سنڌ ۾ ڊينگيءَ جا ڪلُور: آڪٽوبر کان ھيل تائين 20 مريض فوت
آڪٽوبر کان وٺي نومبر جي پھرين ڪجھ ڏينھن تائين حيدرآباد ۾ 9 مريض فوت ٿي ويا. انھيءَ ٿورڙي عرضي اندر سنڌ ۾ ڊينگيءَ جا 2800 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا
اسٽاف رپورٽر
ڪراچي
گذريل ڪجھ مھينن دوران سنڌ ۾ ڊينگي بخار هڪ ڀيرو ٻيھر خطرناڪ شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. آڪٽوبر کان نومبر جي پھرين ھفتي جي چئن ڏينھن تائين جي عرصي ۾ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ڊينگيءَ وِگھي 20 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته صرف آڪٽوبر مھيني ۾ ڊينگيءَ جا 2800 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جيڪي صورتحال جي سنجيدگيءَ جو واضح ثبوت آهن.
صوبائي صحت کاتي جي انگ اکرن موجب، سڀ کان وڌيڪ موت حيدرآباد ۾ ٿيا آهن جتي فوتين جو تعداد 9 تائين پھچي ويو آهي. آڪٽوبر ۾ چار ۽ نومبر جي پھرين ڪجھ ڏينھن ۾ پنج مريض ڊينگي بخار سبب حياتي وڃائي ويٺا. حيدرآباد کان پوءِ ڪراچي به متاثر شھرن ۾ شامل آهي، جتي ڪورنگيءَ ۾ هڪ، ملير ۾ ٽي، ۽ ڪراچي اوڀر ۽ اولھ ضلعن ۾ ٻه ٻه مريض فوت ٿيا. ان کان علاوه ٽنڊي محمد خان ۾ آڪٽوبر دوران هڪ مريض ۽ ٽنڊي الھيار ۽ ڪياماڙيءَ ۾ نومبر دوران هڪ هڪ مريض جي فوت ٿيڻ جا واقعا پڻ رپورٽ ٿيا آهن.

ڊينگيءَ جو وائرس، جيڪو مڇرن جي ذريعي پکڙجي ٿو، هاڻي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ لڳاتار وڌي رهيو آهي. صفائيءَ جي ناقص حالتن، بي قابو آبادي، ۽ مينھن کانپوءِ بيٺل پاڻيءَ سبب توڙي گھرن يا ٻين ھنڌن تي کُليل پاڻيءَ جي ڪري مڇرن جي افزائش ۾ واڌ ٿي آهي، جيڪا هن وبا کي تيزيءَ سان پکيڙڻ جو اهم ڪارڻ بڻجي وئي آهي.
ماهرن موجب، ڊينگي جي علامتن ۾ تيز بخار، سردي، بُت ۽ هڏن ۾ سور، اُلٽي، ۽ جسم تي ڳاڙها داغ شامل آهن. بيماري وقت تي سڃاڻڻ ۽ علاج نه ٿيڻ جي صورت ۾ اها موتمار ٿي سگهي ٿي.
صحت کاتي پاران اسپتالن ۾ ايمرجنسي يونٽس قائم ڪيا ويا آهن، پر ماهرن جو چوڻ آهي ته سرڪاري سطح تي احتياطي مھم هلائڻ ۽ شھري سطح تي شعور وڌائڻ تمام ضروري آهي. هر شھريءَ کي گھرن ۽ پاڙن ۾ بيٺل پاڻي ختم ڪرڻ، مڇر مار دوائون استعمال ڪرڻ ۽ پنھنجو تحفظ يقيني بڻائڻ گهرجي.
ڊينگيءَ جھڙيون بيماريون رڳو صحت نه پر سماجي ذميواريءَ جو به امتحان آهن. جيڪڏهن سماج جو هر فرد پنھنجو ڪردار ادا ڪري ته سنڌ هڪ ڀيرو ٻيھر هن موذي بيماريءَ تي ضابطو آڻي سگهي ٿي.
_____________



