Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

بيراڳڙھ ڀوپال ۾ ماسٽر چندر جي جنم ڏينھن تي موسيقيءَ جي محفل ۽ مشاعرو

ثقافتي تنظيم سنڌوءَ ھر سال جيان پندرھين ڊسمبر تي سنڌي موسيقيءِ جي محفل ۽ مشاعرو ڪوٺايو ھو جيڪو ساندھ ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ ھليو

رپورٽ: ناري لڇواڻي، بيراڳڙھ ڀوپال

ماسٽر چندر جي جنم ڏينھن جي موقعي تي ثقافتي آرگنائيزيشن  سنڌوءَ پاران بئراڳڙھ ڀوپال ۾ 15 ڊسمبر 2025 تي سنڌي موسيقي ۽ مشاعري جي شاندار محفل سجائي وئي جيڪا ساندھ ٽن ڪلاڪن کان بہ وڌيڪ دير تائين ٻڌندڙن جي دلين کي موج وٺائيندي رھي .

سڄي پروگرام کي ڪلاڪ ڪلاڪ جي ٽن حصن ۾ ورھايو ويو ھو . پھرئين ڪلاڪ ۾ ماستر چندر جي ڳايل يا ڪمپوز ڪيل مشھور ڪلامن کي نوجوان گائڪن ۽ گائڪائن سندن تازگيء ڀريل آوازن ۽ اندازن سان پيش ڪيو . ڪلامن جي چونڊ ھن طرح ڪئي وئي :

شھنشاھِ عالم نگھبان ٿيندين…

سڪ ۾ او سڪ ۾، سڪ ۾ سِڪيءَکي ڪين سِڪاءِ…

ڪنھنکي سوُر تـ ڪنھنکي پوُر…

واھ واھ ڙي گھڙا ، وڄ وڄ ڙي گھڙا…

دل تنھنجي منھنجي ھڪ آ ،..

رٺا ئي رھن پر ھجين حياتي…

قسمت ڪئي جدائي ، ڪنھن تي ميار ناھي…

ھاءِ ھاءِ پکا پراڻا ھاءِ ھاءِ وطن جا ٿاڻا، ھاءِ ھاءِ مٺا اباڻا…

اھي دل لڳيءَ جون ڳالھيون دل ۾ ھزار آھن…

سھڻا پنھنجي اکين کي جھل تون….

انھن کي خوبصورتيءَ سان ڳائي جھومائڻ وارا ھئا دليپ لعلواڻي ، مڌو موھناڻي، ديپتي سڌواڻي، تنميـ واسواڻي. نيليش گنگواڻي ۽ رميش تنواڻي ‘ بابوُ’ .

انھيءَ سڄي پروگرام کي دلڪش انداز سان ڪنڊڪٽ ڪيو مشھور ايٿليٽ ڪويتا چانڊواڻيء.

ٻئي حصي ۾ شاعراڻي محفل کي رونق بخشي ناگپور کان آيل ڊاڪتر ونود آسوُداڻي (صدر), ھوشنگ آباد جي اشوڪ جمناڻي  (مکيـ مھمان), ڪنعيو شيواڻي ، دروپدي چندناڻي، ڀڳوان ٻاٻاڻي ۽ نند ڪمار سنمکاڻيء .(سڀ ڀوپال جا) ڪنڊڪٽ ڪندڙ پاڻ مکيـ مھمان.

مشاعري کان پوءِ مائيڪ سنڀاليو خود صدر صاحب ڊاڪٽر ونود آسوُداڻيء . سڀ کان اول شاعريءَ جي بلڪل نئين شايع ٿيل مجموعي ” چُپ رھان ” جو مھورت صدر، مکيـ مھمان ،  موجود اديبن ، فنڪارن ۽ شاعر جي ڪٽنب جي ڀاتين جي ھٿن سان ڪيو ويو . جنھنجو شاعر آھي ڪنعيو شيواڻي . تنھن کان پوءِ پروگرام جي ٽئين دؤر ۾ وري ماسٽر چندر کان علاوه مختلف ٻين شاعرن جا لکيل گيت – غزل ، سنڌوءَ جي ئي ڪلاڪارن موسيقيءَ ۾ ڪمپوز ڪيل پيش ڪيا : ڪلاڪار ھئا دليپ لعلواڻي, دِشا چانڊواڻي، سُمن ھرچنداڻي. سپنا – رچنا ۽ ناري لڇواڻي. گيت – غزل ھئا :

گفتگوُ خود سان ڪيان ۽ چپ رھان…(شاعر ڪنعيو شيواڻي)

چنڊ تي روز مان ڪيئن وڃان زندگي…(شاعر ونود آسوُداڻي)

چپن کي چُمي تنھنجي آيون ھوائون…(شاعر ونود آسوُداڻي)

او منھنجا پرين اچ اوري سري…(شاعر ڪي ٽي دادلاڻي)

غمگين آھي دلڙي، دل ۾ قرار ناھي…(شاعر خوبچند ‘ پاڳل پريمي ‘)

مشھور معروف فنڪار ، سنڌ جي ممتاز ماستر چندر جي جنم ڏينهن جي مبارڪ موقعي تي ديپ مالا پڳاراڻي سنسڪار پبلڪ اسڪول جي سھيوڳ سان ” *سنڌوءَ* ” پاران موسيقيءَ ۽ مشاعري جي ھن محفل کي چڱي وقت تائين ياد ڪيو ويندو .

سنڌو آرگنائيزيشن 1989 ۾ قائم ٿيڻ کان وٺي ھر سال ڪلاڪارا ڀڳونتي ناواڻي، ماسٽر چندر ۽ نارائڻ شيام جي جنم ڏينھن تي باقاعدگيءَ سان پروگرام ڪندي رھي ٿي.

________________  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button