزائن کي يقيني بڻايو وڃي ٿو۔
انهن سڀني مثالن مان هڪ ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته تعميراتي ضابطن، سخت نگراني ۽ مستقل عملدرآمد سان ئي شهري خطري کي گهٽائي سگهجي ٿو

اڳتي جي واٽ
موجوده حالتن ۾ ڪراچي لاءِ ضروري آهي ته تعميراتي ضابطن ۾ هوائن جو/ ونڊ لوڊ معيارن کي رڳو شامل نه ڪيو وڃي، پر انهن تي سخت ۽ بنا ڪنهن رعايت جي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي۔ ان لاءِ بلڊنگ ڪوڊ آف پاڪستان کي مقامي حالتن مطابق اپڊيٽ ڪري، خاص طور تي ساحلي شهرن لاءِ الڳ ونڊ زوننگ ۽ ڊيزائن گائيڊ لائينز تيار ڪرڻ گهرجن۔ سڀني نمايان ۽ مٿانهين ڍانچن؛ جهڙوڪ اشتهاري بورڊ، سولر سسٽم، ٽاورز ۽ عارضي اڏاوتون، لاءِ لازمي رجسٽريشن، ڊيزائن سرٽيفڪيشن ۽ باقاعده انسپيڪشن جو نظام متعارف ڪرائڻ ضروري آهي، جنهن ۾ ٽئين ڌر طرفان (third-party) انجنيئرنگ تصديق پڻ شامل هجي۔
ان سان گڏ، شهر ۾ “اسٽرڪچرل/اڏاوتي آڊٽ” کي هڪ مستقل عمل بڻائڻ گهرجي۔ خاص طور تي پراڻن علائقن، غير رسمي آبادين ۽ انهن هنڌن تي جتي غير قانوني واڌايون عام آهن، اتي خطري جي سڃاڻپ ۽ مرحليوار بهتري لاءِ واضح حڪمت عملي هجڻ گهرجي۔ مالي سطح تي “ريزيلينس بانڊز”، خطري تي ٻڌل انشورنس (risk-based insurance) ۽ ڪاروباري عمارتن لاءِ لازمي اڏاوتي انشورنس جهڙا اوزار متعارف ڪرائڻ سان نه رڳو وسيلن جي فراهمي ممڪن ٿيندي، پر خانگي شعبي کي به حفاظتي معيارن تي عمل ڪرڻ لاءِ ترغيب ملندي۔ ساڳئي وقت، شهري رٿا بندي ۾ “لچڪ” کي مرڪزي حيثيت ڏئي زمين جي استعمال، تعميراتي اجازت نامن ۽ انفراسٽرڪچر ڊيزائن کي موسمي حقيقتن سان هم آهنگ ڪرڻ لازمي آهي۔
ڪراچيءَ جي شهري چئلينجن کي هاڻي الڳ الڳ مسئلن طور ڏسڻ ممڪن ناهي؛ پاڻي، هوا ۽ اڏاوتي ڍانچو هڪ گڏيل نظام جو حصو بڻجي چڪا آهن۔ 18 مارچ جو واقعو رڳو هڪ حادثو نه، پر هڪ اهڙو اشارو آهي جيڪو ٻڌائي ٿو ته شهري خطري جي نوعيت تبديل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته اسان جو انتظامي ۽ انجنيئرنگ ردِعمل اڃا به پراڻي سوچ ۾ قيد آهي۔
جيڪڏهن هن صورتحال کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو، ته اهڙا واقعا وقت سان گڏ وڌيڪ شدت ۽ تعداد سان ظاهر ٿيندا۔ ان جي ابتڙ، جيڪڏهن انجنيئرنگ اصولن، موثر طرزِ حڪمراني، جديد اطلاع نظام ۽ عالمي تجربن مان سکندي اڳواٽ قدم کنيا وڃن، ته ڪراچي کي هڪ وڌيڪ محفوظ ۽ لچڪدار شهر بڻائي سگهجي ٿو۔
طوفان ته ڪڏهن نہ ڪڏهن ايندو؛ پر ڇا اسان جو شهر ان کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار هوندو۔
سگھارو ڪراچي، تہ سگھاري سنڌ!
__________

محمد احسان لغاري پاڻيءَ وارن معاملن جو ماھر، انڊس رِور سسٽم اٿارٽيءَ ۾ سنڌ جو اڳوڻو نمائندو ۽ سيڊا جو اڳوڻو مئنيجنگ ڊائريڪٽر آھي



