Editor's pickMain Slideثقافتدنيا

پُوڄا موٽواڻي: انڊيا کان يورپ ۽ آمريڪا تائين اجرڪ جي نمائش ڪندڙ سنڌياڻي

تازو ھُن آمريڪا ۾ سانا جي ڪنوينشن ۾ بہ اجرڪن جو اسٽال ھنيو ھو. دھليءَ جي ڊزائنر پُوڄا موٽواڻيءَ 2015 کان اجرڪ ٺاھڻ شروع ڪيا. پھرين نمائش ڪئناڊا ۾ ڪيائين. شروع ۾ سندس اجرڪن جا ريدارسنڌي  نہ پر پنجابي ھئا

ھُوءَ پنھنجي وڏڙن جا شھر سکر ۽ لاڙڪاڻو گھمڻ توڙي سنڌ جي اجرڪن جو مُشاھدو ڪرڻ لاءِ سنڌ اچڻ چاھي ٿي.

خاص رپورٽ

ويجھڙائيءَ ۾ سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي ڪنوينشن ۾ نئين دھلي، انڊيا مان ھڪ خاتون پُوڄا موٽواڻي بہ شريڪ ٿي، جيڪا ھڪ ڊزائنر آھي ۽ انڊيا توڙي آمريڪا، ڪئناڊا ۽ يورپ ۾ سندس تيار ڪيل مصنوعات جي نمائش ٿئي ٿي. سندس ڪاروبار جي ھڪ خاص ڳالھ ھيءَ آھي تہ ھُن انڊيا ۾ اجرڪ مان مختلف شيون تيار ڪري دنيا جي مختلف مُلڪن ۾ ان کي متعارف ڪرڻ لاءِ اسٽال ھڻڻ شروع ڪيا آھن. سانا جي ڪنوينشن ۾ بہ پُوڄا موٽواڻيءَ پنھنجو اسٽال ھنيو ھو. انھيءَ موقعي تي سانا جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر مظھرلاکي پُوڄا موٽواڻيءَ جو ھڪ مختصر انٽرويو رڪارڊ ڪيو. ڊاڪٽر مظھر اھو شخص آھي جنھن انٽرنيٽ کان اڳ واري زماني ۾ آمريڪا جي سنڌين کي پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ جي خبرن کان باخبر رکڻ لاءِ ”اِن ٽچ“ جي نالي سان ٽيليفون تي پُورا ست سال  ٽال فِري سروس ھلائي ھُئي.

پُوڄا موٽواڻيءَ ڊاڪٽر مظھر کي ٻُڌايو تہ سال 2003 کان ھُن پنھنجو ڪاروبار شروع ڪيو جڏھن سندس عمر اڃان سترھن ورھيہ ھُئي. بھرحال، 2015 کان ھُن اجرڪ ٺاھڻ ڏانھن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ۽ اُن سلسلي ۾ پھرين نمائش ڪئناڊا ۾ ڪئي. ”شروع ۾ بزنيس سُٺو ڪونہ ھو، ڇو تہ اُتان جي سنڌين کي اجرڪ جو ڪو آئيڊيا ئي ڪونہ ھو تہ اجرڪ ڇا آھي. ٽن سالن کانپوءِ وڃي بزنيس ھلڻ شروع ٿيو ۽ آرڊر ملڻ لڳا پر اھي خريدار بہ سنڌي نہ بلڪ پنجابي ھئا،“ پُوڄا چيو.

پُوڄا چيو، ”ھوريان ھوريان سنڌين بہ اجرڪ خريد ڪرڻ شروع ڪيا.“

ھُن ٻُڌايو تہ جڏھن ڪرونا وبا پکڙي تہ مون اجرڪ جا ماسڪ ٺاھي متعارف ڪرايا. ”منھنجي ڪوشش آھي تہ مان شادين وغيرہ ۾ بہ اجرڪ مان ٺھيل لباس متعارف ڪرايان. مثال طور مينديءَ يا ٻين رسمن جي موقعي تي اجرڪ جي پرنٽ جا لباس.“

ھڪ سوال تي پُوڄا موٽواڻيءَ ٻڌايو تہ سندس وڏا لاڙڪاڻي ۽ سکر جا ھئا. ”منھنجي دل ڏاڍو چاھي ٿي تہ سنڌ گھمان ۽ پنھنجي وڏڙن جي انھن شھرن ۾ بہ وڃان. پر خاص طور مان سنڌ ۾ اجرڪ سازي جا مرڪز بہ گھمڻ چاھينديس ۽ جيئن انھن جو مُشاھدو ڪريان. اسان وٽ انڊيا ۾ ٺھندڙ اجرڪن ۽ سنڌ ۾ ٺھندڙ اجرڪن ۾ وڏو فرق آھي. انھيءَ جو ھڪ ڪارڻ پاڻيءَ جو فرق بہ آھي.“

پُوڄا چيو تہ کيس سنڌي ٿوري گھڻي ڳالھائڻ اچي ٿي پر لکي نٿي سگھي. ”ھاڻي مان ان تي ڌيان ڏينديس.“

ڊاڪٽر مظھر جي پُڇڻ تي پُوڄا موٽواڻيءَ چيو تہ دھليءَ کان پري سانا ڪنوينشن ۾ ھُن پاڻ کي گھر کان پري محسوس ڪونہ ڪيو. ”مونکي محسوس ٿيو تہ مان ڄڻ پنھنجي گھر ۾ پنھنجن سان گڏ آھيان. سانا ڪنوينشن ۾ چار سئو سنڌين سان ميل ملاقاتون ٿيون. سڀني پيار ۽ عزت ڏني.“

_______________           

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button