Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

سنڌي ڊراما شفيع محمد شاھ جھڙي سُٺي اداڪار لاءِ واجھائي رھيا آھن

شفيع محمد شاهه جي موجودگي ڊرامن کي مڪمل بڻائيندي هئي. سندس فن، آواز، چھري جا تاثرات ۽ امر ڪردار وسرڻ جھڙا ناھن. سندس فن ۾ اها پختگي، سچائي ۽ زندگيءَ جي خوشبو هئي، جيڪا گھڻن فنڪارن کي نصيب نٿي ٿئي

نصير اعجاز

اڻويھ سئو ستر واري ڏهاڪي جا پھريان پنج سال حيدرآباد ۾ گذاريم جتي ڪنڊياري جي ھڪ دوست سان اڪثر ڪچھري ٿيندي ھئي. ھڪ ڀيري ڪچھريءَ ۾ ھن ٻڌايو ھو ته سندس ھڪ ڀاءُ شفيع محمد شاھ ٽي وي ڊرامن ۾ ايندو آهي. تن ڏينھن ۾ گھر ۾ ته ٽي وي ھوندي ڪانه ھئي جو ڊراما ڏسي سگھجن. شفيع محمد شاھ کي پھريون ڀيرو اردو ڊرامن ۾ ڏسڻ جو موقعو تڏھن مليو جڏھن اڻويھ سئو ڇاھتر کان ڪراچيءَ ۾ ھلال پاڪستان اخبار جي نوڪري شروع ڪيم. ھو لاھور مان پي ٽي وي جي ھڪ ڊراما سيريل ۾ ھيرو طور ايندو ھو. ان سيريل جي ھر قسط ۾ ھڪ نئين ڪھاڻي ھوندي ھئي. شفيع محمد شاھ نه رڳو مرداڻي وجاھت جو مالڪ ھو پر سندس اداڪاري به متاثر ڪندڙ ھوندي ھئي جنھن ڪري ڏسندڙن ۾ تمام گھڻو مقبول ھو.

جيئن ته مون اخبار جو ھفتيوار فلم ميگزين به سنڀالڻ شروع ڪيو ته پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تي اچڻ وڃڻ ٿيڻ لڳو. ٽي ويءَ تي سنگت مان خبر پئي ته شفيع محمد شاھ لاھور کان اڳ ڪراچيءَ ۾ ٽي وي ڊرامن ۾ قسمت آزمائي لاءِ آيو ھو پر سنڌي پروڊيوسرن کيس اھميت نه ڏني ته ھو لاھور ھليو ويو. ھاڻ جڏھن ھو اردو ڊرامن جو مشھور اداڪار بڻجي اڀريو ته ساڳيا سنڌي پروڊيوسر کيس فون ڪري ڪراچيءَ ۾ سندن ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳا.

شفيع محمد شاهه لاھور مان گھڻو وقت پوءِ ڪراچيءَ آيو ۽ ھتان جي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. اتفاق اھڙو جو منھنجي ساڻس ملاقات بنھ گھٽ بلڪ نه جي برابر رھي. شروع ۾ جڏھن مون فلم ميگزين لاءِ سندس انٽرويو ڪرڻ چاھيو تہ مرحوم دوست راز ناٿن شاهي ساڻس فون تي ڳالھرايو پر شفيع محمد شاھ سان ملاقات ۽ انٽرويو نه ٿي سگھيو. ڪڏھن ھو مصروف ته ڪڏھن مان. انھيءَ کانپوءِ بس ڪڏھن ڪڏھن مختصر ملاقات رھي.

بھرحال، شفيع محمد شاهه پاڪستان ٽيليويزن جو اهو نالو ھو، جيڪو رڳو اسڪرين تي نظر نه ايندو هو، پر هُو ھر ڪردار سان ماڻهن جي دلين ۾ داخل ٿي ويندو هو. سندس فن ۾ اها پختگي، اها سچائي ۽ زندگيءَ جي خوشبو هئي، جيڪا گھڻن فنڪارن کي نصيب نٿي ٿئي. هُو جيڪو بہ ڊائلاگ ادا ڪندو ھو، ان ۾ زندگيءَ جو سچ سمايل محسوس ٿيندو ھو. اهڙو سچ جنھن کي ڏسندي ماڻھو پنهنجو پاڻ کي ان ڪهاڻيءَ اندر محسوس ڪري وٺندو هو.

مان ڪوشش ڪندو ھئس تہ شفيع محمد شاھ جا ڊراما وقت ڪڍي ضرور ڏسان. مونکي تہ ياد آھي تہ سندس وفات کان گھڻو وقت پوءِ بہ ھڪ پرڏيھي سفر ۾ جڏھن جھاز ڪلاڪ اڌ لاءِ ڪولمبو ھوائي اڏي تي بيٺو تہ مون اُتي جھاز ۾ ويٺي ويٺي بہ شفيع محمد شاھ جو ھڪ ڊرامو ڏسي ورتو.

شفيع محمد شاهه جي هڪ خاص صلاحيت اھا هئي تہ هُو ھر ڪردار ۾ فِٽ ٿي ويندو ھو.  ڪنھن عام ماڻھوءَ جو ڪردار ھوندو ھو تہ لڳندو هو ڄڻ هيءُ شخص اھڙو ئي عام ماڻھو آهي. جڏهن کيس باوقار، ڏاهو يا طاقتور ڪردار مليو، تڏهن به سندس شخصيت مان اھو وقار نظر ايندو ھو. شفيع محمد شاهه نه رڳو بھترين اداڪار هو پر هڪ پڙهيل، بااخلاق ۽ سنجيده شخص پڻ هو. پنهنجي همعصرن سان محبت، عزت ۽ احترام سان پيش اچڻ سندس شخصيت جو گُڻ ھو. شفيع محمد شاهه جي موجودگي ڊرامن کي مڪمل بڻائيندي هئي. سندس فن، سندس آواز، سندس چھري جا تاثرات ۽ امر ڪردار وسرڻ جھڙا ناھن. سندس ڇڏيل ميراث، سنڌي ۽ اردو ڊراما انڊسٽريءَ لاءِ هڪ سرمايو آهي، جنهن مان ايندڙ نسل سکندا رهندا. شفيع محمد شاهه جي وڇوڙي سان هڪ خال پيدا ٿيو، جيڪو اڄ تائين ڀرجي نه سگهيو آهي. هو نه رڳو هڪ فنڪار هو، پر هڪ دور هو. مونکي سنڌي ڊرامن ۾ تہ وري اڄ تائين اھڙو اداڪار نظر ڪونہ آيو آھي. اردو ڊرامن ۾ تہ وري بہ ڪي سُٺا اداڪار پيدا ٿي ويا آھن پر سنڌي ڊرامو اڄ بہ ڪنھن سُٺي اداڪار لاءِ واجھائي رھيو آھي.

حياتيءَ جو احوال

شفيع محمد شاهه پهرين جنوري 1949ع تي ضلعي نوشھري فيروز جي شهر ڪنڊياري ۾ پيدا ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ماسٽرز ڪرڻ دوران کيس شوبز جي دنيا ۾ اچڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ميزبان طور پنهنجي فني ڪيريئر جو آغاز ڪيائين. حيدرآباد ريڊيو کانپوءِ ڪراچيءَ ڏانهن رخ ڪيائين پر اُتي موٽ نہ ملڻ تي لاھور ھليو ويو جتي پي ٽي وي جي سيريلز ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏ اردو فلمن ۾ هيرو کان وٺي وِلين تائين جا ڪردار ادا ڪيائين. ڪراچي آيو تہ ڏسندي ئي ڏسندي پي. ٽي. ويءَ جي سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۾ مقبوليت مليس. شفيع محمد شاهه اداڪاريءَ جي فن کي پورا ٽيهه ورهيه ڏنا ۽ پنهنجي ٽيهن ورهين واري ڪيريئر ۾ 50 سيريلز، 100 سولو پلي ۽ 10 فلمون ڪيائين. شفيع محمد شاهه ڪنھن بہ ڊرامي جي ڪاميابيءَ جي ضمانت بڻجي ويندو هو.

سنڌ يونيورسٽيءَ مان انٽرنيشنل رليشنز ۾ ماسٽرز ڪرڻ کانپوءِ عملي زندگيءَ ۾ هو هڪ بينڪ آفيسر بڻيو، پر پوءِ زرعي ترقياتي بينڪ جي نوڪري ڇڏي ڏنائين ۽ سڄو وقت اداڪاريءَ کي ڏنائين. شفيع محمد شاهه جو آواز ريڊيو جي سمورين فني ضرورتن کي پورو ڪندڙ هو. جيترو وزن سندس آواز ۾ قدرت پاران عطا ٿيل هو، اوترو ئي سندس طبيعت ۾ نوڙت سمايل هئي. کيس محمد عليءَ جون فلمون ڏسي اداڪاري جو شوق پيدا ٿيو ھو، ۽ پاڻ کي محمد علي بڻائڻ لاءِ هر ڪردار ۾ سندس انداز کي اختيار ڪيائين. جڏھن ھُو لاھور ويو تہ اُتي بہ اداڪار محمد عليءَ سندس ساٿ ڏنو جيڪو پاڻ بہ حيدرآباد ريڊيو کان سفر ڪندو فلمي صنعت تائين پھتو ھو. محمد عليءَ کيس اردو فلم ڪورا ڪاغذ ۾ ڪردار ڏياريو. اُتي ئي پي ٽي ويءَ جي پروڊيوسر شھزاد خليل کيس اردو سيريل ۾ متعارف ڪرايو جتي شھزاد خليل جي سيريل ”تيسرا ڪنارا“ ۾ ڪم ڪرڻ سان کيس شھرت نصيب ٿي. لاھور جن فلمن ۾ ھُن ڪم ڪيو انھن ۾ بيوي ھو تو ايسي، ايسا ڀي ھوتا ھي، نصيبون والي، رُوبي، تلاش، ميرا انصاف ۽ الزام شامل آھن.      

شفيع محمد شاهه جي مقبول ڊرامن ۾ ‘ايڪ محبت، سو افساني’، ‘جنگل’  ’چاند گرهن‘ ‘بند گلاب’، ‘دائري’، ‘ديوارين’، ‘جنگل’، ‘زينت ’ ، ‘مارئي’، ‘محبت خواب ڪي صورت’، ‘منت’، ‘تپش’، ‘تيسرا ڪنارا’، ‘دهري’، ‘ڪانٽون سي آگي’ قابل ذڪر آهن. شفيع محمد شاهه بطور بهترين اداڪار پي. ٽي. وي جا ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا، جن ۾ ‘بهترين اداڪار ايوارڊ’، ‘انڊس ڊراما ايوارڊ’ ۽ صدارتي اوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي شامل آھن. سندس وفات کانپوءِ بہ پاڪستان حڪومت کيس ستارہ امتياز جو ايوارڊ ڏنو.

شفيع محمد شاھ ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي گورننگ باڊيءَ جو ميمبر بہ رھيو. جيئن تہ سياسي طور ھُو پيپلز پارٽيءَ جي ويجھو ھو تنھنڪري سال 2002 ۾ ڪراچيءَ مان قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي چونڊ بہ وڙھي پر ڪامياب ڪونہ ٿيو.   

شفيع محمد شاهه 17 نومبر 2007ع تي دل جو دورو پوڻ سبب 58 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. ڪراچيءَ جي ڊفينس واري قبرستان ۾ سندس ابدي آرامگاهه آهي. سندس پهرين ورسيءَ جي موقعي تي سندس زندگيءَ ۽ فن تي مشتمل هڪ ڪتاب “وہ آدمي ٿا يا موتي دانا“ پڻ شايع ٿيو هيو.

______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button