ٻوڏ جي صورتحال؛ سنڌ ۾ 8 لک ڪيوسڪس وهڪرو پھچڻ جو امڪان
اسان جي تياري مڪمل آهي، درياھ ڪناري ويٺل ماڻهن کان علائقا خالي ڪرايا ويا آھن. في الحال وفاقي امداد جي ضرورت ناهي، وڏو وزير مراد علي شاھ
اسٽاف رپورٽر
ڪراچي
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ نديءَ ۾ وڏي ٻوڏ وارو وھڪرو اچڻ ۾ دير ٿي وئي آهي ۽ هاڻي اهو 9 سيپٽمبر تي گُڊو بئراج پهچڻ جو امڪان آهي.
وڏي وزير جو خيال اھي تہ وڏو وھڪرو پھچڻ سان پاڻيءَ جو وهڪرو 8 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ هوندو. ھن چيو تہ تياريءَ طور درياءَ ڪناري رهندڙ خطري وارن علائقن جي ماڻهن جي لڏپلاڻ کي تيز ڪيو ويو آهي.
فلڊ ايمرجنسي سينٽر ۾ آچر ڏينھن ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ڪمشنرن ڪچي وارن علائقن ۾ اعلان ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته جيئن ماڻهو پنهنجا گهر خالي ڪري محفوظ هنڌن تي منتقل ٿين.
وڏي وزير ٻڌايو ته لڳ ڀڳ 3 لک 24 هزار ماڻهو لڏ پلاڻ لاءِ تيار آهن، جن مان 1 لک 28 هزار ماڻھن اڳ ۾ ئي پنهنجا گهر ڇڏيا آهن. بحرحال، گهڻا ماڻهو رليف ڪيمپ ۾ نه رهڻ جي ڪري بندن تي منتقل ٿيا آهن. هاڻي تائين 40 هزار کان وڌيڪ مريضن کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي آهي جڏهن ته 9 لک ڍورن کي ويڪسينيٽ ڪيو ويو آھي.
وڏي وزير چيو ته ليفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين مان پاڻي ڪڍڻ وارو قدم فائديمند ثابت ٿيندو. ھن چيو تہ صوبو انڊس هاءِ وي تي پُل به ٺاهي رهيو آهي ته جيئن اچ وڄ آسان ٿئي.
هن وڌيڪ چيو ته سليمان جبل ۾ مينهن ايترو شديد ناهي جو فوري طور درياءَ ۾ چاڙھ پيدا ٿئي، پر اسان محتاط آهيون.
_____________