انڊر ورلڊ جي ڊان سلطان شاھ جو موت: سکر جي انڊر ورلڊ جو هڪ باب پورو ٿيو
پوليس کيس پٽ سميت فل فراءِ ڪري سندس لاش ريڙهي تي رکي سکر جي چوڪن تي ڦيرايو. عدالت کان اڳ ئي سندس فيصلو ڪيو ويو.
سلطان شاھ گوليءَ سان نه مري ها ته هونءَ به مري وڃي ها. ڏينهن پورا هئس ۽گورين جي سهاري جيئرو هو.
شوڪت نوناري
مون جڏهن سکر اچي صحافت جي دنيا ۾ پير پاتو ته ان وقت سلطان شاھ انڊر ورلڊ جو ڊان هيو. ان وقت سکر ۽ ڀرپاسي ۾ سندس راڄ هو. ماڻهو کانئس ڊنل ھوندا هئا. منٿليون ڀتا سندس نالي کڻڻ سان ملندا هئا.

مان جڏهن ساڻس مليس ته حيران ٿي ويو ھيس. هڪ ئي لپاٽ ۾ ڍير ٿي وڃڻ وارو، بُت هڏڙن جي مُٺ، بدن تي ماس چڙهيل ئي ڪونه ۽ پنهنجي ساھ ۾ پورو.
جتان سلطان شاھ جو نالو چڙهيو اها ڳاله پراڻي آھي. ان وقت سندس ھڪ مائٽياڻي روهڙيءَ جي ممتاز جاگيراڻيءَ سان پيار جو پرڻو ڪيو هو. ممتاز اسٽائلش نوجوان هو، جنھن کي سلطان شاه سرعام ماريو هو. اُتا ئي هن جو نالو ٿيو.
بعد ۾ سندس ڪافي دشمنيون ٿيون . سندس گهڻا ئي مخالف ھئا جن ۾ مهر، جتوئي، جاگيراڻي شامل ھئا. ايستائين جو هن پنهنجا شاه به مخالف ھيس پر ساڻس وڙهڻ جي سگھ نه رکندا هئا.
ھُو ڀاڙيتو قاتل يا ٽارگيٽ ڪلر يا ڏوهاري ڪجھ به، پر دلير ماڻهو هو. هن جو ڪردار ڪهڙو به هيو پر چڱا ڀلا عزت ڪندا هئس. چڱن ڀلن کي چئلينج ڪندو هو. سندس دهشت آڏو ڪوئي دم نه هڻي سگهندو ھو.
پر جيئن ميرن کي گهران لڳي ايئن ئي سلطان شاھ جي ڀاء جي ڄاٽي ماجد شاھ سان سندس دشمني ٿي وئي جيڪو پهريان هن سندس ساڄو هٿ هو. سلطان شاھ انهن جا به ماڻهو بہ ماريا.
ان کان اڳ سلطان شاھ جي جوان پٽ خودڪشي ڪري ڇڏي پر هو اهو ڌڪ به پچائي ويو. اڳتي هلي انتظاميا هن جي شڪار پور ڦاٽڪ تي رهائش گاھ به ڊاهي پٽ ڪري ڇڏي، جنھن کان پو هو ڪراچيءَ هليو ويو. ڪراچيءَ مان هن هڪ وڊيو بيان جاري ڪيو جنهن ۾ سندس چهري مان مون پهريون ڀيرو خوف جهلڪندي ڏٺو.
وچ تي ذوالفقار مرزا جي چوڻ تي هو ڏوهن جي دنيا ڇڏي سياست جي ميدان ۾ لٿو پر تقرير ڪرڻ ٺپ ڪونه ايندي هيس. هن فلاحي ڪم شروع ڪيا ۽ فيڪٽرين جي مالڪن کان مال وٺي غريبن ۾ ورهائڻ شروع ڪيو. نلڪن سان گڏ هن جا فوٽو صحافين کي ملندا هئا ته خبرون هلايو. ڀتو نه ڏيڻ تي هڪ بلڊر جي آفيس مٿان لانچر بہ هنيائين.
هُو خوف جو واپاري هو. ڊپ ۽ ھراس مان ڪمائڻ سکيو هو. آخر ۾ ڏوھ ڇڏي ويو هو ته به پاٿاري هلائڻ شروع ڪيائين. بدنام ڏوهاري سندس آستاني تي لُوڊو کيڏندي نظر ايندا هئا. هُو ٽارگيٽ ڪِلرن جو مائي باپ هو. ڀاڙيتو قاتل سندس ڏن ڀرو هئا. کيس هر ڏوھ جي هر چرپر جي خبر هوندي هئي.
شهيد راڻيءَ جي شهادت مهل مشڪوڪ اشارا ڪندڙ خالد شنهنشاھ جي پراسرار قتل ۾ به ڪنهن ٻڌايو ته سُپاري هن کي ئي ڏني وئي. هن الائي ڪيترا جُھڳا جهڻ ڪري ڇڏيا. آخر ۾ وري رابن هوڊ جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي غريب نواز ٿيو. آخر ۾ بيمارين جو ڳڙھ ٿي ويو هو. الائي ڪيتريون بيماريون کيس وڪوڙي ويون ۽ ڳالهائڻ ۾ به عاجز هوندو هو.

سکر جي گاڊ فادر سيد خورشيد شاھ سان سندس دشمني ڪا ڳجهي ڪا نه هئي. چون ٿا تہ 1992 ۾ سيد خورشيد شاھ جي هڪ چونڊ ريليءَ تي شڪارپور ڦاٽڪ ايس آر ٽي سي جي گيٽ تي سلطان شاھ آنا ۽ ٽماٽا وسائڻ لاء ماڻهو تيار ڪيا ھئا. اها خبر خورشيد شاھ کي پئي جيڪو دشمني ڪڏهن وساريندو ناهي. سلطان شاھ جي پوليس هٿان مارجڻ کان اڳ آخري وڊيو ۾ ھُو خورشيد شاهه ۽ ماجد شاھ جا نالا کڻي ٿو.
سلطان شاھ سان گڏ سندس جوان پٽ به پوليس ماري وڌو. کيس پٽ سميت فل فراءِ ڪري سندس لاش ريڙهي تي رکي سکر جي چوڪن تي ڦيرايو ويو. عدالت کان اڳ ئي سندس فيصلو ڪيو ويو.
پوليس پڌرائيءَ موجب سلطان شاھ جي سر تي ويھ لک رُپيا انعام هو. سلطان شاھ گوليءَ سان نه مري ها ته هونء به مري وڃي ها. ڏينهن پورا هئس ۽گورين جي سهاري جيئرو هو. ساڻس گڏ سکر جي انڊر ورلڊ جو هڪ چيپٽر پورو ٿيو. بُري جو انجام برو.
_______________

شوڪت نوناري سکر جو سينئر صحافي آھي



