جڏهن انصاف جا در بند ٿي وڃن ته سماج ۾ بغاوت جنم وٺندي آهي!
هڪ طرف سياست کي عوامي خدمت بدران ڪاروبار بڻائيندڙ طبقو آهي، جيڪو عوام جي ووٽن، اميدن ۽ وسيلن تي قبضو ڪري ڪروڙين ۽ اربين روپين جون ملڪيتون ٺاهڻ ۾ مصروف آهي، ته ٻئي طرف اها ڪامورا شاهي آهي، جيڪا عوام جي خدمت ڪرڻ بدران اقتدار جي ايوانن ۾ پنهنجا مفاد محفوظ ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿي. جتي سرڪاري عهدن کي قابليت ۽ ميرٽ بدران رشوت، سفارش ۽ سياسي وفادارين ذريعي حاصل ڪرڻ جون ڳالهيون ٿين، اتي عوام کي انصاف ملڻ جي اميد ڪيئن ٿي رکي سگهجي؟

شير محمد خان
جڏهن ماڻهن کي پنهنجن بنيادي حقن جي حاصلات ۽ انصاف لاءِ در در جون ٺوڪرون کائڻيون پون، جڏهن مظلوم جي دانهن ٻڌڻ وارو ڪو بہ نه هجي ۽ طاقتور قانون کان مٿانهان بڻجي وڃن، تڏهن سماج آهستي آهستي برائين، بيحسي، مايوسي ۽ غير انساني ريتن رسمن ڏانهن ڌڪجڻ لڳندو آهي. اهڙي سماج ۾ اخلاقي قدر ڪمزور ۽ مفادن جا بت مضبوط ٿيڻ لڳندا آهن.
هڪ طرف سياست کي عوامي خدمت بدران ڪاروبار بڻائيندڙ طبقو آهي، جيڪو عوام جي ووٽن، اميدن ۽ وسيلن تي قبضو ڪري ڪروڙين ۽ اربين روپين جون ملڪيتون ٺاهڻ ۾ مصروف آهي، ته ٻئي طرف اها ڪامورا شاهي آهي، جيڪا عوام جي خدمت ڪرڻ بدران اقتدار جي ايوانن ۾ پنهنجا مفاد محفوظ ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿي. جتي سرڪاري عهدن کي قابليت ۽ ميرٽ بدران رشوت، سفارش ۽ سياسي وفادارين ذريعي حاصل ڪرڻ جون ڳالهيون ٿين، اتي عوام کي انصاف ملڻ جي اميد ڪيئن ٿي رکي سگهجي؟
وڌيڪ افسوسناڪ صورتحال اها آهي ته قانون جا رکوالا، جن جي ذميواري ڪمزور ۽ مظلوم ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ آهي، سي جيڪڏهن طاقتور ڌرين جي درن تي حاضريون ڀرين ۽ سندن مفادن جا محافظ بڻجي وڃن ته پوءِ عام ماڻهو پنهنجي فرياد کڻي ڪنهن وٽ وڃي؟
جتي مذهب کي انسانيت، محبت ۽ رواداريءَ جو پيغام بڻائڻ بدران فرقيواريت ۽ نفرت پکيڙڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي، جتي ماڻهن کي ذات، نسل، برادري ۽ فرقن جي نالي تي ورهائي سياسي ۽ سماجي مفادن لاءِ استعمال ڪيو وڃي، اتي گڏيل شعور، اتحاد ۽ سماجي انصاف ڪيئن پيدا ٿيندو؟
هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ زندگيءَ جا رستا اڳ ئي محدود آهن. روزگار جي کوٽ، مهانگائي، بيروزگاري، صحت جي ناقص سهولتن ۽ تعليم جي وڌندڙ خرچن سندس زندگيءَ کي هڪ مسلسل امتحان بڻائي ڇڏيو آهي. سرڪاري اسپتالن ۾ علاج جون سهولتون اڻپوريون، سرڪاري اسڪولن ۾ تعليمي معيار ڪمزور ۽ انصاف جا دروازا عام ماڻهوءَ لاءِ ڏکيا بڻجي وڃن ته پوءِ هو پنهنجي ٻارن جو مستقبل ڪيئن محفوظ بڻائي؟
جڏهن هڪ غريب پيءُ پنهنجي ٻار جي علاج لاءِ قرض کڻي ٿو، پنهنجي نياڻيءَ جي تعليم لاءِ پريشان رهي ٿو ۽ روزگار لاءِ سفارشون ڳولي ٿو، تڏهن سندس اندر ۾ رياست ۽ نظام بابت سوال پيدا ٿيڻ فطري ڳالهه آهي. جڏهن ايمانداري سان زندگي گذارڻ ڏکيو ۽ ناجائز طريقي سان اڳتي وڌڻ آسان بڻايو وڃي ته سماج جي اخلاقي بنيادن کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو آهي. اهڙي ماحول ۾ ڪجهه ماڻهو رشوت ۽ ڪرپشن کي به پنهنجي مجبوري يا جائز حق سمجهڻ لڳندا آهن، جيڪا ڪنهن به سماج لاءِ انتهائي خطرناڪ صورتحال آهي.
اصل سوال اهو آهي ته رياست آخر ڪنهن لاءِ آهي؟ ڇا رياست صرف انهن خاندانن، بااثر ماڻهن ۽ مخصوص طبقن جي ملڪيت آهي، جيڪي نسل در نسل اقتدار ۽ اختيار تي قابض آهن؟ ڇا عوام جو ڪردار صرف ووٽ ڏيڻ، ٽيڪس ادا ڪرڻ ۽ حڪمرانن جا حڪم مڃڻ تائين محدود آهي؟ جيڪڏهن عوام کي صحت، تعليم، روزگار، تحفظ ۽ انصاف ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي ته پوءِ انهن ذميوارين کان مسلسل غفلت ڪندڙن کان جوابدهي ڪير ڪندو؟
جڏهن رياستي ادارن ۾ عوام جي نمائندگيءَ بدران ذاتي وفاداريون، اقربا پروري ۽ طاقتور ماڻهن جا مفاد غالب ٿي وڃن ته پوءِ ادارا عوام جو اعتماد وڃائي ويهندا آهن. اهڙي نظام ۾ چند خاندان ۽ سندن پيروڪار ننڍن ننڍن فرعونن جو روپ اختيار ڪري وٺندا آهن، جن کي عام ماڻهوءَ جي تڪليف، بک، بي روزگاري ۽ بي وسيءَ جو احساس ئي نه رهندو آهي.
دادو وارو تازو واقعو به اسان کي رڳو هڪ انفرادي واقعي طور ڏسڻ بدران ان جي پويان موجود سماجي، معاشي ۽ انتظامي حالتن تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي دعوت ڏئي ٿو. ڪنهن به واقعي جي مڪمل حقيقت سامهون اچڻ کان اڳ ڪنهن تي الزام مڙهڻ مناسب ناهي، پر اهڙا واقعا اسان کان اهو سوال ضرور پڇن ٿا ته آخر اسان جو سماج ڪهڙي طرف وڃي رهيو آهي؟ ماڻهن جي اندر ايتري مايوسي، بي اعتمادي ۽ بي وسي ڇو وڌي رهي آهي؟
اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ڪنهن به سماج ۾ امن صرف پوليس جي موجودگي، حڪومتي بيانن يا سخت قانونن سان قائم نٿو رهي. حقيقي امن تڏهن پيدا ٿيندو آهي، جڏهن انصاف سڀني لاءِ هڪجهڙو هجي، قانون طاقتور ۽ ڪمزور ٻنهي تي لاڳو ٿئي، تعليم ۽ صحت هر ماڻهوءَ جي پهچ ۾ هجن، روزگار جا موقعا ميرٽ تي ملن ۽ حڪمران عوام آڏو جوابده هجن.
اسان کي اهڙي سماج جي ضرورت آهي، جتي ڪنهن غريب کي انصاف لاءِ پنهنجي عزت، پئسو ۽ وقت قربان نه ڪرڻو پوي؛ جتي ڪنهن نياڻيءَ جي تحفظ لاءِ سندس خاندان کي در در جون ٺوڪرون نه کائڻيون پون؛ جتي ڪنهن نوجوان کي پنهنجو مستقبل بچائڻ لاءِ رشوت ۽ سفارش جو سهارو نه وٺڻو پوي.
ياد رکڻ گهرجي ته مظلوم جي خاموشي هميشه رضامندي ناهي هوندي، ڪڏهن اها سندس بي وسيءَ جي آخري حد هوندي آهي. جڏهن سماج جي اندر انصاف جي اميد ختم ٿيڻ لڳندي آهي ته ماڻهن جو ادارن تان اعتماد به ختم ٿي ويندو آهي. ۽ جنهن سماج مان انصاف، برابري ۽ انساني وقار ختم ٿي وڃي، اتي ترقيءَ جا وڏا وڏا نعرا به بي معنيٰ بڻجي ويندا آهن.
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان واقعن تي رڳو افسوس ڪرڻ بدران انهن جي بنيادي سببن تي سوال اٿاريون. اسان کي شخصيتن جي پوڄا نه، پر ادارن جي سڌاري، قانون جي بالادستي، شفاف احتساب ۽ عوامي حقن جي حاصلات لاءِ آواز بلند ڪرڻو پوندو. ڇو ته ڪنهن به قوم جي حقيقي تباهي غربت سان نه، پر ان وقت شروع ٿيندي آهي، جڏهن ان قوم کان انصاف جي اميد، سوال ڪرڻ جي جرئت ۽ پنهنجي حقن لاءِ بيهڻ جو حوصلو کسي ورتو وڃي.
رياست عوام لاءِ هوندي آهي، عوام رياست لاءِ قربانيءَ جو ٻڪر ناهي!
___________



