Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

جنگ، انساني سوچ ۽ سمجهه جي ناڪاميء جو ثبوت آھي

هن بدنصيب ڌرتيء تي، نفرتون ڪندي رت جا ريلا وهائڻ وارا اهو به ته ٻڌائن، رت جي ريج سان ڪڏهن زمينن ۾ اناج ڦٽا يا وڻن ڦر ڏنا آهن؟ جيڪڏهن نه ته اهڙي ڪڌي ڪم بدران، پيار جا مينهن ڇو نه ٿا وسائجن

حميد منگي

هن وقت تائين جو عقل، علم ۽ تجربا ٻڌائين ٿا ته، انسان جي ترقيء جو سفر تڏهن شروع ٿيو، جڏهن ان جي سوچ سفر ڪرڻ شروع ڪيو هئو ۽ انسان وري سوچڻ تڏهن شروع ڪيو، جڏهن هن يڪسانيت واري زندگيء مان بيزار ٿي، نواڻ جا رستا ڪڍڻ شروع ڪيا هئا۔ انسان جو وڏي عرصي کان ساڳين حالتن ۾ وڻن جي مٿانهين ٽارين توڙي غارن ۾ لڪي ڪري ننڊون ڪرڻ، صبح ۽ سانجهيء جو کاڌي پيتي جي شين جي ڳولها ۾ ڊگها سفر ڪرڻ، اتفاق سان شيون گهٽ تعداد ۾ ملن ته پاڻ جهڙن سان وڙهي پوڻ، خطرناڪ جانورن ۽ جيت جڻن کان پاڻ کي ۽ ٻچن کي بچائڻ سميت کوڙ سارن روزاني جي ساڳين ڪمن کيس سوچڻ تي مجبور ڪيو ته، هو ڪي اهڙا ڪم ڪري، جنهن سان کيس تحفظ به ملي، جهجهي مقدار ۾ کاڌ خوراڪ وارين شين تائين رسائي به ٿئي ۽ پنهنجو آرام به پورو ڪري سگهي۔

اهڙيء طرح ٽولن جي صورت ۾، انسان رلندو، رمندو جڏهن ميداني علائقن ۾ پهتو، کيس ڄڻ ته اڌ منزل ملي وئي هئس، جو هن کي اهي خونخوار جانور جيڪي جهنگن جي جهاڙين ۾ لڪي حملو ڪندا هئا، اهي کيس پري کان به ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا۔ مطلب ته ميداني علائقن ۾ کيس پنهنجي تحفظ جو احساس ٿيڻ لڳو۔ اڳتي هلي جڏهن ميداني علائقن ۾ بيٺل پاڻيء جا دٻا يا وهندڙ پاڻيء جا آثار نظر آيا ته، کيس اڃ اجهائڻ جو به موقعو ملي ويو، باقي رهيو خوراڪ جو بندوبست ته هو ويجهن جهنگن مان وڻن جي ٿڙن مان ميوو پٽي يا پاڻيء ۾ ترندڙ مڇيون پڪڙي، اتي ئي کائي پي ڪنهن وڻ تي سمهي پوندو هئو۔ اڳتي هلي اهڙن ئي علائقن ۾ هن پنهنجا اجها اڏڻ ۽ پوکون ڪرڻ سميت ٻيا ڪيترائي ڪم شروع ڪيا ۽ جڏهن نتيجا سٺا نڪتا ته، هن ڪجهه سک جو ساهه کنيو ۽ پڻ سندس سوچ به مضبوط ٿيس۔

سياڻا چوندا آهن ته، فردن ۽ نسلن جي جڏهن سوچ مضبوط ٿيندي آهي ته، اهي بهتريء ڏانهن وڌندا، سٺا ۽ ڪارائتا ڪم ڪرڻ لڳندا ۽ جهيڙن جي مقابلي ۾ مثبت فيصلا وڌيڪ ڪندا آهن، اختلافن، تڪرارن جا حل هٿن ۽ هٿيارن سان نه پر، سوچ ۽ زبان سان ڪرڻ لڳندا آهن پر، جن ماڻهن جي سوچ ڪمزور هوندي يا ٿيڻ لڳندي آهي، انهن جون پراڻيون حيواني جبلتون موٽ کائينديون آهن ۽ هو هڪ ڀيرو ٻيهر وڙهڻ، مرڻ مارڻ وارا فيصلا ۽ ڪم ڪرڻ لڳندا آهن۔ نتيجي طور ننڍا وڏا جهيڙا معمول بڻبا آهن ۽ اهي تيسيتائين جاري رهندا آهن، جيسيتائين کيس نوان سبق نه ملندا اٿن۔ نون سبقن جي ذڪر سان ذهن ۾ هڪ ڳالهه اها به سرجي ظاهر ٿي اچي ٿي ته انسان جي پراڻي پيڙهي، جڏهن سٺا ۽ غلط ڪم توڙي تجربا ڪري سبق پرائي چڪي هوندي آهي، تڏهن اها پيڙهي پوڙهي ٿي يا مرڻ ڪنڌيء تي پهچي چڪي هوندي آهي ۽ فيصلن جا اختيار نئين ۽ نوجوان پيڙهيء ڏانهن منتقل ٿي چڪا هوندا آهن، جيڪي وڏڙن جي عقلن، علمن ۽ تجربن کي وساري يا مدي خارج سمجهي، پنهنجي دئور جو علم، ڄاڻ حاصل ڪرڻ سان گڏ پنهنجا تجربا ڪرڻ چاهيندا آهن، انهيء حوالي سان هن وقت تائين جيڪي به انساني رويا ۽ رايا سامهون آيا آهن، انهن مطابق هر دئور جو نئون نسل، پنهنجن وڏن جي حاصل ڪيل سبقن، ڪمن ۽ انهن جي تجربن کي پاسي تي رکي يا مدي خارج سمجهي، پنهنجين خواهشن ۽ ضرورت پٽاندڙ زندگي گهارڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي، جنهن ڪري انساني جنگجو عمل هر دئور ۾ بار بار دهرائبو رهيو آهي، جو نوجوان نسل کي جوانيء جي جوش ۾ جهيڙن ۽ جنگين جي ردعملن جي ڄاڻ ناهي هوندي يا کين بعد ۾ پوندي آهي۔ پوڙهي پيڙهي ۽ سوچ سمجهه رکندڙ ماڻهو، انسانن جي انهن عملن کي انساني سوچ جي ناڪامي چون ٿا۔

اصل ۾ جڏهن پراڻي ۽ پوڙهي پيڙهي پنهنجن تجربن جي آڌار تي اهو ڄاڻي وٺندي آهي ته، رت پنهنجو وهي يا ٻئي جو، هوندو ته آدم جو ئي آهي، جهيڙا ۽ جنگيون اوڀر مان اڀرن يا اولھه ۾ لهن، متاثر پوري دنيا ٿيندي آهي۔ باهيون ڏکڻ مان اٿي اتر ۾ ڪرن، ساڙينديون ته جسم ۽ سامان ئي آهن۔ بم ۽ ميزائيل گهرن، واپاري مرڪزن تي وسايا وڃن يا سرحدن تي وڃي ڪرن، زخمي روح ئي ٿيندا آهن. ٻنيون، دڪان ۽ بازارون پنهنجون سڙن يا ٻين جون، حياتيون ئي بکن ٿوڙي ڏکن ۾ تڙپنديون آهن. ٽينڪون اڳتي وڌن يا پوئتي هٽن، انساني ڪوششن سان آباد ٿيل پوکن کي برباد ڪنديون آهن۔ سوڀ جا جشن هجن يا هارائڻ جو ڏک، لاشن تي روئندا ته ناتا، رشتا ئي آهن۔ جڏهن ته پوڙهي ٿي ويل پيڙهيء کي ئي اها ڄاڻ هوندي آهي ته، جنگ پاڻ ئي وڏو هڪ مسئلو هوندي آهي، اها مسئلن جو حل ناهي ڏيندي، بلڪي ويتر مسئلا وڌائيندي آهي۔ پر پراڻي پيڙهيء جا اهي سڀئي ڪارائتا وچور ۽ تجربا، نئين خون سان ٽمٽار نئون نسل اڪثر سمجهي ناهي سگهندو۔ نتيجي ۾ جهيڙا ۽ جنگيون هر دئور جو مسئلو رهيا آهن ۽ انهن جا بنياد نوجوان طبقي جي ڇڙواڳين سبب ئي پوندا رهيا آهن۔

اصل ۾ جيڪي جهيڙا ۽ تڪرار اڄ باهيون ڀڙڪائن ٿا يا رت جا درياهه وهائين ٿا، اهي ايندڙ ڪئي سالن تائين ماڻهن ۾ محتاجيون ۽ بکون به ورهائيندي ڏٺا ويا آهن. تنهنڪري انسان هجڻ جي ناتي، اختلافن، تڪرارن، جهيڙن ۽ جنگين کي ٽاربو ته اهو عمل انسان ذات جي بهتريء ۾ ليکيو ويندو. انهن، اسان ۽ اوهان مطلب سڀني جي گهرن ۾ اميدن جا ڏيئا ٻرندا رهن ته ڀلو آهي. پنهنجي برتری ۽ چڱ مڙسي کي قائم رکڻ لئه، هروڀرو خون جون نديون وهائڻ ضروري ناهن، علم ۽ شعور سان به پنهنجي برتري ۽ چڱ مڙسي قائم رکي سگهجي ٿي۔ اونداهيون ختم ڪرڻ خاطر، پنهنجون جهڳيون ساڙڻ انسان جو بيوقوفيء وارو عمل ثابت ٿيندو رهيو آهي۔ مقابلا ڪرڻا ئي لازم آهن ته ٻيا به کوڙ ميدان آهن، چٽا ڀيٽي لاء علمن ۽ عملن جا کوڙ سارا ميدان سجائي سگهجن ٿا۔ اصل ۾ حياتيءَ جي حاصلات عقل، شعور ۽ ترقي هجڻ گهرجي، زندگي هروڀرو جنونيت جو نالو ناهي.

هن بدنصيب ڌرتيء تي، نفرتون ڪندي رت جا ريلا وهائڻ وارا اهو به ته ٻڌائن، رت جي ريج سان ڪڏهن زمينن ۾ اناج ڦٽا يا وڻن ڦر ڏنا آهن؟ جيڪڏهن نه ته اهڙي ڪڌي ڪم بدران، پيار جا مينهن ڇو نه ٿا وسائجن، ڌرتيء کي هروڀرو ڌرتتي بڻائڻ جي آخر ڪهڙي گهرج آهي، کيس ڳاڙهو ڪرڻ بدران، ساوڪ جي پوشاڪ به ته پارائي سگهجي ٿي، ڀلا شعور جي روشنيء کي عام ڇو نه ڪجي. امن کي طاقت ڏيندڙ، اهڙن مقابلن جو بندوبست ڇو نه ڪجي، جن سان انساني هوس ختم ٿئي ۽ چٽاڀيٽيء جي شروعات ٿي پوي۔ جنگين جي وحشتن ۽ بربريتن خلاف، ماڻهو مار سياستن ۽ حڪمرانين خلاف، انسان جي اصل منزلن يعني امن تان ڀٽڪيل جنگي قيادتن خلاف، بيمارين، بکن ۽ غلامين خلاف، دولت جي غير منصفاڻي ورڇ وارن بدترين عملن خلاف، گڏجي نٿو وڙهي سگهجي ڇا؟ امڙ جي لوليء جهڙي ”امن“ واري بهتر نظام لاءِ، دنيا جي سمورين تهذيبن جي ترقيء لاء، انساني بقا ۽ بيوسين ۾ ورتل مسڪين ماڻهن کي ڏکن ۽ ڏولائن مان ڪڍڻ لاء، جمهور جي خوشيء خاطر ۽ پرامن انساني زندگيء لاء پنهنجا ور وجهي ميدان تي ڇو نه لهجي۔ انسان ان ڳالهه تي غور ڇو نٿو ڪري ته اختلافن ۽ تڪرارن، جهيڙن توڙي جنگين هر دئور ۾ نون انساني المين کي جنم ڏنو آهي۔ جيڪڏهن سوچون ڌار ڌار ٿي پيون آهن ته، کڻي رستا الڳ الڳ ڪجن، وڏي شدمد سان ويڙهين جا اهتمام ڇو ٿا ڪيا وڃن؟

مون جڏهن به جهيڙن ۽ جنگين جي مخالفت، انهن جي نقصانن سان گڏ امن جي فائدن جي حوالي سان دليل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اڪثر ساراهه به ٿيندي رهي آهي پر آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سمجهو ۽ لکيل پڙهيل اهي سوال به اٿاريندا رهيا آهن ته، جڏهن هڪ ڌر جي جنگ جي نيت نه هجڻ باوجود، ڪنهن ارڏي نسل، قوم يا جنگ باز ملڪ پاران جنگ ٿاڦي وڃي ٿي ته، پاڻ رڳو امن جو راڳ ڪيسيتائين آلاپينداسين؟ ۽ جيڪڏهن جنگ جي نغارن ۾ امن جو آلاپ جاري به رکيوسين ته تباهي پنهنجو مقدر نه بڻبي ڇا؟ جيتوڻيڪ اهڙا سوال انهن ماڻهن جي سوچ جي حد تائين ته درست ٿي سگهن ٿا جن جنگين مان اڃا ڪجهه نه پرايو آهي ۽ اهي ويڙهين ذريعي حق حاصل ڪرڻ جا شوقين به رهيا هوندا يا انهن امن واري حوالي سان ڪڏهن سوچيو، لکيو يا پڙهيو به نه هوندو۔ جهيڙن ۽ جنگين جي موقعي تي، اسان جا کوڙ سارا دوست وڏڙن جا اهي قول وساري ويهندا آهن ته ”جهيڙن جا منهن برن ڏانهن هوندا آهن“۔ منهنجي خيال ۾ اهڙي موقعي تي ته ڇا پر هر موقعي تي، احتجاج جو رستو ته کليل هوندو آهي، جنگين جي مخالفت يا امن پسنديء جو آلاپ جو مقصد هرگز اهو ناهي هوندو ته، احتجاج بلڪل نه ڪجي۔ حقيقت ۾ جنگاڻ واري صورتحال هجي يا امن جي ڳالهه ٻنهي موقعن تي احتجاج جو رستو ته کليل هوندو آهي ۽ ڪارائتو به ثابت ٿيندو رهيو آهي۔ جڏهن ته احتجاج اها واحد جدوجهد آهي، جيڪا جنگ خلاف ۽ امن جي حمايت يعني ٻنهي وڏن موقعن تي پنهنجو ڪليدي ڪردار ادا ڪندي رهي آهي۔

اڪثر اهو به محسوس ڪيو ويو آهي ته ڪي ماڻهو جنگين جي موقعن تي، امن جي ڳالهه ڪندڙ کي ڊڄڻو ۽ گيدي سمجهندا آهن۔ هڪ ڀيري ڪنهن ڏکائتي صورتحال ۾ هڪ سٺي ۽ سلجهيل دوست ته ايترو به اظهار ڪيو، مون کي جنگي صورتحال ۾ امن تي لکڻو پيو ته مان امن خلاف ئي لکندس، جو مان مظلوم ماڻهن جي همٿ کي ضايع ڪرڻ جو حامي نه ٿيندس۔ ان جو وڌيڪ خيال هئو، هڪ طرف ويري جنگ جون سموريون تياريون ڪري، اچي دروازو کڙڪائي ته ڇا امن جو راڳ ان جنگ کي ٽاري سگهندو؟ سچ پڇو ته انهيء موقعي تي ان جذباتي ڳالهه ڪجهه دير لاء مون مٿان به منفي اثر وڌا، پر جڏهن پنهنجا حواس گڏ ڪيا ۽ کائنس اهو سوال ڪيو ته، امن جي اپيل امن واري موقعي درست لڳندي يا جنگي ماحول ۾؟ ته همراهه ڪجهه ڍرو ٿيو، مون انهيء سلسلي ۾ وڌيڪ ويچار ونڊينديا ته، جيئن جنگين ڪرڻ لاء ڪجهه تيارين جي ضرورت پوندي آهي، تيئن امن جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ، امن جي تيارين جي به ته نيٺ ضرورت پوندي آهي ۽ اهو ماحول تڏهن جڙندو آهي، جڏهن ٻه ڌريون ضد تي بيهي هڪٻئي سان گٿم گٿا ٿينديون ۽ اوسي پاسي يا اوڙي پاڙي جو خيال نه ڪندي بي ڌيانيء سبب سڀني جو نقصان ڪري وجهنديون آهن۔

مطلب ته جيئن جنگ جي تياريء لاء ڪجهه وقت گهربل هجي ٿو، تيئن ئي امن جي ڳالهه ۾ وزن پيدا ڪرڻ لاء وقت جي ضرورت به پوندي آهي ته تياريء جي به۔ جيڪڏهن ڪو ايئن سمجهي ٿو ته امن، امن ڪرڻ سان امن قائم ٿي ويندو ته اها ڳالهه سواء خام خيالي جي ٻيو ڪجهه به ناهي، امن جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ امن پسندن کي پنهنجو دائرو وسيع ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي، پنهنجي سوچ وارا ماڻهو پيدا ڪرڻا پوندا آهن، جنگ واري صورتحال ۾ ڪو مٿان ڏنڊو کڻي اچي ته ان ڏنڊي کان بچاء جو به ڪو طريقيڪار موجود هجڻ گهرجي۔ باقي امن جي ڳالهه ڪرڻ تي جيڪي ماڻهو چڙي پوندا آهن، اصل ۾ انهن جي سوچ اتي ئي کٽي پوندي آهي ۽ جتي سوچ کٽي پوندي آهي، اتان ئي جنگ جو ميدان جڙڻ شروع ٿي ويندو آهي۔ اچو ته پنهنجين سوچن کي کٽڻ نه ڏيون۔

____________

Hameed Mangi-TheAsiaN

عبد الحميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ جو سرگرم رڪن آهي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button