Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

ملڪ جو آئين معطل آهي، محمود خان اچڪزئي

قومن جي وسيلن تي قبضو ٿي چڪو آهي، جمهوريت پسند عوام دوست سياسي ڌرين کي سڄي ملڪ ۾ ھڪ ڊگھي پرامن سگهاري جدوجھد ھلائڻ جي ضرورت آھي

اسلام آباد

پختونخواھ مِلي عوامي پارٽيءَ جي سربراھ ۽ سينئر سياستدان محمود خان اچڪزئيءَ چيو آھي تہ ھن وقت عملي طور مُلڪ جو آئين معطل اھي ۽ قومن جي وسيلن تي قبضو ٿي چُڪو آھي.

آچر ڏينھن ھتي پنھنجي رھائشگاھ تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊوڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ راحيل ڀٽو ۽ مرڪزي تعليمي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي سان ڳالھائيندي ھن اھڙن خيالن جو اظھار ڪيو.

ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ محمود خان اچڪزئي چيو ته ھن وقت ملڪ ھڪ نازڪ صورتحال مان گذري رھيو آھي. صوبن جا بنيادي حق غضب ڪيا ويا آھن. عوام ۾ وڏي بي چيني آھي. جمهوريت پسند عوام دوست سياسي ڌرين کي سڄي ملڪ ۾ ھڪ ڊگھي پرامن سگهاري جدوجھد ھلائڻ جي ضرورت آھي.  سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ خيبر پختون خوا جو عوام جدوجھد لاءِ تيار آھي. جمهوريت پسند، وطن دوست سياسي پارٽين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ھن وقت ھڪ ئي وقت تي ملڪ جو آئين معطل آهي. قومن  جي بنيادي حقن ۽ وسيلن تي قبضو ٿي چڪو آھي. ملڪ جي ترقي، خوشحالي، امن ۽ استحڪام ھڪ ئي بنيادي ڳالھ ذريعي ٿي سگھي ٿو ته ھن ملڪ ۾ شامل سمورين قومن جا وسيلا پاڻي، زمينون، معدني وسيلا ان قوم جون ملڪيتون ھجن. سنڌ جا وسيلا سنڌ جي زمين سنڌين لاءِ،  بلوچستان بلوچن لاءِ، پختونخوا پشتونن لاءِ ۽ پنجاب پنجابين لاءِ.

 ملاقات ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته سنڌو درياه تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ جي زمينن تي قبضن ۽ سنڌ جي معدني وسيلن جي ڦرلٽ خلاف  سنڌ ۾ پرامن جدوجھد ھلي رھي آھي. اقتداري ڌر پيپلز پارٽي سنڌ جي معدني وسيلن، زمينن ۽ سنڌو درياهه جو سودو ڪري  آئين جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا آھن۔ ھن وقت پاڪستان جي حڪمرانن جي آمريڪا سامراج سان ويجهڙائي سنڌ سميت سموري ملڪ جي عوام لاءِ خطري جي گھنٽي آھي. امريڪا جي سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ موجود تيل گيس ۽ معدني وسيلن جي  ذخيرن تي نظر آھي ۽ ملڪ جون اصل اقتداري ڌريون نيلام گھر کوليو ويٺيون آھن۔  سنڌ جيڪو سڀ کان وڌيڪ تيل  گيس ۽ ڪوئلو ڏئي رھي آھي. ان سنڌ جي ماڻھن جو حشر ھي ڪيو ويو آھي ته انھن وٽ کائڻ لاء ھڪڙي ويلي جي ماني به ناھي۔ سنڌين کي تيل ڪمپنين ۽ ٿر ڪول ۾ نوڪريون ڏيڻ لاءِ تيار ناھن۔  اسان جا نوجوان روزاني خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن۔  پيپلز پارٽي جي 17 سالن جي حڪومت سنڌي ماڻھن کي صرف ڪرپشن، بک، بدحالي، دھشتگردي ۽ ڌاڙيل گردي ڏني آھي۔  تعليم صحت ۽ ترقي جا اربين کربين روپيا ڪرپشن ڪري کائي ويا آھن. سنڌ جي ماڻھن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪرپٽ حڪمراني خلاف ھلچل آھي۔  سنڌ حڪومت سنڌي عوام مٿان آمريت مڙھي ڇڏي آھي۔ ميرٽ جو جنازو نڪتل آھي۔  ھڪڙي پٽيوالي جي نوڪري کان وٺي 17 ھين گريڊ جي نوڪري پيسن کان سواءِ نٿي ملي۔ پيپلز پارٽي  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ھڪ آئيني اداري مان ڦيرائي نوڪريون کپائڻ جو دڪان ڪري ڇڏيو آھي۔  انھن سڀني مسئلن جو حل پرامن جمھوري جدوجھد ۾ آھي۔  سنڌ، بلوچستان، خيبرپختون خواہ ۽ پنجاب جي عوام جي گڏيل پرامن سياسي جدوجھد ئي اسان کي ھنن مصيبتن کان آجو ڪري سگھي ٿي.  (پريس رليز)

___________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button