Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

حيدرآباد ۾ ڏيارام گدومل لاج:  ھڪ صدي اڳ جي عظمتن جو اُھڃاڻ 

فقير جي پِڙ ويجھو پِشوري پاڙي ۾ ھيءَ شاندار  جاءِ ڏيارام گِدومل پنھنجي عمر جي آخري ڏهاڪي ۾ سن  1920 ع واري  زماني ۾ تعمير ڪرائي ھئي

ڏيارام گدومل اعلي تعليم حاصل ڪئي ۽ سرڪاري ملازمت ۾ سيشن جج جي عھدي تي پھتو ھو. ڏيارام گدومل پنھنجي پگھار جو وڏو حصو غريبن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو ۽ پاڻ سادگيءَ سان  رھندو ھو

الطاف صديقي

ڏھين آڪٽوبر 2025 جمعي جي ڏينهن مان صبح ساڻ نڪري پيس ڏيارام گدومل لاج جي ڳولا ۾ جنھن لاءِ بس اھا خبر ھئي ته  ڏيارام گدومل جي رھائش فقير جي پِڙ ويجھو پشوري پاڙي ۾ آھي. فقير جي پِڙ کان اُتر طرف  ڪيتريون گھٽيون نڪرن ٿيون جيڪي وري پاڻ ۾ ڪٿي نه ڪٿي وڪڙ کائي وري پاڻ ۾ ملن ٿيون. مان ته پراڻي حيدرآباد  جي گھٽين کي بدن جي نسن سان ڀيٽ ڪندو آھيان. جيئن انساني بدن ۾ نسن جو ڄار وڇايل آھي ايئن پراڻي حيدرآباد ۾ به گھٽين جو ڄار وڇايل آھي.

ديوان ڏيارام گدومل جي رھائش ڳولھڻ کان اڳ بھتر ٿيندو تہ نئين نسل جي نوجوانن کي ٻڌائيندو ھلان ته بابا  اھو ديوان ڏيارام گدومل ڪير آھي. ديوان ڏيارام جو ڏاڏو مينگھراج ڪلھوڙن جي دور ۾ چانڊڪا پرڳڻي (لاڙڪاڻي ) جي والي  جرنيل شاھ بھاريءَ جو منشي معني وزير ھيو. مينگھراج جو پٽ گدو مل (گدو بندر وارو نه ) ميرن جي صاحبيءَ ۾ حيدرآباد لڏي آيو. ھن خاندان  جا فرد شاھ بھاري جي  نوڪري چاڪريءَ واري واسطي سبب پاڻ کي شاھاڻي سڏائيندا ھئا جيڪي اڄ ڏينھن تائين سڏائين ٿا. سرگواسي پي ڪي شاھاڻي جيڪو ناليوارو قانوندان  ھو،  اھو به ھنن جي اولاد مان ھو.

گدو مل اچي حيدرآباد وسايو. پاڻ صاحب حيثيت ھو انھي ڪري پنھنجي ڌرم جي سيوا ۾ لڳي ويو. ليڊي ڊفرن اسپتال اسٽيشن روڊ تي ڳاڙھي عمارت آھي. ان ۾ سنسڪرتي اسڪول کولي پنھنجي ڌرم جي سيوا ڪرڻ لڳو. سندس ڪاروبار ميٺارام سنڀاليو. ديوان  ميٺارام ، ديوان گدو مل جو وڏو ڀاء ھو. ھي پاڻ به سخي مرد ھو. ھن ڪراچيءَ ۾ ميٺارام ھاسٽل، رام باغ (موجودہ آرام باغ) ويجھو ڪراچيءَ ۾ تعمير ڪرائي. حيدرآباد ۾ ميٺارام ھاسٽل ريڊيو اسٽيشن  ويجھو ۽ ميٺارام ھال مسلم ڪاليج سان گڏ تعمير ڪرايو ھو. يعني ته ديوان ڏيارام  کي گھر مان ئي سماجي خدمت جي تربيت حاصل ٿي ھئي.

ڏيارام گدومل اعلي تعليم حاصل ڪئي ۽ سرڪاري ملازمت ۾ سيشن جج جي عھدي تي پھتو ھو. ڏيارام گدومل پنھنجي پگھار جو وڏو حصو غريبن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو ۽ پاڻ سادگيءَ سان  رھندو ھو .سندس  حياتيءَ سان ڪيترائي انساني خدمت سان واقعا ڳنڍيل آھن.  

ديوان ڏيارام تمام محدود تعلقات رکندو ھو پر انھيءَ جي باوجود به  مرزا قليچ بيگ سان  سندس دوستي ھئي.  ڏيارام ، ساڌو ٽي ايل واسواڻي، حسن علي آفندي ۽ ساڌو ھيرانند سان گڏجي سنڌ سڀا تنظيم جو بنياد وڌو ھو. ڏيارام ڪيترائي ڪتاب بہ لکيا. حيدرآباد جو گورنمنٽ  ڪاليج جنھن کي 2017ع کان يونيورسٽي جو درجو حاصل ٿيو، ان جو ورھاڱي کان اڳ نالو ڏيارام گدومل (ڊي جي ) نيشنل ڪاليج ھو. ھن ڪاليج کي سندس خدمتن کي نظر ۾ رکندي سندس نالي سان  منسوب ڪيو ويو ھو. سندس ديھانت  7 ڊسمبر 1927ع تي ٿيو ھو.

ھيءَ شاندار  جاءِ ڏيارام پنھنجي عمر جي آخري ڏهاڪي ۾ سن  1920 ع واري  زماني ۾ تعمير ڪرائي ھئي. پراڻي وقت ۾ شھر جا عامل ڀائيبند سڀ شاھي بازار جي ويجھو گھر ٺھرائيندا ھئا. اڄ به گھٽين ۾  ڪيتريون محل ماڙيون حيدرآباد جي شاندار ماضيءَ جو آئينو آھن. ڏيارام جو گھر به پشوري پاڙي  جي ويجھو سنھين گھٽين ۾ آھي.

مان به پڇا ڪندي ڪندي جاءِ جا پار پتا ڏيندي نيٺ وڃي جاءِ ڳولي لڌي. گھٽي بلڪل سنسان لڳي پئي ھئي. سچ ته اھو آھي جو مان پاڻ کي ھن گھٽيءَ ۾ اوپرو اوپرو محسوس ڪري رھيو ھيس. ھن عمارت واري گھٽي فقير جي پڙ کان نڪري کانتي مل جي ٽنڊي ڏانھن اچي ٿي جنھن کي ھاڻي کانتا چونڪ سڏين ٿا. گھٽيون اھڙيون منجھيل آھن جو جيڪڏھن مان ٻيھر وڃان ته شايد رستو ڀلجي پوان .

______________

الطاف صديقي رٽائرڊ بينڪر آھي. ھُو پنھنجي شوق خاطر سنڌ جي ورثي جي ڳولا ۾ رھندو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. Nostalgia
    My mother is born bread in Hyderabad
    Her father was grandson of a 2nd line general of Mir Ali Murad and part of inner cordon Lashkar
    After Napier’s invasion they all took refuge in Multan land
    Later after political settlement by KR Pringle the first civil servant appointed in Sind as Commissioner
    In 1849 and 1852 they all fall back to Hyderabad
    They moved to Hoosrri land but soon returned to Hyderabad and took the supervision of Dargha Shrine Ashraf shah and Qadam Mola Ali
    My maternal grandfather Khan Saheb Abdullah Khan was born in Hyderabad in 1887 and studied in Hyderabad
    Later he joined police service as Sub inspector in 1907 after Minto Morley reforms
    Very few were Muslims who had beautiful houses built in Hyderabad and others were Hindu brothers.Qazi Abdul Qayoom lived two years in otaq of my grandfather Abdullah Khan
    They were Burrdi or Buledi by cast and we’re successor of Hameer Khan Buledi who was among first line salary of Mir

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button