Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

چين ۾ رسول بخش پليجي جي ياد، جنھن مائوزيتنگ بابت يادگار ڪتاب لکيو ھو

پليجي صاحب جنھن انداز سان مائوزيتنگ جي شخصيت کي پنھنجي لفظن جي جادوگريءَ سان بيان ڪيو آهي، اهو ڪمال جو آهي. انھيءَ ڪتاب سنڌ جي سياسي ڪارڪنن کي گهڻو متاثر ڪيو ھو

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

پھرين ڊسمبر 2024: جڏهن کان هتي آيو آهيان، تڏهن کان مون کي محترم رسول بخش پليجو ياد ايندو رهندو آهي. پليجي صاحب مائوزيتنگ تي جيڪو ڪتاب لکيو، ان سنڌ جي سياسي ڪارڪنن کي گهڻو متاثر ڪيو. مون مائوزيتنگ تي ڪجهه ٻيا به ڪتاب پڙهيا آهن، پر پليجي صاحب جي ان ڪتاب منھنجي ذهن تي جيڪو اثر ڇڏيو، اهو ڪڏهن به ختم نه ٿيو. چين اچڻ کان اڳ جڏهن اهو ڪتاب ٻيھر پڙهيم ته مزو اچي ويو. هن جنھن انداز سان مائوزيتنگ جي شخصيت کي پنھنجي لفظن جي جادوگريءَ سان بيان ڪيو آهي، اهو ڪمال جو آهي. جيتوڻيڪ ڪتاب مختصر ۽ پرائمري سطح جو آهي، پر ان کان وڌيڪ مائو جي شخصيت تي سنڌيءَ ۾ ٻيو ڪو ڪتاب نه لکيو ويو آهي. اڄ جڏهن اهڙي پوسٽ ڇڏيم ته منھنجي دوست عبدالڪريم سومري چيو ته، ”پليجي جون ساروڻيون لکو.“… مون پليجي تي هڪ مضمون لکڻ جي شروعات به ڪئي هئي، هڪ صفحو لکيو به هو، پوءِ رهجي ويو ۽ ٻي ڀيري جڏهن لکڻ چاهيم ته اهو لکيل پنو نه مليو، جنھن سبب لکي نه سگهيس، پر اهو صفحو اسڪول ۾ منھنجي ڪنھن فائل ۾ پيل آهي، هاڻ ويندس ته اهو صفحو ڳولھي ذهن ۾ جيڪو پليجي صاحب جي باري ۾ اٿم، اهو لکندس. پليجي صاحب تي منھنجي ان اسٽيٽس ڇڏڻ تي دوستن جيڪي رايا ڏنا، انهن ۾ شبير شر جو رايو ڏاڍو دلچسپ آهي، لکي ٿو: ”اها حقيقت آهي ته سنڌ ۾ لکڻ پڙهڻ جو رواج پليجي صاحب وڌو، سُٺا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. جڏهن ساڻس ملندا هئاسون ته پھريون سوال اهو هوندو هو ته اڄ ڪلهه ڪھڙو ڪتاب پيا پڙهو. ليکڪ ڪير آهي، ڇا پيو لکي، پوءِ اهو ٿيندو هو ته ڪوئي نه ڪوئي ڪتاب پڙهي، ڪم جون ڪي اهم ڳالهيون ياد ڪري پوءِ ويندا هئاسون. مسئلو تڏهن ٿيندو هو، جڏهن اوچتو نياپو ايندو هو ته پليجو صاحب سکر پھچي ويو آهي ۽ حبيب هوٽل ۾ ويٺو توهان کي ياد ڪري، پوءِ ته ڪچھريءَ ۾ رات گذري ويندي هئي. پر ڪچھري نه کٽندي هئي.“

مون پاڪستان ۾ يا ڪجهه سفرنامن ۾ پڙهيو هو ته چين ۾ هاڻ مائو جو ڄڻ نالو به ڪونهي، پر منھنجي تجربي ۽ مشاهدي موجب جڏهن هڪ ٻه نسل گذري وڃن ٿا ته پوءِ اهڙيون شخصيتون فقط علامت ۽ احترام جوڳي حيثيت حاصل ڪري وڃن ٿيون. مائو سان به ائين آهي. مائو جو حمايتي ۽ مخالف نسل ڪڏهن ڪو گذري ويو. نئين نسل کي گذريل اڳواڻن سان ڪا دلچسپي نه ٿي رهي. ٻيو ته چين جو سڄو سماج هڪ لحاظ کان ڄڻ ته غير سياسي آهي. حڪومت پاران ڪن قدمن سبب چيني ڪن ٻين پاسن سوچين ئي ڪونه ٿا. هتي مون مائو جي باري ۾ چيني ٻولي ۾ ڇپيل ڪتابن جو به وڏو انگ ڏٺو ۽ مائو جي تصوير وارو هڪ نھايت خوبصورت ڪئلينڊر به ڏٺم ۽ ڪجهه بيج به. باقي اها حقيقت آهي ته جنھن کي پاڻ ”فڪِر مائوزيتنگ“ چئون ٿا، سرڪاري سطح تي هاڻ ان کي عمل نه ٿو ڪيو وڃي. حڪومتي پاليسيون بلڪل ٻيون آهن ۽ مون کي اهو چوندي هٻڪ محسوس نه پئي ٿئي ته جيڪڏهن چيني حڪومت ۽ ڪميونسٽ پارٽي انهن پاليسين تي هلي ها ته اڄ چين اڃا به پٺتي پيل ملڪ هجي ها. ڊينگ زيائوپنگ، چين جا دروازا ٻين ملڪن لاءِ کولي ڄڻ ته هن جي ترقي جا رستا کوليا. باقي اهو چوندي ڪونهي ته چين هينئر سوشلسٽ نه پر صنعتي ملڪ آهي ۽ سرمائيداريت جون سڀ ڪثافتون موجود آهن.

گذريل ٻن ٽن ڏينھن کان اڪيلو ’ڇائو يانگ‘ وڃڻ جو پي سوچيم. پر سستيءَ سبب ويٺو ئي رهندو هئس. اڄ وشال کي چيم، ”يار ٽئڪسي گهرائي ڏي ته ڇائو يانگ وڃان.“

وشال آن لائن ٽئڪسي گهرائي ۽ ڇائويانگ روانو ٿيس. اتي پھچي مسجد وٽ لٿس، پوءِ هلندو ونڊو شاپنگ ڪندو هڪ ننڍي شاپ تي بيٺس، جتي نئين سال جا ڪئلينڊر، جنتريون، بيج ۽ پراڻا سڪا وڪامي رهيا هئا، جن کي مون وڏي شوق سان ڏٺو. هڪ ڪئلينڊر جنھن تي مائوزيتنگ جي ڏاڍي خوبصورت تصوير ڇپيل هئي، وٺڻ جو خيال ٿيو ۽ ٻه ٽي مائو جي تصوير وارا بيج به پسند ڪيم، پر اتي ويٺل مائي صاحبه پئسا ايترا ته ٻڌايا، جو هڪدم يوٽرن وٺندي سوچيم، ”اڳ ۾ ئي گهڻيون شيون ورتيون اٿم. وڌيڪ وٺي ڇا ڪندس.“ پوءِ اهي ڇڏي اڳتي وڌي ويس. اتان سِڌو بوڪ شاپ تي ويس، جنھن تي اڳ ۾ ٻه ڀيرا آيو هئس، هيٺ مٿي چڪر لڳايم، ٿوري دير اتي ويٺس ڪتاب ڏٺم، پر اڄ مون کي اُتي الائي ڇو مزو نه آيو ۽ عجيب بي چينيءَ جو احساس ٿي رهيو هو. وشال، مريم ۽ وشال جي وني کشين کان جدا ٿيڻ جي تصور مون کي بي چين ٿو ڪري ڇڏي. وشال سان اهي ٻه مھينا مون غير جذباتي ٿي گذاريا، هو مون کان اٺ سال پري رهيو، منھنجو محبوب پُٽ، منھنجي ڌيءَ امرتا چوندي آهي ته ”ابو توکي وشال سان عشق آهي.“ جواب ۾ چوندو آهيانس ته ”مائٽ جو هر اولاد سان عشق ئي هوندو آهي.“

بوڪ شاپ تان واپسي تي اچي مسجد جي ڪيفي ٽيريا ۾ ويٺس ۽ هڪ ڪوڪ وٺي اها پيئندو  شيشي مان ٻاهريان نظارا ڪرڻ لڳس ۽ چين جي ترقيءَ تي سوچڻ لڳس. چين جي ترقيءَ جو هڪ راز سخت نظم و ضبط ۽ قانون تي سختي سان عمل ڪرائڻ ۾ به آهي. اوڻيھه ويھه ته هر هنڌ ٿئي ٿي. قانون هوندي به آمريڪا ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ ان قسم جا واقعا عام جام ٿين ٿا، پر چين ۾ ائين ڪونهي، مون کي ڪجهه دوستن ٻڌايو ته چيني ماڻهو پوليس کان گهڻو لنوائين ٿا. هڪ دوست ٻڌايو ته هڪ چينيءَ سان پارٽنرشپ هيم، ٽوڙيم ته پئسا ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. کيس بار بار چيم ته منھنجو حساب ڪتاب ڏي، پر ڏيڻ جي لاءِ تيار نه هو. نيٺ هڪ ڏينھن چيومانس ته جيڪڏهن چوويھن ڪلاڪن ۾ نٿو ڏينءَ ته سُڀاڻي پوليس ۾ ٿو وڃان. همراهه ٻي ڏينھن اچي ماٺ مٺيءَ ۾ مون کي حساب ڪتاب ڏيئي ويو. چين ۾ جيڪڏهن گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرجن ته ٻيئي ڌريون نه وڙهن نه هڪٻئي تي اُلرون ڪن. اتي ئي بيٺا رهن. پوليس اچي ڪيمرائن جو جائزو وٺي، پوءِ جيڪو ڏوهاري ٿئي، اهو ٻي کي نقصان جا جيترا پئسا چوي اهو ڀري ڏي، ٿڏي تي انصاف، نه ريڙهه نه پيڙهه، نه گار نه گند، نه وري بھانا هلن.

اڌ ڪلاڪ کن اتي ويھي، اٿي وڃي هيڏانھن هوڏانھن وڙڪڻ ۽ جھان ڏسڻ لڳس. پوءِ ’ون ڊالر‘ شاپ ۾ گهڙي ويس. خبر ناهي ته منھنجي اندر ۾ ڪو ٻار ويٺل آهي يا ٻاراڻي عمر کي پھچي ويو آهيان. جو رانديڪا ڏسان ٿو ته انهن وٽ بيھو رهان ۽ انهن کي پيو ڏسندو آهيان. اُن دوڪان ۾ شيشي جو هڪ ”پينگوئن“ پکي جو اسٽيچو ڏٺم ته هڪدم دل ٿي ته کڻي ورتم. ڏهه يوان ڏيئي کڻي ٻاهر آيس، جيڪو پوءِ وشال ڏٺو ته کليو. چيومانس ”پشو، تنھنجو ابو به مريم وانگر ٻار ٿي ويو آهي.“

ٻاهر نڪتس ۽ ڇائو يانگ ۾ وڙڪڻ لڳس. تيسين وشال جي ڪال اچي ويئي ته ”ابو ڇا پروگرام آهي؟“ وراڻيومانس، ”ڀلي اچ، مسجد جي ڪيفي جي ٻاهر اچي ٿو بيھان.“

آءٌ هلندو، آسپاس ڏسندو اچي مسجد جي ڪيفي جي ٻاهران بيٺس، ٿوري دير ۾ وشال به بائيڪ کڻي پھچي ويو ۽ آءٌ ساڻس گڏ اچي ’ذائقه‘ تي پھتس.

___________________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو اڄڪلھ چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. مائوزیتنگ چين جي انقلاب جو باني آهي جنهن آفيمي قوم کي سجاڳ ڪري وڏو انقلاب آندو، لانگ مارچ جو باني آهي ست هزار ڪلوميٽر پنڌ ڪري عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪئي
    رسول بخش پليجو صاحب مائوزیتنگ جي آتم ڪهاڻي لکي سنڌي قوم کي بيدار ڪيو، رسول بخش پليجو صاحب ڪتاب صبح ٿيندو، آنڌا اونڌا ويڄ، پسي ڳاڙھا گل، جديد جو ادب ڇا آهي ” سندي ذات هنجن” لکي ادب ۾ نواڻ پيدا ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button