آء نه ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو: سامراجي نظام کربين ڊالر انسانن جي برباديءَ تي خرچ ڪري ٿو
دنيا جي مختلف ملڪن جي دفاعي بجيٽ جي انگ اکرن مان اندازوڪري سگھجي ٿو تہ ھر سال مجموعي طور کربين ڊالر انسانن جي ڀلائيء بدران انھن جي تباھيءَ تي خرچ ڪيا پيا وڃن
ادريس چانڊيو
ڌرتي جي ٺھڻ جي تاريخ 05 ارب سال پراڻي آهي ۽ 02 ارب سال ان کي ٿڌي ٿيڻ ۾ لڳا. زندگيءَ جي شروعات به 200 ڪروڙ سال پراڻي آھي جڏھن ته انسان به 35 لک سال اڳ ڳالھائڻ شروع ڪيو. آخري برفاني دور جيڪو 40 ھزار سال اڳ گذري ويو، ان کان پوء انسان گڏجي رھڻ شروع ڪيو. قديم اشتراڪيت , قبائلي ۽ جاگيرداراڻا سماجي دور به زندگيءَ ۾ سُست رھيا . انسان فطرت , جانورن ۽ انساني گروھي طاقتور خوني حملن کي منھن ڏنو آھي .
سرمائيداراڻي استحصالي دور کي ڪجهه سئو سال ٿيا آھن. انساني تاريخ جو ڊگھو دور سماجن , مذھبن , قانونن ۽ ذاتي ملڪيت جي تصور کان اڳ به ھو ۽ سرمائيداراڻي سماج ۽ سوشلسٽ سماج کان پوء به رھندو. سوشلسٽ مفڪر اينگلس لکيو آھي ته سرمائيداريءَ لاء ٻه رستا آھن , ھڪ بربريت ڏانھن وڃي يا عالمي سوشلزم ڏانھن. ڪامريڊ جي پھرين ڳالهه به پوري ٿي پر ٻي ڳالهه انسان ذات کي نصيب نه ٿي آھي .
جيئن سرمائيداري آئي آھي ته انسان پنھنجي ماء ڌرتيءَ کي تباھ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آھي . شين جي پيداوار لاء ڌڙا ڌڙ ڪارخانا قائم ڪيا ويا . جن مان زھريلي گيس خارج ٿيندي رھي آھي . ٽرانسپورٽ مان نڪرندڙ دونھون اوزون جي تھ کي ڇيھو رسائي رھيو آھي. باغ باغيچا برباد ٿي ويا ۽ وڻڪار گھٽجي وئي. ملڪن خطن ۽ کنڊن جون موسمون مٽجي ويون , وڏا وڏا شھر اُجڙي ويا، شھرن جو گندو پاڻي درياھن ۽ سمنڊ ۾ وھندو رھي ٿو . پاڻي ۽ ھوا ۾ گدلاڻ وڌي وئي. لاھور , دھلي , بيجنگ ۽ ٻيا وڏا شھر رھڻ جي لائق نه رھيا آھن . گرميءَ جو درجو وڌي ويو آھي ۽ لڳاتار وڌندو رھي ٿو . اھڙي طرح فطرت ناراض ٿي وئي آھي. زلزلا , سونامي, ۽ وائرس جي شڪل ۾ بي شمار بيماريون اچڻ شروع ٿي ويون آھن . ڪرونا وبا ۾ دنيا اندر 4 ڪروڙ ماڻھو بيمار ٿيا ۽ 25 لک انسان فوت ٿيا , نمونيا, دستن ۽ ڄم دوران 2017 ع ۾ 63 لک معصوم ٻار موت جي منھن ۾ ھليا ويا . 2015 ع ۾ ويم دوران 3 لک عورتون فوت ٿيون ۽ 70 ڪروڙ انسان خراب کاڌ خوراڪ جو شڪار ٿيا آھن . دنيا اندر لکين ماڻھو روزانو خودڪشيون ڪن ٿا پوء به اولھ ۽ اوڀر جون عالمي قوتون جنگ لاء تياري ڪري رھيون آھن. سرمائيداري ۽ سامراج انساني استحصالي قومن جي غلامي ۽ جنگين کان پوء ڌرتي جي تباھيءَ ۾ رڌل آھن . سمورن طاقتور ملڪن کي ڌرتيءَ جي بچاء لاء اڳتي اچڻ گھرجي. دنيا جي صورتحال ان جي ابتڙ آھي . ڪجھ ملڪن جي دفاعي بجٽ ھن ريت آھي , آمريڪا دفاعي بجٽ 997 ارب ڊالر . چين296 ارب ڊالر. سعودي عرب 78 ارب ڊالر . انڊيا 77 ارب ڊالر. جرمني 66 ارب ڊالر. فرانس 65 ارب ڊالر . برطانيا 57 ارب ڊالر . ڏکڻ ڪوريا 47 ارب ڊالر. اسرائيل 46 ارب ڊالر. ترڪي 25 ارب ڊالر . پاڪستان 9 ارب ڊالر ؟
دنيا جي مختلف ملڪن جي دفاعي بجيٽ جي انھن انگ اکرن مان اندازوڪري سگھجي ٿو تہ ھر سال مجموعي طور کربين ڊالر انسانن جي ڀلائيءَ لاءِ خرچ ڪرڻ بدران انھن جي تباھيءَ تي خرچ ڪيا پيا وڃن. اھو سڀ ڪجھ سرمائيداري ۽ سامراجي طبقن جي مڙھيل استحصالي نظام جو نتيجو آھي. جيڪڏھن پرماريت وارو اھو نظام ختم ٿئي ۽ کربين ڊالر انسانيت جي ڀلائيءَ لاءِ خرچ ڪيا وڃن تہ دنيا ۾ امن، سُڪون ۽ خشحالي اچي سگھي ٿي.
_____________
ادريس چانڊيو سينئر سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آھي