Editor's pickMain Slideآئي ٽي ۽ سائنسڏکڻ ايشيا

ڊجيٽل دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل، موقعا ۽ چئلينجز

سنڌي ٻولي، جنهن جو تاريخي ورثو تمام گهڻو قديم ۽ امير آهي، ان کي به هن نئين دور ۾ پنهنجي بقا ۽ ترقي لاءِ هڪ نئين جنگ کي منهن ڏيڻو آهي.

اڪثر سنڌي ڳالهائيندڙن کي تعليمي، تاريخي يا سائنسي معلومات لاءِ ٻين ٻولين جي مواد تي ڀروسو ڪرڻو پوي ٿو، جنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ جو استعمال محدود ٿي وڃي ٿو.

عبدالله عثمان مورائي

اڄوڪو دور ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽلائيزيشن جو دور آهي. دنيا جي هر هڪ قوم پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ ورثي کي ڊجيٽل پليٽ فارمن تي محفوظ ڪرڻ ۽ ان کي وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. سنڌي ٻولي، جنهن جو تاريخي ورثو تمام گهڻو قديم ۽ امير آهي، ان کي به هن نئين دور ۾ پنهنجي بقا ۽ ترقي لاءِ هڪ نئين جنگ کي منهن ڏيڻو آهي. هي مضمون ڊجيٽل دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ کي درپيش چئلينجز ۽ ان لاءِ موجود موقعن جو جائزو وٺندو.

ڊجيٽل چئلينجز ۽ مسئلا

سنڌي ٻوليءَ کي ڊجيٽل پليٽفارمن تي اڃا تائين ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏيڻو آهي، مثال طور:

آن لائن مواد جي گهٽتائي

ڊجيٽل دنيا ۾ سنڌي ۾ لکيل مواد (text)، ويب سائيٽون، بلاگ ۽ وڊيوز تمام گهٽ تعداد ۾ موجود آهن. اڪثر سنڌي ڳالهائيندڙن کي تعليمي، تاريخي يا سائنسي معلومات لاءِ ٻين ٻولين جي مواد تي ڀروسو ڪرڻو پوي ٿو، جنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ جو استعمال محدود ٿي وڃي ٿو.

ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۾ مسئلا

سنڌي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۾ اڃا به گهڻا مسئلا موجود آهن. يونيڪوڊ (Unicode) جي باوجود، ڪجهه فونٽ ۽ سافٽ ويئر سنڌي اکرن کي صحيح نموني سپورٽ نٿا ڪن. ان کان سواءِ، سنڌيءَ ۾ خودڪار تصحيح يا پاڻ مرادو اکرن ۽ لفظن کي صحيح ڪرڻ (auto-correction) ۽ ڳالهائي لکڻ (voice-to-text) جهڙيون خدمتون ۽ سهولتون اڃا تائين گهڻي ترقي نه ڪري سگهيون آهن. 

نئين نسل جي بي رخي

 نئون نسل، خاص طور تي شهري علائقن ۾، پنهنجي تعليم ۽ نوڪرين لاءِ انگريزي ۽ اردو ٻوليون سکي ٿو، جنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ جو استعمال انهن جي زندگيءَ ۾ گهٽجي رهيو آهي. ڊجيٽل دنيا ۾ انگريزي جي ڀرپور موجودگي هن بي رخي کي وڌائي ٿي.

ڊجيٽل دور جا موقعا

جيتوڻيڪ چئلينجز تمام گهڻا آهن، پر ڊجيٽل دور سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيترائي اهڙا موقعا پڻ فراهم ڪري ٿو، جن کي استعمال ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي نئين زندگي ڏئي سگهجي ٿي، مثال طور:

سوشل ميڊيا جو ڪردار

 فيسبڪ، ٽوئيٽر (هاڻي X)، يوٽيوب، انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ جهڙا پليٽفارم سنڌي ٻوليءَ کي فروغ ڏيڻ ۽ ان جي واڌ ويجهه لاءِ بهترين وسيلو آهن. ڪيترائي نوجوان سنڌي بلاگرز، وڊيو ميڪرز ۽ مواد ٺاهيندڙ (content creators) پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڄاڻ ورهائي رهيا آهن، جيڪي نئين نسل کي سنڌي ٻوليءَ کي استعمال ڪرڻ لاءِ همٿ ڏين ٿا.

آن لائن تعليم ۽ لائبريريون

سنڌي ۾ ڪتابن ۽ ادب کي آن لائن لائبررين ۽ ايپس جي ذريعي محفوظ ڪري سگهجي ٿو. ان سان دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ ويٺل سنڌي ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ جو علم حاصل ڪري سگهن ٿا. ان کان سواءِ آن لائن ڪورسز ۽ ٽيوٽوريلز سنڌي ۾ فراهم ڪري سگهجن ٿا، جنهن سان سنڌي شاگردن کي سندن پنهنجي ٻوليءَ ۾ تعليم ملڻ جي سهولت ٿيندي.

 وڪيپيڊيا ۽ ڊجيٽل انسائڪلوپيڊيا

سنڌي وڪيپيڊيا کي وڌيڪ ترقي ڏيڻ لاءِ وڏي پئماني تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي هڪ اهڙو پليٽفارم آهي جيڪو دنيا جي سڀني ٻولين کي هڪ گڏيل جاءِ تي معلومات فراهم ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿو. سنڌي ۾ معلوماتي مواد وڌائڻ سان ٻوليءَ کي عالمي سطح تي سڃاڻپ ملندي.

موبائيل ائپس

موبائيل ائپس جي ذريعي سنڌي ٻولي کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ سولو ٿي ويو آهي. سنڌي ڪيبورڊ، ڊڪشنري ائپس، راندين ۽ تعليمي ائپس کي ٺاهڻ سان سنڌي ٻوليءَ جو استعمال وڌي سگهي ٿو. ان کان سواءِ ٻولي سکڻ لاءِ اهي ائپس نون ماڻهن کي به سنڌي سکڻ لاءِ راغب ڪري سگهن ٿيون.

اڳتي وڌڻ لاءِ تجويزون

سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽل ترقي لاءِ صرف ٽيڪنالاجي ڪافي نه آهي. ان لاءِ ڪجهه اهم قدم کڻڻا پوندا جيئن حڪومت ۽ ادارن جي مدد سان سنڌي ٻوليء ۾ ڊجيٽل مواد ٺاهڻ لاءِ منصوبا شروع ڪرڻ گهرجن، جنهن ۾  نوجوانن جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ کين هن ڪم ۾ وڌيڪ حصو وٺڻ لاءِ همٿائڻ گهرجي. ان کان سواء ڊجيٽل مواد ٺاهڻ جا مقابلا ۽ تربيتي ورڪشاپون منعقد ڪرڻ گهرجن. سنڌي ۾ وڌيڪ يوٽيوب چينل ۽ بلاگ ٺاهڻ گهرجن، جن ۾ مختلف موضوعن جهڙوڪ تعليم، سائنس، ادب ۽ تاريخ تي مواد هجي.

حاصل مقصد ته ڊجيٽل دنيا ۾ سنڌي ٻولي جو مستقبل روشن ٿي سگهي ٿو، پر ان لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ٽيڪنالاجي صرف هڪ اوزار آهي، پر ان کي استعمال ڪرڻ جو ارادو اسان جي سنڌي عوام کي ڏيکارڻو پوندو. جڏهن اسان هر ڊجيٽل پليٽفارم تي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳالهائينداسين، لکنداسين ۽ پنهنجي ڄاڻ ورهائينداسين، تڏهن ئي اسان پنهنجي ٻوليءَ کي ان جي اصل مقام تي پهچائي سگهنداسين.

____________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN

عبداللہ عثمان مورائيءَ جو سنڌ جي شھر مورو سان آھي. ھُو سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر ۽ انگريزي، سنڌي ۽ اردو ٻولين جو ناميارو ڪالم نگار ۽ سفرناما لکندڙ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button