Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياماحول

سنڌ جي صرف چوٿون حصو آباديءَ کي صاف پاڻي مُيسر آھي: يونيسيف عملدار

سنڌ موسمياتي تبديليءَ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبو آهي. ڊيلٽا وارو علائقو موسمياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ خطري ۾ آهي.  

موسمياتي تبديلي جا اثر انساني صحت تي به ظاهر ٿي رهيا آهن،  اڄ ڏھ سالن جا ٻار به ذيابطيس ۽ تيزابيت جو شڪار ٿي رهيا آهن ڇوتہ فصلن تي موسمياتي اثر انسانن جي خوراڪ ۽ جسم ۾ منتقل ٿي رهيا آهن

حيدرآباد

يونيسف جي ڪنسلٽنٽ نياز الله خان چيو آھي ته سنڌ جي رڳو هڪ چوٿائي آباديءَ کي صاف پاڻي تائين رسائي حاصل آهي، جڏھن تہ سنڌ موسمياتي تبديليءَ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبو آهي.

سنڌ حڪومت جي ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ ڪوسٽل ڊولپمينٽ کاتي ۽ يونيسف جي گڏيل تعاون سان اڱاري ڏينھن حيدرآباد ڪلب ۾ “سنڌ ڪلائميٽ چينج پاليسي 2022” جي ترويج ۽ عملدرآمد بابت هڪ ورڪشاپ ۾ ڳالھائيندي ھُن چيو تہ  2022ع جي تباھ ڪُن ٻوڏن ۽ شديد موسمياتي  آفتن ثابت ڪيو آهي ته موسمي تبديلي نه رڳو ٻھراڙي پر شهري علائقن کي به سخت متاثر ڪري رهي آهي۔

هن وڌيڪ چيو ته نئين سنڌ ڪلائميٽ چينج واٽر پاليسيءَ ۾ منصوبابندي لاءِ ڪلائميٽ ريزيلينٽ انفراسٽرڪچر، ايڊاپٽيشن ۽ مٽيگيشن قدمن کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي۔

نياز الله خان مطابق ڪاربان فنانسنگ، ميٿين گئس جي محفوظ استعمال، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس ۽ ريسائڪلنگ ذريعي مستقبل ۾ پاڻي ۽ خوراڪ جي بحران کي گھٽائي سگهجي ٿو۔ سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ڪلائميٽ چينج ۽ ڪلائميٽ فنانسنگ يونٽس قائم ڪري اهم اڳڀرائي ڪئي آهي، جنهن سان ملڪي ۽ عالمي سطح تي وسيلا حاصل ڪرڻ ممڪن ٿيندو.

ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ ڪوسٽل ڊولپمينٽ کاتي جي خصوصي سيڪريٽري ايحان مصطفي ڀُٽو چيو ته سنڌ ڪلائميٽ چينج پاليسي 2022 ملڪ جي ٻي صوبائي پاليسي آهي پر سنڌ جي پاليسي وڌيڪ جامع آهي ڇو⁠تہ ان ۾ قومي ڪلائميٽ ايڪشن پلان ۽ نيشنل ڪلائميٽ چينج پاليسي جا سمورا پهلو شامل آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جلد ڪلائميٽ ايڪشن پلان مڪمل ڪرڻ واري آهي، جڏهن⁠ تہ ڪاربان رجسٽري ٺاهڻ لاءِ نجي شعبي مان ماهرن جون خدمتون ورتيون پيون وڃن۔ اھا ڪاربان رجسٽري عالمي ماحولياتي فنڊنگ تائين رسائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي۔ ان سان گڏ صوبائي حڪومت ڪلائميٽ فنانسنگ جي معاملن لاءِ به هڪ الڳ ڪنسلٽنٽ مقرر ڪري رهي آهي۔

ھُن چيو ته حيدرآباد ڊويزن ۾ هن وقت رڳو  بدين ضلعي پنهنجو ايڊاپٽيشن پلان تيار ڪيو آهي اميد آهي ته ٻيا ضلعا به پنهنجي زميني حقيقتن ۽ سماجي اقتصادي حالتن کي نظر ۾ رکندي جلد پنهنجا پلان تيار ڪندا۔

سينٽر فار ڪوسٽل اينڊ ڊيليٽڪ اسٽڊيز، سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪيمپس جي ڊائريڪٽر مختيار احمد مهر چيو ته ڊيلٽا بيلٽ موسمياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ خطري ۾ آهي.  ٺٽي جا مقامي ماڻھو مينگرووز جي پوک ۽ نرسرين جي ذريعي ماحول دوست سرگرمين ۾ سرگرم آهن. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جا اثر انساني صحت تي به ظاهر ٿي رهيا آهن،  اڄ ڏھ سالن جا ٻار به ذيابطيس ۽ تيزابيت جو شڪار ٿي رهيا آهن ڇو⁠تہ فصلن تي موسمياتي اثر انسانن جي خوراڪ ۽ جسم ۾ منتقل ٿي رهيا آهن۔ سندس چوڻ هو ته موجوده صورتحال ۾ عوامي آگاهي، ٽيڪنيڪل تعليم ۽ ماحول دوست عملي قدمن جي اشد ضرورت آهي۔

ورڪشاپ ۾ مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن شرڪت ڪئي۔ ورڪشاپ جو مقصد ضلعي ۽ ڊويزنل سطح تي لاڳاپيل آفيسرن کي پاليسي جي اهم شقن کان آگاهه ڪرڻ ۽ ترقياتي منصوبابندي، ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن ۽ ٻين پاليسين ۾ موسمياتي تبديلي کي شامل ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪرڻ هو۔ (پريس رليز)

_________________  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button