Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

حيدرآباد: سنڌ جي ورثي جي بنياد، تاريخي اوسر ۽ موجودہ  حيثيت جو اڀياس

سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي اينٿروپالاجي ۽ آرڪيالاجي شعبي جي شاگردن کي حيدرآباد شھر جي شھري ثقافت ورثي جو دورو ڪرايو ويو

هيءُ دورو اربن اينٿروپالاجي ڪورس جو حصو هو، جنهن تحت شاگردن پڪي قلعو ۽ مکي هائوس جهڙن ٻن اهم ثقافتي ۽ تاريخي ماڳن جو جائزو ورتو

ڄامشورو، سنڌ

سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي اينٿروپالاجي ۽ آرڪيالاجي شعبي پنھنجي شاگردن کي حيدرآباد شھر جي شھري ثقافت ورثي جو دورو ڪرايو، جنهن ۾ شاگردن کي حيدرآباد جي تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو مليو.

هي تحقيقي ۽ علمي دورو اربن اينٿروپالاجي ڪورس جو حصو هو، جنهن تحت شاگردن پڪو قلعو ۽ مکي هائوس جهڙن ٻن اهم ثقافتي ۽ تاريخي ماڳن جو شعبي جي استادن جي نگرانيءَ ۾ جائزو ورتو. ڪورس ڪنوينر ميڊم زاهده دوري جي اڳواڻي ڪئي جنھن ۾ شعبي جا ٻيا استاد بہ شامل ھئا.

هن دوري جو مقصد هو تہ شاگردن کي عملي ۽ علمي بنيادن تي سمجهايو وڃي تہ  ڪيئن صنعتي ۽ جديد دور جا شهر اجتماعي يادگيرين، سڃاڻپ، تاريخ ۽ سماجي لاڳاپن ذريعي وجود ۾ ايندا آھن. دوري دوران اها ڳالھ نمايان رهي تہ جديد شهري جڳھون رڳو عمارتون يا جاگرافيائي هنڌ نه هوندا آهن پر اهي زندھ ثقافتي منظرنامو هوندا آهن، جن کي ماڻهو، برادريون ۽ سياسي تبديليون وقت سان گڏ شڪل ڏينديون آھن.

حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ اينٿروپولاجسٽ  نقاش سھتي، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ جي اينٿروپولاجي شعبي جو پراڻو شاگرد آهي ۽ هن وقت ثقافت ۽  قديم آثار واري صوبائي کاتي ۾ ڪم ڪري رهيو آھي، قلعي جي تاريخ بابت شاگردن کي تفصيلي معلومات ڏني ۽  ٻڌايو تہ هي قلعو ارڙهين صديءَ ۾ ڪلهوڙا دور جي ميان غلام شاه ڪلهوڙي تعمير ڪرايو هو، ۽ بعد ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ 1782 واري جنگ ٿي ھئي جنھن ان وقت جي سنڌ جي سياسي تاريخ جو رخ بدلائي ڇڏيو ھو. شاگردن قلعي جي حصي مير حرم ۾ ٿيندڙ ٻيھر تعميراتي ڪم جو معائنو ڪيو ۽ روايتي لوهي فريم سان محفوظ ٿيل ڪاٺيءَ جو دفاعي دروازو به ڏٺو.

ان کان پوءِ شاگردن جو ميڙ پنھنجي استادن جي سربراهي ۾ مکي هائوس حيدرآباد پهتو، جتي شاگردن کي مکي خاندان جي اثر رسوخ، ۽ نو آبادياتي دور واري سنڌ ۾ مقامي انتظامي ڪنٽرول ۽ سندن  رھائشگاھ جي سماجي ۽ سياسي ڪردار بابت ڄاڻڻ لاءِ مليو. کين اها ڄاڻ به ڏني وئي ته ڏکڻ ايشيا جا ڪيترائي نامور اڳواڻ جن ۾ جواهر لال نھرو پڻ شامل آھن اھي انگريز دور ۾ هن تاريخي گهر ۾ پنھنجي سنڌ جي دوري دوران ترسيا ھئا.

فيڪلٽي ميمبرن ڊاڪٽر عبدالرزاق چنو (چيئرمين)، ڊاڪٽر رفيق وسن، ۽ ڊاڪٽر محبت شاھ شاگردن کي اينٿروپولاجي جي تحقيقي انداز ۾  انهن ماڳن جي سماجي ۽ ثقافتي اھميت بابت ڄاڻ ڏني، ۽  شاگردن کي سمجھايو تہ ڪيئن سماجي طبقاتي نظام، ثقافتي ورثي جي حفاظت، تاريخي اجتماعي يادگيري، ۽ وقت سان شهري جڳھن جي شڪل بدلجندڙ رھندي آھي. هنن موجوده مسئلن جهڙوڪ قبضن ۽ ڪمزور حڪومتي سطح جي ثقافتي ورثي جي حفاظت وارين پاليسين ڏانهن شاگردن جو ڌيان ڇڪايو. ھنن زور ڀريو تہ تاريخي ثقافتي ورثي جي حفاظت ۾ حڪومتي سطح سان گڏوگڏ سماجن جي وڏي پيماني تي شموليت ۽ ان لاءِ عوامي آگاهي جي مھم ھلائڻ گھرجي.

ھن تاريخي ثقافتي ورثي جي دوري جي پڄاڻيءَ تي ڊاڪٽر عبدالرزاق چنا چيو تہ اهڙن عملي، علمي دورن ۽ تحقيقي پروگرامن جو مقصد بدلجندڙ دور ۾ شھر جي تاريخي ثقافتي ورثي ۽ شھر جي روزاني جي ثقافتن کي سمجهڻ ۽ علمي نظريي کي حقيقي دنيا سان ڳنڍڻ آھي تہ جيئن علم ۽ عمل جو ھڪ گڏيل رشتو جوڙي سگھجي. (پريس رليز)

_____________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button