ھٿرادُو ذهانت ۽ انساني صحت: ھاڻي ڊجيٽل ڊاڪٽر انسانن جو علاج ڪندا
2024 ع ۾ چين جي مشھور چِنگ ھوا يونيورسٽي (Tsinghua University) ۾ دنيا جي پهرين مصنوعي ذهانت واري اسپتال جو افتتاح ڪيو ويو
هڪ مڪمل ڊجيٽل ڊاڪٽرن جو نظام به تيار ڪيو ويو آهي۔ هن نظام ۾ 42 ورچوئل ڊاڪٽر شامل آهن، جيڪي 21 مختلف طبي شعبن ۾ ڪم ڪن ٿا۔ اهي ڊجيٽل ڊاڪٽر 300 کان وڌيڪ بيمارين جي سڃاڻپ ۽ علاج جي صلاحيت رکن ٿا۔ سندن صحيح تشخيص جي شرح لڳ ڀڳ 93 سيڪڙو تائين آهي
مُشتاق ٽانوري
مصنوعي ذهانت، جنهن کي دنيا آرٽيفيشل انٽيليجنس يا مختصر طور اي آءِ جي نالي سان سڃاڻي ٿي، انساني تاريخ جو اهو باب آهي جيڪو ٽيڪنالاجيءَ جي ماضي ۽ مستقبل جي وچ ۾ هڪ پُل بڻجي چڪو آهي۔ ڪڏهن اها رڳو مشينن جي حد تائين محدود هئي، پر هاڻي اها انسان جي زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۾ داخل ٿي چڪي آهي، تعليم، صنعت، معيشت، مواصلات ۽ هاڻي صحت جهڙو حساس ميدان به هن ٽيڪنالاجيءَ جي تبديليءَ کان متاثر ٿي رهيو آهي۔ گذريل ڏهاڪي ۾ مصنوعي ذهانت جي ترقي اهڙي رفتار سان ٿي آهي، جو دنيا جي وڏن ملڪن ان کي قومي پاليسين جو اهم جزو بڻايو آهي۔ چين، آمريڪا، برطانيا ۽ جاپان جهڙا ملڪ هاڻي صرف تحقيق تائين محدود نه رهيا، پر عملي سطح تي اي آءِ کي انساني خدمتن ۾ شامل ڪري رهيا آهن۔ انهن مان چين سڀ کان تيزيءَ سان اڳتي وڌندڙ ملڪ آهي، جنهن 2030ع تائين اي آءِ جي ترقيءَ تي هڪ ٽرلين ڊالر کان وڌيڪ سيڙپ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي۔ اها رقم ڪيترن ئي ملڪن جي مجموعي قومي پيداوار کان وڌيڪ آهي، جيڪا چين جي سنجيدگي ۽ مستقبل ڏانهن نظر کي واضح ڪري ٿي۔

چين ۾ اي آءِ جو سڀ کان نمايان استعمال صحت جي شعبي ۾ ڏٺو پيو وڃي۔ هن ملڪ وٽ آبادي تمام وڏي آهي، جنهن ۾ هر شهريءَ تائين معياري علاج پهچائڻ هڪ وڏي چئلينج رهي آهي۔ ڊاڪٽرن جي کوٽ، اسپتالن تي دٻاءُ ۽ شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ فرق سدائين چين جي صحت نظام لاءِ مسئلو رهيو آهي۔ اهڙي صورتحال ۾ جڏهن اي آءِ کي علاج ۽ طب جي ميدان ۾ لاڳو ڪيو ويو، ته ان انقلاب جي شروعات ٿي۔ 2024 ع ۾ چين جي نامور “چِنگ ھوا يونيورسٽي (Tsinghua University)” دنيا جي پهرين “مصنوعي ذهانت واري اسپتال” جو افتتاح ڪيو، جنهن کي “اي آءِ” جو نالو ڏنو ويو۔ هي رڳو ٽيڪنالاجيءَ جي ترقي نه هئي، پر انساني سوچ ۽ علاج جي تصور ۾ هڪ نئون موڙ هو جتي انسان ۽ مشين گڏجي هڪ ئي مقصد انسانيت جي بھتريءَ لاءِ ڪم ڪن ٿا. ٽي ھوا يونيورسٽيءَ جي اي آءِ اسپتال جو بنيادي نظام “ ميڊ ايجنٽ زيرو Med Agent Zero” نالي فريم ورڪ تي ٻڌل آهي، جيڪو خود سکيا ڪندڙ نظام آهي۔ هي مشين انساني تجربي مان پاڻ سکڻ جي صلاحيت رکي ٿي۔ جڏهن ڊاڪٽر ڪنهن ڪيس تي ڪم ڪن ٿا، ته اهو نظام سندن تجزيا، سوال، ۽ علاج جا طريقا نوٽ ڪري پاڻ ۾ شامل ڪري ٿو۔ وقت سان گڏ هي نظام وڌيڪ هوشيار ۽ تجربيڪار بڻجي ٿو، ڄڻ ته اهو هڪ ڊجيٽل ڊاڪٽر هجي جيڪو هر لمحي نئون علم حاصل ڪري رهيو هجي۔ ان سان گڏ، “زي جنگ اي آءِ ڊاڪٽر” نالي هڪ مڪمل ڊجيٽل ڊاڪٽرن جو نظام به تيار ڪيو ويو آهي۔ هن نظام ۾ 42 ورچوئل ڊاڪٽر شامل آهن، جيڪي 21 مختلف طبي شعبن ۾ ڪم ڪن ٿا۔ اهي ڊجيٽل ڊاڪٽر 300 کان وڌيڪ بيمارين جي سڃاڻپ ۽ علاج جي صلاحيت رکن ٿا۔ سندن صحيح تشخيص جي شرح لڳ ڀڳ 93 سيڪڙو تائين آهي، جيڪا ڪيترن انساني ڊاڪٽرن جي سراسر کان وڌيڪ آهي۔ اهي ڊجيٽل ڊاڪٽر روزانو هزارين مريضن جا ڊيٽا تجزيو ڪن ٿا، تصويرون ۽ رپورٽون پڙهن ٿا، ۽ علاج تجويز ڪن ٿا۔ سڀ کان حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته اهي رڳو “چئٽ بوٽ” نه آهن، پر مڪمل خودمختيار نظام آهن، جيڪي مصنوعي مريضن (simulated patients) سان تربيتي عمل ذريعي پاڻ سکيا حاصل ڪن ٿا۔ ڄڻ ته انساني تجربي جو ورثو هاڻي مشينن ۾ محفوظ ٿي ويو هجي۔
اپريل 2025ع ۾ جڏهن چِنگ ھوا يونيورسٽي هن اسپتال کي عام ماڻهن لاءِ کوليو، ته اهو واقعي دنيا جي طب ۾ هڪ تاريخي لمحو هو۔ هن اسپتال ۾ اکين، ڦڦڙن، ريڊيولوجي، دل جي بيمارين ۽ ڪينسر جي علاج جهڙن شعبن ۾ ڊجيٽل ڊاڪٽر عملي طور ڪم ڪن ٿا۔ اهي ڊاڪٽر انساني ماهرن سان گڏ گڏ ڪم ڪن ٿا، يعني اي آءِ ڪنهن کي مٽائي نه ٿي، پر انساني مهارت جو سهارو بڻجي ٿي۔ اي آءِ ڊاڪٽرن جي استعمال سان وقت ۽ خرچ ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي۔ جتي انساني ڊاڪٽرن کي رپورٽون تجزيو ڪرڻ ۾ ڪلاڪ لڳن ٿا، اتي اي آءِ نظام سيڪنڊن ۾ نتيجا ڏئي ٿو۔ ساڳئي وقت انساني غلطيءَ ۾ به نمايان گهٽتائي آئي آهي، جنهن سان علاج وڌيڪ محفوظ، تيز ۽ منظم بڻجي ويو آهي۔ هي نظام خاص طور تي انهن علائقن لاءِ فائديمند آهي، جتي ماهر ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي يا اسپتالن تائين پهچ محدود آهي۔ ڊجيٽل ڊاڪٽر آن لائين تشخيص فراهم ڪن ٿا، جنهن سان ڏورانھان علائقا به بهتر علاج وارو فائدو وٺي سگهن ٿا۔

ٽي ھوا يونيورسٽيءَ رڳو علاج تائين محدود نه رهي، پر هن اي آءِ نظام کي طب جي تعليم جو حصو به بڻايو۔ هاڻي نوان ميڊيڪل شاگرد ڊجيٽل ڊاڪٽرن سان گڏ تربيتي سيشن ۾ حصو وٺن ٿا، جتي اهي حقيقي ڪيسن بدران مصنوعي مريضن تي سکيا حاصل ڪن ٿا۔ ان سان ڊاڪٽرن جي ايندڙ نسل کي نه رڳو انساني مهارت پر ٽيڪنالاجيءَ سان گڏ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت به حاصل ٿئي ٿي، جيڪا مستقبل جي صحت نظام لاءِ ضروري آهي۔
مئي 2025ع تائين ايجنٽ اي آءِ اسپتال ۾ 500 نوان بسترا شامل ڪيا ويا ۽ مريضن جي گنجائش 1500 تائين وڌي وئي۔ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جيئن اسپتال جي عمارت وڌي رهي آهي، تيئن ئي ان جو ڊجيٽل نظام به ترقي ڪري رهيو آهي۔ اسپتال جو هر مرحلو داخلا کان وٺي نرسنگ تائين اي آءِ جي سهاري هلندڙ آهي۔ ان سان گڏ “شفائي آرڪيٽيڪچر (Healing Architecture) ” جو تصور به متعارف ڪرايو ويو آهي، جتي ٽيڪنالاجي، فطرت ۽ ثقافت گڏجي علاج کي رڳو جسمن تائين نه پر روح ۽ ذهن تائين پهچائين ٿا۔ مريضن جي نفسياتي حالت کي به علاج جو حصو بڻايو ويو آهي، جتي موسيقي، روشني ۽ ماحول جو استعمال ڪيو وڃي ٿو۔
چين ۾ اي آءِ جو ٻيو وڏو قدم “ڊيپ سيڪ اي آءِ” نالي اوپن سورس طبي ماڊل آهي، جيڪو هاڻي ملڪ جي 260 کان وڌيڪ اسپتالن ۾ استعمال ٿي رهيو آهي۔ هي نظام روزانو هزارين پيٿالاجي سلائيڊون ۽ طبي رپورٽون تجزيو ڪري ٿو، ۽ ڊاڪٽرن کي حقيقي وقت ۾ فيصلا ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو۔ شنگھائي، شينزين ۽ چنگدو جهڙن وڏن شهرن ۾ ڊيپ سيڪ اي آءِ هاڻي طبي عمل جو لازمي حصو بڻجي چڪو آهي۔ ان جي مدد سان ڪينسر، دل جي بيمارين، ۽ نون وائرسن جي سڃاڻپ اڳي کان وڌيڪ تيزيءَ سان ٿي رهي آهي۔ تنهن هوندي به، چين جي صحت نظام جو رڳو 0.7 سيڪڙو حصواڃا تائين اهڙن جديد ماڊلن تي منتقل ٿي سگهيو آهي۔ پر رفتار جيڪا آهي، اها ٻڌائي ٿي ته ايندڙ پنجن سالن ۾ اهو تناسب گهڻو وڌي سگهي ٿو۔ ٽي ھوا يونيورسٽي، ايجنٽ اسپتال ۽ ڊيپ سيڪ سڀ هڪ ئي منزل هوشيار، پائيدار ۽ انسان دوست صحت جو نظام ڏانهن وڌي رهيا آهن. مصنوعي ذهانت نه رڳو علاج کي تيز ۽ سستو بڻائي رهي آهي، پر اها صحت جي فلسفي کي به بدلائي رهي آهي۔ مستقبل ۾ شايد اسپتالون صرف بيماريون علاج نه ڪنديون، پر انسان جي مڪمل ڀلائيءَ تي ڌيان ڏينديون، جتي جسم، ذهن ۽ ٽيڪنالاجي هڪ ئي لڙهي ۾ ڳنڍيل هوندا۔ چين جي اي آءِ اسپتال دنيا لاءِ هڪ مثال بڻجي چڪي آهي، جيڪا ڏيکاري ٿي ته جيڪڏهن ٽيڪنالاجيءَ کي انسانيت جي خدمت لاءِ استعمال ڪيو وڃي، ته اهو نه رڳو بيمارين جو علاج ڪري سگهي ٿو، پر اميد، آس ۽ نئين زندگيءَ جو احساس به پيدا ڪري سگهي ٿو۔

چين لاءِ مصنوعي ذهانت صرف ٽيڪنالاجي نه، پر قومي حڪمتِ عملي بڻجي چڪي آهي پر ساڳئي وقت ڪجهه بنيادي سوال اڃا تائين بي جواب آهن:
* ڇا مشيني ڊاڪٽرن تي مڪمل ڀروسو ڪري سگهجي ٿو؟
* ڇا قانون ۽ اخلاقيات هن تيز رفتاري سان بدلجندڙ دنيا سان هم قدم رهي سگهندا؟
* ۽ ڇا اهو ڏينهن به ايندو، جڏهن انسان ڪنهن مشين کي”ڊاڪٽر“چئي سڏيندو؟
انهن سوالن جا جواب وقت سان گڏ ظاهر ٿيندا، پر هڪ ڳالهه واضح آهي تہ چين مستقبل جو انتظار نٿو ڪري، پر مستقبل کي پاڻ تراشي رهيو آهي. مصنوعي ذهانت جو صحت ۾ داخل ٿيڻ صرف ٽيڪنالاجيءَ جي ڪاميابي نه آهي، پر انساني شعور جو ارتقا به آهي۔ هي سفر اڃا شروعات ۾ آهي، پر ان جي رخ مان واضح آهي ته مستقبل جو ڊاڪٽر شايد انسان ۽ مشين ٻنهي جو سنگم هوندو ۽ علاج صرف جسماني نه، پر انساني وجود جي هر پهلوءَ تائين پهچندو۔
__________________

مُشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو.



